Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 3 - Hindu Sindhi Bible


سڪل هٿ وارو ماڻهو
( متي 12‏:9‏-14 ، لوقا 6‏:6‏-11 )

1 يسوع جڏهن ٻيهر ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ داخل ٿيو تہ اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو ڏٺائين.

2 ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ٿو.

3 تڏهن يسوع سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“

4 پوءِ هن ماڻهن کان پڇيو تہ ”موسيٰ جي نيم موجب سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي، جيون بچائڻ جائز آهي يا مارڻ؟“ پر هنن ڪجھہ بہ نہ ڪڇيو.

5 يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.

6 تنهن تي فريسي ٻاهر نڪري وڃي هڪدم هيروديس جي حمايت ڪندڙ ماڻهن سان مليا ۽ يسوع جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ کيس ڪيئن ختم ڪجي.


ڍنڍ تي ميڙ

7-8 يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ يسوع عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.

9 جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“

10 جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا.

11 ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن يسوع کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين.“

12 پر يسوع انهن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ٿي ڪيو تہ ”مون کي ظاهر نہ ڪريو.“


خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪرڻ
( متي 10‏:1‏-4 ، لوقا 6‏:12‏-16 )

13 پوءِ يسوع هڪڙي پهاڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ جن چيلن کي چاهيائين تن کي پاڻ وٽ سڏيائين، جيڪي وٽس هليا آيا.

14 هن انهن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي کين خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيو. انهن کي چيائين تہ ”مون اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊيو آهي تہ اوهين مون سان گڏ رهو. آءٌ اوهان کي پرچار ڪرڻ لاءِ ٻاهر بہ موڪليندس

15 ۽ اوهان کي ماڻهن مان ڀوتن ڪڍڻ جي اختياري بہ ڏيندس.“

16 يسوع جيڪي ٻارهن ڄڻا چونڊيا سي هي هئا: شمعون، جنهن کي پطرس نالو بہ ڏنائين،

17 زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بوانرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين،

18 اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون قوم‌پرست

19 ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو هئس.


يسوع مسيح ۽ بعل‌زبول
( متي 12‏:22‏-32 ، لوقا 11‏:14‏-23 )

20 پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي.

21 هوڏانهن جڏهن يسوع جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا.

22 ڪي نيم شاستري جيڪي يروشلم کان آيا هئا، تن پئي چيو تہ ”يسوع ۾ ڀوتن جو سردار بعل‌زبول آهي. سو انهيءَ جي مدد سان ئي هو ڀوتن کي ماڻهن مان ڪڍي ٿو.“

23 تنهن تي يسوع انهن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تہ ”شيطان ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟“ پوءِ کين هي مثال ٻڌايائين تہ

24 ”جيڪڏهن ڪنهن راڄ ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اهو جٽاءُ ڪري نہ سگھندو

25 ۽ جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اهو گھر بہ هلي نہ سگھندو.

26 سو جيڪڏهن شيطان پاڻ ئي پنهنجي خلاف ٿي بيهي ۽ منجھس ڏڦيڙ پيدا ٿي پوي تہ هو ڪيئن بيهي سگھندو؟ هو تہ تباهہ ٿي ويندو.

27 ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور شخص جي گھر ۾ گھڙي تيستائين سندس ملڪيت ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور شخص کي ٻڌي سوگھو نہ ڪري. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھي ٿو.

28 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جن ماڻهن جيڪي بہ پاپ ڪيا هوندا يا ايشور جي نندا جون ڳالهيون بڪيون هوندائون، تن سڀني کي معافي ملي سگھي ٿي،

29 سواءِ انهيءَ نندا جي جيڪا پوِتر آتما جي خلاف بڪي وڃي ٿي. اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن بہ بخش نہ ڪيو ويندو. اٽلندو اهي هميشہ واري پاپ جا ڏوهاري ليکيا ويندا.“

30 يسوع اهو انهيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”هن ۾ ڀوت آهي.“


يسوع مسيح جي ماتا ۽ ڀائر ڪير؟
( متي 12‏:46‏-50 ، لوقا 8‏:19‏-21 )

31 ايتري ۾ يسوع جي ماتا ۽ ڀائر اچي پهتا ۽ ٻاهر بيهي يسوع کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليائون.

32 جيڪو ميڙ يسوع جي چوگرد ويٺو هو تنهن مان ڪن ماڻهن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوهان جي ماتا ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا اوهان کي سڏين ٿا.“

33 هن پڇيو تہ ”منهنجي ماتا ۽ ڀائر ڪير آهن؟“

34 پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا هئا تن ڏانهن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”ڏسو، منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر هي آهن،

35 ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ايشور جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماتا آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan