مڪاشفو 20 - Hindu Sindhi Bibleهزار سالن جو زمانو 1 اُن کان پوءِ مون هڪڙي دوت کي آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ اوڙاهہ جي چاٻي ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو. 2 هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو. 3 هن کيس انهيءَ اوڙاهہ ۾ اڇلائي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ تالي تي مُهر هڻي ڇڏيائين، تہ جيئن هزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري نہ ڀَٽڪائي. انهيءَ کان پوءِ ضروري آهي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي. 4 پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوجا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيوت ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا رهيا. 5 اهو پهريون جيوت ٿي اٿڻ آهي. جيستائين هزار سال پورا نہ ٿيا، تيستائين ٻيا مئل جيوت نہ ٿيا. 6 سڀاڳا ۽ پوِتر آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيوت ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي ايشور ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا. شيطان کي شڪست 7 جڏهن هزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان آزاد ڪيو ويندو. 8 هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني جوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي. 9 مون ڏٺو تہ هو ڌرتيءَ تي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ ايشور جي پياري شهر کي وڪوڙي ويا جتي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀيئي گڏجي رهن ٿا. ان وقت آڪاش مان باهہ نڪتي ۽ وڪوڙڻ وارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. 10 پوءِ شيطان جنهن کين دوکو ڏنو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو، جتي پهرئين حيوان ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ ٻئي حيوان کي اڇلايو ويو هو. اهي رات ڏينهن اتي هميشہ هميشہ تائين ايذاءَ پيا سهندا. انتم عدالت 11 پوءِ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري ڌرتي ۽ آڪاش گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا. 12 مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ شاستر، يعني جيون شاستر کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا شاستر بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن شاسترن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو. 13 جيڪي بہ مئل ماڻهو سمنڊ ۾ هئا توڙي موت جي قبضي ۾ اچي مئلن جي سنسار ۾ هئا، سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ هر هڪ جو فيصلو سندس عملن موجب ڪيو ويو. 14 ان کان پوءِ موت ۽ مئلن جي سنسار کي ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي. 15 جنهن جو بہ نالو جيون شاستر ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society