Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 4 - Hindu Sindhi Bible


ٻج ڇٽڻ جو مثال
( متي 13‏:1‏-9 ، لوقا 8‏:4‏-8 )

1 يسوع وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي سکيا ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

2 يسوع مثالن جي ذريعي انهن کي گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. هن سکيا ڏيندي کين چيو تہ

3 ”ٻڌو، هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو.

4 ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا.

5 ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا، جتي گھڻي مٽي نہ هئي. سو ٿوري مٽي هئڻ ڪري سلا جلدي تہ اڀريا،

6 پر جڏهن سج اڀريو تہ لهسجي ويا. جيئن تہ اهي پاڙ هڻي نہ سگھيا تنهنڪري سڪي ويا.

7 ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انهن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انهن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو.

8 جڏهن تہ ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اهي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيهہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ سؤ داڻا بہ ڦر هو.“

9 پوءِ يسوع چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


مثالن ۾ سکيا ڏيڻ جو مقصد
( متي 13‏:10‏-17 ، لوقا 8‏:9‏-10 )

10 يسوع جڏهن نويڪلو ٿيو تہ سندس پوئلڳن ۽ ٻارهن چيلن گڏجي مثالن بابت پڇيس.

11 هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،

12 تہ جيئن ’اهي نهاريندي نهاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انهن جون دليون ايشور جي طرف ڦري پون ۽ هو کين معاف ڪري ڇڏي.‘“


ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
( متي 13‏:18‏-23 ، لوقا 8‏:11‏-15 )

13 پوءِ يسوع انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين هي مثال نہ ٿا سمجھو؟ تہ پوءِ اوهين ٻين مثالن جو مطلب ڪيئن سمجھندا؟

14 ڏسو، ٻج ڇٽڻ وارو ايشور جي راڄ جو سنديش پوکي ٿو.

15 ڪنهن وقت سنديش رستي تي ڪري ٿو، يعني اهي ماڻهو جيڪي سنديش ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اهي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انهن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.

16 ٻيا ماڻهو ان ٽڪريلي زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش ٻڌن ٿا ۽ جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا،

17 پر اهو انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏهن سنديش جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.

18 ٻيا ماڻهو ڪانڊيرن واري ان زمين مثل آهن جنهن ۾ ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش تہ ٻڌن ٿا،

19 پر سنسار جي چنتا، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواهشون سندن دلين ۾ گھڙي ڪري سنديش کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.

20 ٻيا ماڻهو ان ڀليءَ زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي سنديش ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ انهن مان ڪي ٽيهوڻو، ڪي سٺوڻو ۽ ڪي وري سؤڻو ڦر جھلين ٿا.“


ڏيئي جو مثال
( لوقا 8‏:16‏-18 )

21 يسوع وڌيڪ چين تہ ”ڇا اوهين ڏيئو ٻاري ڍڪڻ يا کٽوليءَ جي هيٺان آڻي رکندا آهيو؟ نہ، پر اهو ڏياٽيءَ تي آڻي رکندا آهيو.

22 مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي ۽ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ٿيندي.

23 جيڪڏهن اوهان کي ڪن آهن تہ ٻڌي ڇڏيو.“

24 يسوع اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.

25 هائو، جنهن وٽ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ نہ آهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.“


فصل پچڻ جو مثال

26 يسوع وري ماڻهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”ايشور جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.

27 هو رات جو سمهي ٿو ۽ ڏينهن جو جاڳي ڪم ڪار ڪري ٿو، جڏهن تہ ٻج اهڙيءَ طرح ڦٽي هلي ٿو جو هن کي ان جي سڌ ئي نہ ٿي پوي.

28 زمين پاڻيهي فصل ڏئي ٿي، پهريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.

29 پر جڏهن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏهن هو هڪدم انهيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“


سرنهن جي داڻي جو مثال
( متي 13‏:31‏-32 ‏، 34 ، لوقا 13‏:18‏-19 )

30 يسوع چين تہ ”اسين ايشور جي راڄ کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪهڙو مثال ڏيون؟

31 اهو سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو سڀني ٻجن ۾ ننڍي ۾ ننڍو آهي،

32 پر پوکڻ کان پوءِ ڦُٽي سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“

33 يسوع انهيءَ قسم جي ڪيترن ئي مثالن ذريعي ماڻهن کي سندن سمجھہ مطابق پنهنجو سنديش ٻڌائيندو هو.

34 هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن چيلن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.


طوفان کي بند ڪرڻ
( متي 8‏:23‏-27 ، لوقا 8‏:22‏-25 )

35 انهيءَ ساڳئي ڏينهن شام جو يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي هُن ڀر هلون.“

36 پوءِ هنن خلق کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ جنهن ٻيڙيءَ ۾ يسوع اڳي ئي ويٺل هو، تنهن ۾ چڙهي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انهيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ هليون.

37 اوچتو ئي هڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اهڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي.

38 يسوع ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“

39 تنهن تي يسوع اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”شانت ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

40 پوءِ يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوهان کي اڃا تائين مون تي وشواس نہ آهي؟“

41 پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan