مرقس 6 - Hindu Sindhi Bibleناصرت وارن جو يسوع مسيح کي قبول نہ ڪرڻ ( متي 13:53-58 ، لوقا 4:16-30 ) 1 پوءِ يسوع اتان روانو ٿي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ موٽي آيو ۽ سندس چيلا بہ هن جي پٺيان آيا. 2 سبت جي ڏينهن تي هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟ 3 ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن يسوع کي قبول نہ ڪيو. 4 تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”هر سنت پنهنجي ديس، مٽن مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان لهندو آهي.“ 5-6 يسوع اتان جي ماڻهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چمتڪار ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ تي يسوع کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو. يسوع مسيح جو ٻارهن سنتن کي موڪلڻ ( متي 10:5-15 ، لوقا 9:1-6 ) 7 يسوع پنهنجي مقرر ڪيل ٻارهن سنتن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ٻن ٻن جي ٽولي ۾ کين روانو ڪرڻ لڳو. انهن کي اختياري ڏنائين تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍين 8 ۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”روٽي، ٿيلهو، هڙ ۾ پئسو يا ٻيو ڪجھہ بہ پاڻ سان نہ کڻجو پر سفر لاءِ لٺ ڀلي کڻجو. 9 پيرن ۾ جتي پائجو باقي هڪڙي پاتل جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا پاڻ سان نہ کڻجو.“ 10 يسوع کين اهو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهي پئجو، جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. 11 جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ 12 پوءِ اهي روانا ٿي ويا ۽ ماڻهن ۾ وڃي پرچار ڪرڻ لڳا تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو.“ 13 هنن ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيو. يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو قتل ( متي 14:1-12 ، لوقا 9:7-9 ) 14 جيئن تہ يسوع جي مان ۽ مرتبي جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي راجا هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. يسوع بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو وري جيوت ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا چمتڪار ڪري رهيو آهي.“ 15 ٻيا وري چون پيا تہ ”هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ اڳين سنتن جهڙو هڪ سنت آهي.“ 16 جڏهن هيروديس هي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ پڪ سان هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، جنهن جي مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هاڻي هو وري جيوت ٿيو آهي.“ 17 هيروديس پاڻ ئي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي پتني هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيوت ئي شادي ڪئي هئي. 18 يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيوت هوندي ئي سندس پتنيءَ هيرودياس سان شادي ڪريو.“ 19 اهو ئي سبب هو جو هيرودياس يوحنا کان نفرت ڪندي هئي ۽ کيس مارائڻ ٿي چاهيائين. پر هوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي، 20 ڇاڪاڻ تہ هيروديس يوحنا کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يوحنا هڪ سچار ۽ پوِتر ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يوحنا جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون. 21 نيٺ هيرودياس کي وجھہ ملي ويو هو. هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي دعوت ڪئي هئي. 22 انهيءَ دعوت ۾ هيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيو. هيروديس انهيءَ ڪنيا کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“ 23 هن قسم کڻي وچن ڪيس تہ ”جيڪڏهن حڪومت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“ 24 تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي ۽ وڃي پنهنجي ماتا کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ هن چيس تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“ 25 تنهن تي ڪنيا جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي هيروديس کي چيائين تہ ”مون کي هاڻي جو هاڻي يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ گھرائي ڏيو.“ 26 هن ڳالهہ هيروديس راجا کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر هو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن مهمانن جي روبرو قسم کڻي وچن ڪيو هو. 27 تنهنڪري هيروديس سپاهيءَ کي موڪليو تہ ”جلدي يوحنا جي سسي لاهي کڻي اچ.“ سپاهي روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يوحنا جي سسي لاٿائين. 28 پوءِ هن اها سسي هڪ ٿالهہ ۾ رکي ڪنيا کي آڻي ڏني، جنهن اها کڻي پنهنجي ماتا کي ڏني هئي. 29 جڏهن يوحنا جي چيلن هي ٻڌو هو تہ هنن اچي لاش وٺي ان کي قبر ۾ دفن ڪيو هو. پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ ( متي 14:13-21 ، لوقا 9:10-17 ، يوحنا 6:1-14 ) 30 خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻارهن ئي سنت واپس اچي يسوع وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا سکيا ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون. 31 ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“ 32 سو هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانا ٿي ويا. 33 تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي ماڻهن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اهي سڀيئي پيرين پيادا شهرن مان نڪري پيا ۽ تڪڙا تڪڙا وڃي هنن کان بہ اڳي انهيءَ جاءِ تي پهتا. 34 جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. 35 جڏهن سج گھڻو لڙي ويو، تڏهن چيلن يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ اسين هتي ويران هنڌ تي آهيون. 36 سو هنن ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسيپاسي جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“ 37 پر يسوع چين تہ ”اوهين ئي هنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏهن چيلن پڇيس تہ ”ڇا اوهان جي مرضي آهي تہ اسين وڃي چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن جي روٽي وٺي اچون ۽ هنن کي کارايون؟“ 38 تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.“ 39 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هنن ماڻهن کي هيٺ سائي گاهہ تي ٽوليون ٺاهي ويهاريو.“ 40 تنهن تي اهي ماڻهو سؤ سؤ ۽ پنجاهہ پنجاهہ جون ٽوليون ٺاهي ويٺا. 41 تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ روٽين جا ٽڪرا ڀڃندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون. 42 هر هڪ ماڻهوءَ کائي ڍءُ ڪيو. 43 پوءِ چيلن باقي بچيل روٽيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارهن کاريون ڀريون. 44 جن روٽي کاڌي تن ۾ فقط مردن جو تعداد اٽڪل پنج هزار هو. يسوع مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ ( متي 14:22-33 ، يوحنا 6:16-21 ) 45 پوءِ هڪدم يسوع پنهنجي چيلن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر بيتصيدا شهر ڏانهن هلو.“ ان بعد هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي 46 ۽ پاڻ ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ ويو. 47 رات ٿيڻ تائين ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ وڃي پهتي، جڏهن تہ يسوع اڃا اڪيلو سڪيءَ تي هو. 48 پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري چيلن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو. 49-50 چيلن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ اهو ڪو جن آهي، سو هو دهلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. هُن هڪدم ساڻن ڳالهايو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“ 51 پوءِ يسوع اچي انهن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بند ٿي ويو. اهو ڏسي چيلا ڏاڍا حيران ٿي ويا، 52 ڇاڪاڻ تہ اهي گھڻن ماڻهن کي روٽي کارائڻ واري ڳالهہ بہ نہ سمجھي سگھيا هئا. اها ڳالهہ هنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي هئي. گنيسرت علائقي ۾ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪرڻ ( متي 14:34-36 ) 53 اهي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پهتا جتي ٻيڙيءَ کي ٻڌي ڇڏيائون. 54 هو جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻهن يسوع کي سڃاڻي ورتو. 55 پوءِ اهي ماڻهو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جنهن جڳهہ لاءِ بہ ٻڌائون تہ يسوع اتي آيو آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجا بيمار کٽولن تي کڻي وٽس پئي آيا. 56 يسوع ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society