مرقس 8 - Hindu Sindhi Bibleچار هزار ماڻهن کي روٽي کارائڻ ( متي 15:32-39 ) 1 هڪڙي ڏينهن وري ماڻهن جو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ هو. تنهن تي يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ 2 ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. 3 سو جيڪڏهن آءٌ انهن کي پنهنجن گھرن ڏانهن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اهي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ڪيترائي پري کان آيل آهن.“ 4 چيلن وراڻيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي ايتري روٽي ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟“ 5 يسوع چيلن کان پڇيو تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن وراڻيو تہ ”ست.“ 6 تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي روٽيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. چيلن ائين ئي ڪيو. 7 انهن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ هيون، تن تي بہ برڪت گھري چيلن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اهي بہ کڻي ماڻهن کي ڏيو.“ 8 سو انهن تہ کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو چيلن ست کاريون ڀريون. 9 اهي اٽڪل چار هزار ماڻهو هئا. پوءِ يسوع انهن کي موڪل ڏني 10 ۽ پاڻ پنهنجي چيلن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي دلمنوٿا جي علائقي ڏانهن ويو. ثابتيءَ لاءِ نشانيءَ جي گھُر ( متي 16:1-4 ) 11 اتي ڪي فريسي يسوع وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“ 12 تنهن تي هن ٿڌو ساهہ کڻي چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو نشاني ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ 13 پوءِ هو انهن کي ڇڏي چيلن سميت وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر وڃڻ لڳو. فريسين ۽ هيروديس وارن جو خمير ( متي 16:5-12 ) 14 ان وقت چيلن کي روٽيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي روٽيءَ کان سواءِ انهن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو. 15 يسوع چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“ 16 تنهنڪري هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ روٽي ڪونهي.“ 17 يسوع سندن ڳالهہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ روٽي ڪونهي؟ ڇا اوهين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوهان جا دماغ ايترا چٽ آهن؟ 18 ڇا اکين هوندي بہ ڏسي نہ ٿا سگھو ۽ ڪنن هوندي بہ ٻڌي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوهان کي اهي ڳالهيون ياد نہ آهن 19 جڏهن مون پنج روٽيون ڀڃي پنج هزار ماڻهن کي ڏنيون تہ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ٻارهن کاريون.“ 20 يسوع ٻيهر پڇين تہ ”وري جڏهن مون ست روٽيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائي پوريون ڪيون هيون تہ اوهان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“ 21 تڏهن يسوع چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوهين نہ ٿا سمجھو.“ بيتصيدا ۾ انڌي کي چڱو ڀلو ڪرڻ 22 پوءِ هو بيتصيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي يسوع وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“ 23 يسوع انهيءَ انڌي ماڻهوءَ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. اتي هن انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنهنجا هٿ گھمايا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“ 24 انڌي ماڻهوءَ مٿي نهاري چيو تہ ”مون کي ماڻهو گھمندي نظر اچن ٿا، پر اهي وڻن وانگر لڳن ٿا.“ 25 تنهن تي يسوع وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو. 26 پوءِ يسوع کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنهن سان بہ اها ڳالهہ نہ ڪجانءِ.“ پطرس جو يسوع مسيح بابت اظهار ( متي 16:13-20 ، لوقا 9:18-21 ) 27 پوءِ يسوع ۽ سندس چيلا قيصريہ فلپي شهر جي ويجھن ڳوٺن ڏانهن ويا. رستي تي هن چيلن کان پڇيو تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ 28 انهن وراڻيو تہ ”ڪي ماڻهو چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن مان ڪوبہ هڪ آهيو.“ 29 پوءِ يسوع وري پڇين تہ ”اوهين منهنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوهين مسيح آهيو.“ 30 تڏهن يسوع کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اهو ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“ يسوع مسيح جو پنهنجي تڪليفن ۽ موت بابت ٻڌائڻ ( متي 16:21-28 ، لوقا 9:22-27 ) 31 يسوع پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”منشپتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ٿي اُٿي.“ 32 يسوع هي ڳالهيون کولي کولي چيون. تنهن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهن ڳالهين بابت جھڻڪيون ڏيڻ لڳس. 33 يسوع ڦري چيلن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“ 34 پوءِ يسوع ميڙ کي پنهنجي چيلن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي. 35 ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ پنهنجي جان بچائي سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي واسطي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو سو اها بچائيندو. 36 ڀلا، ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو جو هو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ 37 ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. 38 جيڪڏهن ڪو هن ڀَٽڪيل ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ منشپتر بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي جوت ۾ پوِتر دوتن سان گڏ ايندو.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society