Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

فلپين 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.

2 شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


فلپين لاءِ پولس جي پرارٿنا

3 جڏهن بہ اوهين ياد اچو ٿا، تڏهن آءٌ پنهنجي ايشور جو شڪر ٿو ڪريان.

4 هر اها پرارٿنا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو ڪريان سا هميشہ خوشيءَ سان ڪندو آهيان،

5 ڇاڪاڻ تہ اوهين پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ مون سان شريڪ رهيا آهيو.

6 مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ ايشور جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو يسوع مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.

7 سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ ايشور جي ڪرپا ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جو پرچار ڪرڻ وقت بہ.

8 ڏسو، ايشور منهنجو شاهد آهي تہ يسوع مسيح جي پريت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.

9 سو منهنجي پرارٿنا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ پريم گھڻي کان گھڻو وڌندو وڃي،

10 جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو.

11 اهڙيءَ طرح ايشور جي مهانتا ظاهر ڪرڻ ۽ سندس مهما لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو يسوع مسيح جي وسيلي ملي ٿو.


خوشخبري ڦهلجڻ ۾ پولس جي خوشي

12 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ مون سان جيڪي ڪجھہ ٿئي ٿو، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب ٿو بڻجي.

13 ايتري قدر جو راجائي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان.

14 ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن وشواسين جو پرڀو يسوع ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت سنديش ٻڌائين ٿا.

15 پوءِ انهن مان ڪي تہ مون سان ساڙ ۽ جھيڙي جي ڪري مسيح جو پرچار ڪن ٿا، تہ ڪي وري نيڪ نيتيءَ سان.

16 نيڪ نيتيءَ وارا پريم جي ڪري ائين ٿا ڪن. اهي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ مسيح بابت خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان.

17 پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ ساڙ جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جو پرچار ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي.

18 پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جو پرچار هر طرح سان ٿئي ٿو، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان. هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس،

19 ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي پرارٿنائن ۽ يسوع مسيح جي مليل آتما جي مدد سان آءٌ قيد مان ڇڏائجي ويندس.

20 حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي شرير جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيوت رهان يا مري وڃان.

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مون لاءِ جيوت رهڻ جي معنيٰ آهي مسيح، جڏهن تہ مرڻ جي معنيٰ آهي نفعو.

22 جيئن تہ هن شرير ۾ جيوت رهڻ ئي منهنجي انهيءَ سيوا واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.

23 آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن سنسار کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.

24 پر منهنجو شرير ۾ رهڻ اوهان جي خاطر وڌيڪ ضروري آهي.

25 انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيوت رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي وشواس ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو.

26 سو اوهان وٽ ٻيهر اچڻ سان منهنجي ڪري اوهان جو فخر يسوع مسيح ۾ گھڻو وڌي ويندو.

27 اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجو روزانو جيون مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پوِتر آتما ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي وشواس وڌندو رهي.

28 آءٌ اهو بہ ٻڌان تہ اوهين پنهنجن مخالفن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ نہ ٿا ڊڄو. اوهان جي وشواس واري اهڙي هلت هنن جي لاءِ برباديءَ جي نشاني آهي، پر اوهان جي لاءِ مڪتيءَ جي. اها نشاني ايشور جي طرفان آهي،

29 ڇاڪاڻ تہ مسيح جي خاطر اوهان تي اها ڪرپا ٿي آهي تہ نہ رڳو مٿس وشواس رکو، بلڪ هن جي لاءِ تڪليفون بہ سهو.

30 اوهين بہ خوشخبريءَ جي لاءِ ساڳيءَ سخت ڪوشش ۾ شامل آهيو، جيڪا اوهان مون کي ڪندي ڏٺي هئي ۽ هاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ آءٌ ائين ئي پيو ڪريان.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan