Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 9 - Hindu Sindhi Bible

1 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين ايشور جي راڄ کي شڪتيءَ سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“


يسوع مسيح جو جوتي روپ ۾ بدلجي پوڻ
( متي 17‏:1‏-13 ، لوقا 9‏:28‏-36 )

2 ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي هڪ مٿاهين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏهن انهن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي پيو.

3 سندس پوشاڪ اهڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو ڌرتيءَ جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اهڙو سفيد ڪري نہ سگھي.

4 پوءِ انهن موسيٰ سنت ۽ ايلياہ سنت کي ڏٺو، جيڪي يسوع سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا.

5 تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”گرو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. اسين هتي ٽي تنبو ٿا کوڙيون هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“

6 پطرس کي سڌ نہ پئي پوي تہ هو ڇا پيو چوي، ڇو تہ هو ۽ ٻيا چيلا ڏاڍا ڊڄي ويا هئا.

7 ايتري ۾ هڪڙي ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو هڪڙو ئي پيارو پٽ آهي. سو هن جي ڌيان سان ٻڌو.“

8 تڏهن انهن چيلن جلدي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر کين يسوع کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو.

9 پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ يسوع کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“

10 انهن يسوع جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ هن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيوت ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟“

11 تڏهن چيلن کانئس پڇيو تہ ”نيم شاستري ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟“

12 تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پوِتر شاستر ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ منش‌پتر گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

13 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو، پر ماڻهن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن هن بابت پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪيل آهي.“


ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ
( متي 17‏:14‏-21 ، لوقا 9‏:37‏-43 )

14 جڏهن يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ ٻين چيلن ڏانهن موٽي اچي رهيو هو تڏهن ڏٺائين تہ انهن جي چوڌاري ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ لڳو پيو آهي ۽ ڪي نيم شاستري انهن سان بحث ڪري رهيا آهن.

15 يسوع کي ايندو ڏسندي ئي سڀ ماڻهو خوشيءَ وچان ”واہ! واہ!“ ڪرڻ لڳا ۽ ڊوڙي وڃي سندس آڌرڀاءُ ڪيائون.

16 يسوع انهيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوهين منهنجي چيلن سان ڪهڙيءَ ڳالهہ تي بحث ڪري رهيا آهيو؟“

17 تنهن تي ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”اي گرو! مون پنهنجو پٽ اوهان وٽ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھس هڪ ڀوت آهي جنهن ڪري ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھي.

18 جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ شرير بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي چيلن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“

19 يسوع چين تہ ”اي بي‌وشواس قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“

20 انهن ڇوڪري کي وٽس آندو. يسوع کي ڏسندي ئي ڀوت ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گِگَ پئي وهيس.

21 يسوع ڇوڪري جي پتا کان پڇيو تہ ”ڪيتري عرصي کان هن جو هي حال آهي؟“ هُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي هوندي کان وٺي.

22 ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“

23 يسوع هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ ايشور تي وشواس رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“

24 تنهن تي ڇوڪري جي پتا هڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ وشواس رکان ٿو، پر جيڪڏهن منهنجو وشواس ڪامل نہ آهي تہ بہ مدد ڪريو.“

25 يسوع ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“

26 تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏهن ڇوڪرو مُڙدي جهڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ هو مري ويو آهي.

27 پر يسوع کيس هٿ کان وٺي اُٿاريو تہ هو اُٿي کڙو ٿيو.

28 جڏهن يسوع گھر پهتو تہ سندس چيلن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“

29 يسوع وراڻيو تہ ”اهڙي قسم جي ڀوت کي پرارٿنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آهي.“


ٻيو دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
( متي 17‏:22‏-23 ، لوقا 9‏:43‏-45 )

30 هو اتان اُٿي هليا ۽ گليل علائقي منجھان گذري ويا. يسوع نہ ٿي چاهيو تہ سندس اچڻ جي ڪنهن کي بہ خبر پوي،

31 ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“

32 پر اهي يسوع جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


وڏو ڪير؟
( متي 18‏:1‏-5 ، لوقا 9‏:46‏-48 )

33 يسوع ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ۾ آيا. پوءِ جڏهن اهي هڪڙي گھر ۾ پهتا، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کان پڇيو تہ ”رستي تي اوهان ڪهڙي ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو؟“

34 پر هنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇاڪاڻ تہ رستي تي هنن پاڻ ۾ هن ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو تہ منجھن سڀ کان وڏو ڪير آهي.

35 پوءِ يسوع ويهي رهيو ۽ انهن ٻارهن ئي سنتن کي سڏي چيائين تہ ”جيڪڏهن ڪو اڳيان ٿيڻ چاهي، تہ هو سڀني کان پويان ٿئي ۽ سڀني جو سيوڪ ٿئي.“

36 تڏهن هن هڪڙو ننڍو ٻار کڻي اڳيان بيهاريو ۽ کيس ڀاڪر پائي چيلن کي چيائين تہ

37 ”جيڪو منهنجي ڪري اهڙن ٻارن مان ڪنهن بہ هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن نہ رڳو مون کي بلڪ ايشور کي بہ قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي.“


مخالف ۽ طرفدار ڪير؟
( لوقا 9‏:49‏-50 )

38 پوءِ يوحنا يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍي رهيو هو. اسان هن کي منع ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ٽولي مان نہ هو.“

39 تنهن تي يسوع چين تہ ”هن کي منع نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو منهنجي نالي تي چمتڪار ڪري ۽ پوءِ جلد ئي منهنجي گلا ڪري سگھي.

40 جيڪو بہ اسان جي خلاف نہ آهي سو اسان جي پاسي آهي.

41 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو انهيءَ لاءِ ٿو پيئاري تہ اوهين مسيح جا آهيو، تنهن کي پنهنجو لاڀ ضرور ملندو.“


ڀَٽڪي وڃڻ کان پاڻ کي بچايو
( متي 18‏:6‏-9 ، لوقا 17‏:1‏-2 )

42 ”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي وشواس آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائي ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها.

43-44 جيڪڏهن تنهنجو هٿ تو کي ڀَٽڪائي، تہ پنهنجو اهو هٿ ڪپي ڇڏ، ڇو تہ ٻنهي هٿن سان نرڳ جي هميشہ ٻرندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ ٽُنڊي هٿ سان امر جيون ۾ داخل ٿئين.

45-46 جيڪڏهن تنهنجو پير تو کي ڀَٽڪائي تہ اهو پير ڪپي ڇڏ، ڇو تہ نرڳ ۾ ٻنهي پيرن سان داخل ٿيڻ کان اهو بهتر آهي تہ امر جيون ۾ منڊو وڃين.

47 ساڳيءَ طرح جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان نرڳ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿئين.

48 جيڪي نرڳ ۾ پيل آهن تن کي ڪينئان هميشہ کائيندا رهن ٿا ۽ اتي باهہ هميشہ ٻرندي رهي ٿي.

49 ياد رکو، هر ماڻهو هِن سنسار ۾ بہ ڄڻ تہ باهہ سان پوِتر ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح ٻليدان لوڻ سان پوِتر ڪيو وڃي ٿو.

50 سو لوڻ چڱي شيءِ آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري لوڻياٺو ڪري سگھبو؟ تنهنڪري پاڻ ۾ لوڻ واري خاصيت رکو ۽ هڪٻئي سان صلح ۾ رهو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan