مڪاشفو 16 - Hindu Sindhi Bibleايشور جي ڏمر جا پيالا 1 پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن دوتن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ ايشور جي ڏمر جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“ 2 پهرئين دوت وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت اڳيان سيس نوائيندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا. 3 ٻئي دوت پنهنجو پيالو سمنڊ تي هاريو تہ انهيءَ جو پاڻي مئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساهوارا مري ويا. 4 جڏهن ٽئين دوت پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو. 5 ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو، 6 ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“ 7 ايتري ۾ مون ٻليدان واري جاءِ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“ 8 چوٿين دوت پنهنجو پيالو سج تي هاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي. 9 سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو ايشور، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس مهانتا ڪن. اٽلندو هو سندس نندا ڪرڻ لڳا. 10 پنجين دوت پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي راڄ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا 11 ۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آڪاش جي ايشور جي خلاف نندا ڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون. 12 جڏهن ڇهين دوت پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان راجا پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن. 13 ان وقت مون ٽي اپوِتر آتمائون ڏيڏرن جي شڪل ۾ ڏٺيون، جيڪي ازدها جي وات مان، پهرئين حيوان جي وات مان ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان نڪتيون. 14 اهي ڏيڏر ڀوتن جون آتمائون آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي راجائن وٽ وڃي چمتڪار ڏيکارين ٿيون، تہ جيئن سروِشڪتيوان ايشور جي مهان ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن. 15 انهيءَ ڪري پرڀو يسوع فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“ 16 پوءِ انهن اپوِتر آتمائن راجائن کي انهيءَ هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ هرمجدون ٿا چون. 17 جڏهن ستين دوت پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“ 18 انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي. 19 زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ سنسار جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين ايشور اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي ڏمر جي مئي جو پيالو پيئاريو. 20 سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رهيو. 21 ماڻهن تي آڪاش مان وڏا وڏا ڳڙا وسيا، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هو. انهن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻهو ايشور جي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ اها آفت ڏاڍي سخت هئي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society