Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 10 - Hindu Sindhi Bible


دوت ۽ ننڍڙو ويڙهوٽو

1 پوءِ مون هڪڙي شڪتيوان دوت کي آڪاش مان لهندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ويڙهيل هو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ هئي. هن جو منهن سج جهڙو هو ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.

2 هن جي هٿ ۾ هڪڙو ننڍڙو کُليل ويڙهوٽو هو. هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو.

3 پوءِ هن وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪئي جهڙي شينهن جي گجگوڙ. هن جي رڙ ڪرڻ سان گجندڙ ڪڪرن جا ست آواز ٿيا.

4 جڏهن گجگوڙن جا اهي ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون انهن جون ڳالهيون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آڪاش مان هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن چيو تہ ”جيڪي ڳالهيون انهن ستن گجندڙ آوازن ڪيون، تن کي ڳجھو رک ۽ لک نہ.“

5 ان کان پوءِ جنهن دوت کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺل ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آڪاش ڏانهن کنيو

6 ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.

7 پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن ستون دوت توتارو وڄائڻ وارو هوندو تڏهن ايشور پنهنجي ڀيد جون ڳالهيون پوريون ڪندو، جيڪي هن پنهنجي داسن يعني سنديش ڏيندڙ سنتن کي ٻڌايون هيون.“

8 پوءِ جيڪو آواز مون آڪاش مان ٻڌو هو، تنهن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو دوت سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اهو کُليل ويڙهوٽو وٺ.“

9 آءٌ انهيءَ دوت وٽ ويس ۽ کيس وينتي ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“

10 مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو دوت کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو.

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ راجائن جي باري ۾ ايشور جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan