Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 14 - Hindu Sindhi Bible


گھيٽڙو ۽ سندس مخصوص ڪيل ماڻهو

1 پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پتا جو نالو لکيل آهي.

2 ان وقت مون آڪاش ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا.

3 اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي اڳيان بيهي هڪ نئون ڀڄن ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي سنسار مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو ڀڄن سکي ٿي سگھيا.

4 اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پوِتر رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن ايشور ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.

5 انهن جي واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اهي بي‌عيب آهن.


ٽن دوتن جا اُپديش

6 تنهن کان پوءِ مون هڪڙو دوت مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ هميشہ واري خوشخبري هئي.

7 هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”ايشور جو خوف رکندي سندس مهانتا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“

8 هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو دوت آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي.“

9 انهن ٻنهي دوتن جي پٺيان هڪڙو ٽيون دوت آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪي ماڻهو انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ پنهنجي پيشانيءَ يا هٿ تي سندس نشان هڻائين ٿا،

10 تن کي ايشور جي ڏمر جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي ڏمر جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پوِتر دوتن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو ايذاءُ ڏنو ويندو.

11 انهن جي ايذاءَ جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“

12 مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي ايشور جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ يسوع تي وشواس ٿا رکن.

13 پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي پرڀو يسوع جا ٿي ٿا مرن.‘“ پوِتر آتما چوي ٿي تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


ڌرتيءَ تي لابارو

14 پوءِ مون نهاريو تہ هڪ اڇو ڪڪر آهي ۽ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ڪڪر تي انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ويٺل آهي! هن جي مٿي تي سونو تاج هو ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو هئس.

15 ايتري ۾ هڪڙو دوت آڪاشي هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“

16 تنهن تي ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص پنهنجو ڏاٽو ڌرتيءَ تي ڦيرايو تہ فصل لڻجي ويو.

17 ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو دوت آڪاشي هيڪل مان نڪتو، جنهن جي هٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو هو.

18 پوءِ هڪڙو ٽيون دوت بہ آيو جيڪو ٻليدان واري جاءِ مان نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو. هن تکي ڏاٽي واري دوت کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪر، ڇاڪاڻ تہ انگور پچي بلڪل راس ٿي ويا آهن.“

19 انهيءَ دوت پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو ايشور جي ڏمر جو حوض آهي.

20 شهر کان ٻاهر انهيءَ حوض ۾ انگور پيڙيا ويا تہ انهن مان رت نڪتو، جيڪو ايترو تہ هو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ ٽي سؤ ڪلوميٽرن تائين وهي هليو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan