مڪاشفو 19 - Hindu Sindhi Bible1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! مڪتي، تيج ۽ شڪتي اسان جي ايشور جي آهي. 2 بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور وئشيا جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان سنسار کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ايشور هن کان پنهنجي داسن جي خون جو بدلو ورتو.“ 3 انهيءَ وڏي ميڙ وري ٻيو دفعو چيو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! ڏسو، انهيءَ وڏي شهر بابل جو دونهون هميشہ هميشہ تائين پيو اٿندو رهندو.“ 4 تنهن تي اهي چوويهہ مهاتما ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل ايشور آڏو سيس نوائيندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل پرڀو پرميشور جي مهما هجي!“ 5 ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي ايشور جا داسؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي ايشور جي مهما ڪريو.“ مهان شاديءَ جي دعوت 6 پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! ڇاڪاڻ تہ پرڀو اسان جو ايشور جيڪو سروِشڪتيوان آهي، تنهن جو راڄ ڌرتيءَ تي قائم ٿي ويو آهي. 7 اچو تہ اسين خوش ٿيون ۽ خوشيون ملهايون ۽ سندس مهانتا ظاهر ڪريون، ڇاڪاڻ تہ گھيٽڙي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آهي. 8 هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“ 9 ان کان پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي ايشور جا سچا لفظ آهن.“ 10 تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“ اڇي گھوڙي وارو سوار 11 پوءِ مون کي آڪاش کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو. 12 هن جون اکيون ڄڻ تہ باهہ جا شعلا آهن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آهن. هن تي هڪڙو نالو لکيل آهي، جيڪو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي. 13 هن جي پوشاڪ رت سان ڀريل آهي ۽ سندس سڃاڻپ ”ايشور جو وچن“ آهي. 14 آڪاش جا لشڪر سنهي وٽيل سڻيءَ جون اڇيون ۽ صاف سٿريون پوشاڪون پهري اڇن گھوڙن تي سوار سندس پٺيان پئي آيا. 15 هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ سروِشڪتيوان ايشور جي خوفناڪ ڏمر واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو. 16 هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”راجائن جو راجا ۽ پرڀوئن جو پرڀو.“ 17 ان وقت مون سج ۾ هڪڙو دوت بيٺل ڏٺو، جنهن مٿي اڏامندڙ سڀني پکين کي وڏي آواز سان سڏ ڪري چيو تہ ”اچو ۽ ايشور جي رسوئيءَ واري وڏي دعوت ۾ شريڪ ٿي ڪري 18 راجائن، سپهہسالارن، سپاهين، گھوڙن ۽ انهن جي سوارن جو ماس کائو. پوءِ اهي آزاد هجن توڙي غلام، ننڍا هجن توڙي وڏا، تن سڀني جو ماس کائو.“ 19 پوءِ مون انهيءَ حيوان، ڌرتيءَ جي راجائن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. 20 تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي چمتڪار ڏيکاري ڀَٽڪائي ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوجا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيوت ئي اڇلايا ويا. 21 باقي ٻيا ماڻهو انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنهن سان ماريا ويا، جن جو ماس کائي سڀني پکين ڍءُ ڪيو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society