Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 15 - Hindu Sindhi Bible


انتم آفتن وارا دوت

1 پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست دوت جن وٽ ست آفتون هيون. اهي آفتون آخري آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن تي ايشور جو ڏمر پورو ٿئي ٿو.

2 مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي حاوي پيا هئا، سي ايشور جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.

3 اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!

4 اي پرڀو! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي مهانتا ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پوِتر آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سيس نوائينديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“

5 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڏٺو تہ هيڪل يعني ايشور سان ملاقات واري جاءِ کُليل نظر آئي.

6 انهيءَ مان اهي ست دوت نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا.

7 پوءِ انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي انهن ستن دوتن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جي ڏمر سان ڀريل هئا.

8 هيڪل ايشور جي تيج ۽ سندس شڪتيءَ جي دونهين سان ڀرجي ويئي ۽ جيستائين انهن ستن دوتن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ هيڪل ۾ گھڙي نہ سگھيو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan