Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 2 - Hindu Sindhi Bible


اڌرنگي ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( متي 9‏:1‏-8 ، لوقا 5‏:17‏-26 )

1 ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ يسوع وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.

2 سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن يسوع انهن کي سنديش پئي ڏنو

3 تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا.

4 جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري هو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنهن جاءِ ۾ يسوع ويٺل هو، تنهن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏهن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ هنن کٽولو، جنهن تي اڌرنگي پيل هو سو هيٺ لاٿو.

5 يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي انهيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“

6 اتي ئي ڪي نيم شاستري بہ ويٺا هئا، جيڪي اهو ٻڌي پنهنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ

7 ”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“

8 يسوع هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟

9 ڇا اهو سولو آهي تہ هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟

10 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو يسوع اڌرنگي شخص کي چيو تہ

11 ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“

12 تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“


لاويءَ کي پوئلڳ بڻائڻ
( متي 9‏:9‏-13 ، لوقا 5‏:27‏-32 )

13 يسوع وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو سکيا ڏيڻ لڳو.

14 پوءِ هن واٽ ويندي حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. يسوع کيس سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي لاوي اٿيو ۽ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.

15 هڪڙي دفعي جڏهن يسوع لاويءَ جي گھر رسوئي ويٺي کاڌي، تڏهن سندس چيلن کان علاوہ ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي يسوع جي پٺيان ايندا هئا.

16 ڪن فريسي نيم شاسترين جڏهن ڏٺو تہ يسوع اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

17 يسوع هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


وِرتن بابت سوال
( متي 9‏:14‏-17 ، لوقا 5‏:33‏-39 )

18 هڪڙي دفعي جڏهن يوحنا جا چيلا ۽ فريسي وِرت سان هئا تہ ڪي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”يوحنا جا چيلا ۽ فريسي تہ وِرت رکن ٿا پر اوهان جا چيلا ڇو نہ ٿا رکن؟“

19 يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي وِرت رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين وِرت رکڻ جي ضرورت ناهي.

20 پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ وِرت رکندا.

21 ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.

22 ساڳيءَ طرح ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀربي آهي.“


سبت جي ڏينهن بابت سوال
( متي 12‏:1‏-8 ، لوقا 6‏:1‏-5 )

23 سبت جي هڪڙي ڏينهن تي يسوع جڏهن پنهنجي چيلن سميت اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو، تہ ڪي چيلا رستي تي هلندي اناج جا سنگ پٽڻ لڳا.

24 تنهن تي فريسين يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينهن تي جائز نہ آهي؟“

25-26 يسوع چين تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ ڀيٽا وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“

27 يسوع انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت انسانن لاءِ ٺهيو آهي، انسان سبت جي لاءِ نہ.

28 ياد رکو، منش‌پتر تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan