مرقس 5 - Hindu Sindhi Bibleڀوتن ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ ( متي 8:28-34 ، لوقا 8:26-39 ) 1 يسوع ۽ سندس چيلا گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پهتا. 2 اڃا يسوع ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو. 3 هو قبرستان ۾ رهندو هو ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو. 4 هن کي ڪيترائي دفعا لوهہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو هو، پر هن انهن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو. 5 هو رات ڏينهن قبرستان ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو هو ۽ پٿرن سان پاڻ کي رتوڇاڻ پيو ڪندو هو. 6 هن يسوع کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو 7 ۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ ايشور جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“ 8 هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو. 9 يسوع پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ماڻهوءَ جواب ڏنو تہ ”منهنجو نالو لشڪر آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين گھڻا ڀوت آهيون.“ 10 پوءِ هن ليلائيندي چيس تہ ”اسان کي هن علائقي مان تڙي نہ ڪڍ.“ 11 اتي ٽڪر جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو. 12 سو يسوع کي ڀوتن وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“ 13 يسوع انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو. 14 جيڪي ماڻهو سوئرن جو ڌڻ چاري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهہ ٻڌايائون. تڏهن ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا. 15 هو يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا. 16 جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو هو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي. 17 تنهن تي انهن يسوع کي منٿ ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“ 18 پوءِ جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“ 19 پر يسوع کيس آگيا نہ ڏني، اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ پرڀوءَ تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر هو تو تي ديالو رهيو.“ 20 تنهن تي اهو ماڻهو هليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شهرن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ يسوع هن لاءِ ڇا ڪيو آهي. سو جن بہ اهو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا. يائرس جي ڌيءَ کي جيوت ۽ ناريءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ ( متي 9:18-26 ، لوقا 8:40-56 ) 21 يسوع جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ڦري آيس. 22 انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو يسوع کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو. 23 هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“ 24 تنهن تي يسوع ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو يسوع تي ڳاهٽ پئي ٿيا. 25 انهيءَ ميڙ ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. 26 هن ڪيترن ئي حڪيمن کان علاج ڪرايو هو ۽ جيڪا بہ پنهنجي ميڙي چونڊي هئس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي هئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو هو، پر اٽلندو وڌيڪ لاچار ٿيندي پئي ويئي. 27 انهيءَ ناريءَ يسوع بابت ڳالهيون ٻڌيون هيون، سو ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لاتائين، 28 ڇاڪاڻ تہ هوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏهن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ هٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“ 29 يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي چڱو ڀلو سمجھڻ لڳي. 30 ايتري ۾ يسوع محسوس ڪيو تہ ”مون مان شڪتي نڪتي آهي.“ سو ميڙ ڏانهن ڦري پڇيائين تہ ”منهنجي ڪپڙن کي ڪنهن هٿ لاتو آهي؟“ 31 تنهن تي سندس چيلن وراڻيس تہ ”گرو! ماڻهو اوهان تي پيا ڳاهٽ ٿين ۽ اوهين چئو ٿا تہ ’ڪنهن مون کي هٿ لاتو آهي.‘“ 32 پر هو جاچيندو رهيو تہ اهو ڪم ڪنهن ڪيو. 33 هاڻي جڏهن ان ناريءَ سمجھيو تہ هوءَ چڱي ڀلي ٿي پئي آهي، تڏهن ڊڄندي ۽ ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي هٿ رکي کيس سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين. 34 تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“ 35 يسوع اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي گروءَ کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“ 36 يسوع انهيءَ ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يائرس کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک.“ 37 پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ اوڏانهن هلڻ جي آگيا نہ ڏني. 38 جڏهن اهي يائرس جي گھر وٽ پهتا تہ يسوع ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍيان روئن پٽين پيا. 39 گھر ۾ داخل ٿيندي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو رڙو؟ ڪنيا مئي تہ ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ 40 تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن چيلن ۽ ڪنيا جي ماتا پتا کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڪنيا پيئي هئي. 41 هن ڪنيا جي هٿ کي پڪڙي کيس چيو تہ ”تليٿا قُومي،“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”اي ننڍڙي ڪنيا! اُٿ.“ 42 تنهن تي ڪنيا هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي. هن جي عمر ٻارهن سال هئي. اهو ڏسي سڀيئي ڏاڍو حيران ٿي ويا. 43 پوءِ يسوع انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڪنيا کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society