مڪاشفو 13 - Hindu Sindhi Bibleٻہ حيوان 1 پوءِ مون هڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. سندس هر سڱ تي هڪ تاج هو ۽ سندس هر مٿي تي ايشور نندا جو هڪ نالو لکيل هو. 2 مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو. 3 مون ڏٺو تہ هن جي هڪڙي مٿي تي ڄڻ تہ موتمار ڌڪ لڳل هو، پر اهو زخم ڇٽي ويو هو. ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو حيران ٿي ويا ۽ انهيءَ حيوان جا پوئلڳ بڻجي ويا. 4 ماڻهن ازدها اڳيان سيس نوايو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان اڳيان بہ سيس نوايو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“ 5 انهيءَ حيوان کي ايشور نندا جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ويون. هن کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويو. 6 سو هن پنهنجو وات کوليو ۽ ايشور جي خلاف نندا ڪرڻ لڳو. هائو، هو ايشور جي نالي ۽ سندس تخت جي خلاف ۽ اتي رهڻ وارن جي خلاف نندا ڪندو رهيو. 7 انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو. 8 ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي. 9 جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي تہ 10 جيڪڏهن ڪو قيد ٿيڻو آهي تہ اهو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آهي تہ اهو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم ۽ وشواس ۾ مضبوط رهن. 11 پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي ڌرتيءَ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو. 12 انهيءَ حيوان پهرئين حيوان جي روبرو سندس سڄو اختيار ٿي هلايو. هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن کان انهيءَ پهرئين حيوان اڳيان سيس ٿي نورايو، جنهن جو موتمار زخم ڇٽي ويو هو. 13 هُن وڏا چمتڪار ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آڪاش مان ڌرتيءَ تي باهہ ٿي وسايائين. 14 اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو. 15 انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ آتما ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ اڳيان سيس نہ نوائين تن کي مارائي ڇڏي. 16 انهيءَ ٻئي حيوان وڏن توڙي ننڍن، دولتمندن توڙي غريبن، آزادن توڙي غلامن سڀني کي سندن ساڄي هٿ يا پيشانيءَ تي هڪڙو نشان هڻائي ڇڏيو. 17 ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اهو نشان نہ هجي، يعني انهيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد. 18 انهيءَ ڳالهہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي ڏاهپ جي ضرورت آهي. جنهن کي سمجھہ آهي سو انهيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو عدد آهي ۽ اهو عدد ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society