Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 15 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح پلاطس جي اڳيان
( متي 27‏:1‏-2 ‏، 11‏-14 ، لوقا 23‏:1‏-5 ، يوحنا 18‏:28‏-38 )

1 صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.

2 پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“

3 اتي سردار ڪاهنَ يسوع تي گھڻيون ئي تهمتون هڻندا رهيا.

4 تنهنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ بہ نہ چوندين؟ ڏس، هنن تو تي ڪيتريون تهمتون مڙهيون آهن.“

5 پر يسوع وري بہ هڪ لفظ نہ ڳالهايو. تنهن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.


يسوع مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم
( متي 27‏:15‏-26 ، لوقا 23‏:13‏-25 ، يوحنا 18‏:39‏–19‏:16 )

6 پلاطس هر فصح جي تهوار جي موقعي تي هڪ قيدي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعايا چوندي هئس.

7 انهن ڏينهن ۾ برابا نالي هڪ ماڻهو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ هو جن هڪڙي فساد ۾ خون ڪيا هئا.

8 جڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان رعايت گھريائون،

9 تڏهن هن انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين چاهيو ٿا تہ آءٌ اوهان جي خاطر يهودين جي راجا کي آزاد ڪريان؟“

10 اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو ساڙ کان يسوع کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“

11 پر خلق سردار ڪاهنن جي دٻاءُ تي پلاطس کي چيو تہ هو يسوع جي بدران برابا کي آزاد ڪري.

12 پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”پر جنهن کي اوهين يهودين جو راجا ٿا سڏيو، تنهن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“

13 تنهن تي انهن رڙيون ڪري چيو تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“

14 تڏهن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“

15 جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ يسوع کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“


سپاهين جو يسوع مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ
( متي 27‏:27‏-31 ، يوحنا 19‏:2‏-3 )

16 سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي بہ سڏيائون.

17 انهن يسوع کي واڱڻائي رنگ جو جبو ڍڪايو ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ٺاهي مٿي تي رکيائونس.

18 پوءِ چوڻ لڳس تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“

19 ائين چوندي هو کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هڻندا رهيا، ٿڪون هڻندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي سندس اڳيان سيس نوائيندا رهيا.

20 جڏهن هو ٺٺوليون ڪري چڪا تڏهن واڱڻائي جبو لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُهي کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهڻ
( متي 27‏:32‏-44 ، لوقا 23‏:26‏-43 ، يوحنا 19‏:17‏-27 )

21 رستي تي انهن کي شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هو. هو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پتا هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس يسوع جي سولي کڻائي هليا.

22 پوءِ اُهي يسوع کي يروشلم کان گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“

23 هنن يسوع کي اهڙي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ مُرَ نالي نشيدار شيءِ گڏيل هئي، پر هن اُها نہ پيتي.

24 پوءِ هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وڌائون.

25 اهو صبح جو اٽڪل نائين بجي جو وقت هو جڏهن انهن کيس سوليءَ تي چاڙهيو.

26 انهن سپاهين هن جي مٿان هڪڙي تختي بہ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“

27-28 انهن ٻہ ٻيا بہ ماڻهو سوليءَ تي چاڙهيا جيڪي ڌاڙيل هئا، انهن مان هڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.

29 جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري يسوع کي چون پيا تہ ”واہ واہ! اهو تون ئي آهين نہ، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ هيڪل ڊاهين ۽ وري ٺاهين پيو.

30 هاڻي پاڻ کي بچائي سوليءَ تان هيٺ تہ لهي ڏيکار.“

31 ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ ۽ نيم شاستري يسوع تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي چون پيا تہ ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي.

32 هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو راجا، ڪيئن ٿو سوليءَ تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس وشواس آڻيون.“ يسوع سان گڏ جيڪي ماڻهو سوليءَ تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.


يسوع مسيح جو مِرتيو
( متي 27‏:45‏-56 ، لوقا 23‏:44‏-49 ، يوحنا 19‏:28‏-30 )

33 منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين رهي.

34 ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“

35 جيڪي ماڻهو اُتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ کي سڏي رهيو آهي.“

36 انهن مان هڪڙو ماڻهو ڀڄي وڃي فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي يسوع کي پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ايلياہ هن کي سوليءَ تان هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“

37 پوءِ يسوع وڏي رڙ ڪندي دم ڏنو.

38 تڏهن هيڪل جو پوِتر ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو.

39 فوجي صوبيدار جيڪو سوليءَ جي اڳيان بيٺو هو تنهن يسوع کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچ پچ تہ هي ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“

40 اُتي ڪي ناريون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماتا مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.

41 جڏهن يسوع گليل علائقي ۾ هو تڏهن اهي سندس پٺيان لڳي هن جي سيوا ڪنديون ٿي رهيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي ناريون هيون جيڪي هن سان گڏ يروشلم ۾ آيون هيون.


يسوع مسيح جو ڪفن دفن
( متي 27‏:57‏-61 ، لوقا 23‏:50‏-56 ، يوحنا 19‏:38‏-42 )

42 شام ٿي چڪي هئي ۽ اها شام سبت جي ڏينهن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينهن جي هئي.

43 تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي پئنچائت جو هڪ مانوارو ڪارڪن هو ۽ پاڻ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ وينتي ڪري کانئس يسوع جو لاش گھريائين.

44 پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ يسوع ايترو جلد ڪيئن مري ويو. هن هڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”ڇا يسوع ايترو جلدي مري چڪو آهي؟“

45 جڏهن صوبيدار کيس اهڙي خاطري ڏياري، تڏهن پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏني.

46 پوءِ يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو ۽ يسوع جي لاش کي لهرائي اُن ۾ ويڙهيائين ۽ اهو ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هڪڙي قبر ۾ آڻي رکيائين. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي ان قبر جي منهن تي ڏنائين.

47 مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماتا مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan