مڪاشفو 18 - Hindu Sindhi Bibleبابل جي بربادي 1 ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو دوت آڪاش مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جوت جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي. 2 هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو برين آتمائن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر اپوِتر آتما جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن اپوِتر ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو. 3 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي راجائن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ سنسار جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“ 4 پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي پاپن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي، 5 ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جا پاپ ايشور جي تخت تائين اچي پهتا آهن، ۽ ايشور کي هن جون بدڪاريون ياد آهن. 6 اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو. 7 جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجي دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ وڌوا نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘ 8 انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، پرڀو پرميشور نهايت شڪتيوان آهي.“ 9 ڌرتيءَ جي جن راجائن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا. 10 اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“ 11 سنسار جا سوداگر بہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ رهيو هوندو جيڪو سندن هي مال خريد ڪري، جهڙوڪ: 12 سون، چاندي، هيرا جواهرات، موتي، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، ريشمي توڙي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهو ڪپڙو، سڀ سرهيون ڪاٺيون، عاج توڙي تمام قيمتي ڪاٺ مان ۽ پتل، لوهہ ۽ سنگمرمر مان ٺهيل هر قسم جون شيون، 13 دالچيني، ننڍا ڦوٽا، اگربتي، عطر، لوبان، مئي، زيتون جو تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ وڪري لاءِ پڪڙيل انسان. 14 اهي سوداگر بابل شهر کي چوندا تہ ”تنهنجا دل پسند ميوا تو وٽان هليا ويا ۽ سموريون لذيذ ۽ عيش عشرت واريون شيون جيڪي تو وٽ هيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون.“ 15 انهن شين جا سوداگر جيڪي کيس اهي شيون وڪڻڻ جي ڪري دولتمند ٿي ويا هئا، سي هن جا ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي روئندي پٽيندي 16 چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اها وڏي وسندي جيڪا سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي پوشاڪ پهريندي هئي ۽ سون، هيرا جواهرات ۽ موتين سان سينگاريل هوندي هئي، 17 تنهن جي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“ سامونڊي جهازن جا ڪپتان، مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي سڀيئي پري بيهي رهندا. 18 اهي هن شهر جي سڙڻ جو دونهون ڏسي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”ڇا ڪڏهن ڪو هن جهڙو وڏو شهر هو؟“ 19 اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“ 20 مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آڪاش! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلؤ! اي يسوع بابت خوشخبري ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“ 21 پوءِ هڪڙي ٻلوان دوت جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو. 22 اي وڏا شهر بابل! ستارَ، بانسري، توتاري توڙي ڳائڻ جو آواز وري تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. 23 ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀَٽڪي ويون آهن. 24 ايشور جو سنديش ڏيندڙن توڙي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن، مطلب تہ جن کي بہ ڌرتيءَ تي ڪُٺو ويو آهي، تن سڀني جو رت تو ۾ ٿو ملي.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society