Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 11 - Hindu Sindhi Bible


ٻہ شاهد

1 پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي ايشور جي هيڪل ۽ ان جي ٻليدان واري جاءِ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ ڀڳتي ڪن ٿا تن کي ڳڻ.

2 پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پوِتر شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون.

3 آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي سنديش ٻڌائين.“

4 اهي ٻہ شاهد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي شرڻ ۾ بيٺا آهن.

5 جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.

6 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آڪاش بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو سنديش ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.

7 پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن حاوي پئي کين ماري وڌائين.

8 سندن لاش انهيءَ شهر جي وڏي رستي تي پيا رهيا، جتي انهن جي پرڀوءَ کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو. انهيءَ وڏي شهر کي علامتي طور سدوم ۽ مصر سان ڀيٽي سگھجي ٿو.

9 انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون.

10 ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.

11 اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ ايشور انهن شاهدن ۾ وري جيون جي آتما ڦوڪي ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي.

12 ان وقت ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن شاهدن آڪاش مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آڪاش ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.

13 انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي آڪاش واري ايشور جي مهانتا مڃڻ لڳا.

14 ائين ٻي مصيبت بہ لنگھي ويئي. هاڻ ٽين مصيبت جلد اچڻ واري آهي.


ستون توتارو

15 جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“

16 پوءِ اهي چوويهہ مهاتما جيڪي ايشور جي اڳيان پنهنجي پنهنجي تخت تي ويٺا هئا، سي منهن ڀر ڪري ايشور اڳيان سيس نوائي

17 چوڻ لڳا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجو شڪر ادا ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي شڪتي ڏيکاري راڄ ڪرڻ لڳو آهين.

18 قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو ڏمر پرگھٽ ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا داس، يعني تو ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پوِتر ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن ڦل ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“

19 پوءِ ايشور جي هيڪل جيڪا آڪاش ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس ٻڌل وچن واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan