Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

فلپين 2 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح جهڙو سڀاءُ رکو

1 هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس پريم مان تسلي ٿئي ٿي، پوِتر آتما سان سنگت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ ديا حاصل آهي،

2 تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙو پريم رکو، هڪ جان ٿيو ۽ هم‌خيال رهو.

3 ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي.

4 اوهان مان هر هڪ رڳو پنهنجي باري ۾ نہ، پر ٻين جي باري ۾ بہ سوچي.

5 اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو يسوع مسيح جو هو.

6 جيتوڻيڪ هو پاڻ ايشور جو روپ هو، تہ بہ هن ايشور سان برابر هئڻ جي درجي کي زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.

7 اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ داس جو روپ ڌاري انسانن جهڙو ٿي ويو.

8 انساني شڪل ۾ ظاهر ٿي ڪري هن پاڻ کي هيٺاهون ڪيو، ۽ ايتري قدر فرمانبردار رهيو جو موت، بلڪ سوليءَ وارو موت قبول ڪيائين.

9 تنهنڪري ئي ايشور هن کي تمام گھڻو مٿاهون ڪيو، ۽ کيس اهو نالو بخشيائين جيڪو هر نالي کان اتم آهي.

10 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جي نالي تي هر ڪو گوڏا کوڙي، پوءِ اهو آڪاش تي هجي يا ڌرتيءَ تي، يا وري هيٺ پاتال ۾ هجي،

11 ۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”يسوع مسيح ئي پرڀو آهي،“ تہ جيئن ايشور پتا جي مهانتا جي مهما ٿئي.


وشواسي ماڻهو سنسار لاءِ روشنيءَ مثل

12 تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي.

13 جڏهن تہ اهو ايشور ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.

14 سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رهو،

15 تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ ڀَٽڪيل ماڻهن جي هن سنسار ۾ ايشور جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آڪاش ۾ ستارا

16 ۽ انهن منجھہ جيون جي سنديش تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.

17 پوءِ ڀلي اوهان جي وشواس واري سيوا جيڪا هڪ ٻليدان مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.

18 اوهين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو.


تيمٿيس ۽ اِپفروديتس

19 مون کي اميد آهي تہ پرڀو يسوع جي مرضيءَ سان آءٌ تيمٿيس کي جلد اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ جيئن هن کان هڪٻئي جو حال احوال ٻڌي اوهان سان گڏ مون کي بہ دلجاءِ ٿئي.

20 مون وٽ هن جهڙو ٻيو ڪوبہ هم‌خيال ماڻهو ڪونهي، جنهن کي سچ پچ اوهان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي هجي.

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو يسوع مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.

22 جڏهن تہ تيمٿيس جي ڀروسي جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين سيوا ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پتا سان گڏجي ڪم ڪري.

23 تنهنڪري جڏهن آءٌ ڏسندس تہ منهنجيون موجودہ ڳالهيون حل ٿي ويون آهن، تڏهن اميد اٿم تہ کيس هڪدم اوهان ڏانهن روانو ڪندس،

24 بلڪ مون کي پرڀو يسوع تي ڀروسو آهي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.

25 هن وقت آءٌ اهو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوهان ڏانهن موڪليان، جيڪو مسيح ۾ منهنجو ڀاءُ، ساٿي سيواداري ۽ ساٿي سپاهي آهي. هي اوهان جو نياپو پهچائيندڙ بہ آهي، جنهن کي اوهان منهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سيوڪ طور مون ڏانهن موڪليو هو.

26 آءٌ کيس انهيءَ ڪري واپس موڪليان ٿو جو اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ اٿس، بلڪ هو بي‌چين ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو هو.

27 هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر ايشور مٿس ديا ڪئي، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.

28 تنهنڪري مون کي اڃا بہ وڌيڪ خيال ٿيو تہ کيس جلدي اوهان ڏانهن موڪليان، تہ جيئن اوهين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منهنجي چنتا بہ گھٽجي وڃي.

29 سو پرڀو يسوع ۾ وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ هن جهڙن شخصن کي مان ڏيندا رهجو،

30 ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي سيوا خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي سيوا ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan