Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 14 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح خلاف سازش سِٽڻ
( متي 26‏:1‏-5 ، لوقا 22‏:1‏-2 ، يوحنا 11‏:45‏-53 )

1 فصح ۽ بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻو هو. سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.

2 پر چيائون تہ ”تهوار جي ڏينهن ائين نہ ڪريون، متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“


يسوع مسيح تي عطر هارڻ
( متي 26‏:6‏-13 ، يوحنا 12‏:1‏-8 )

3 يسوع جڏهن بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر رسوئي کاڌي پئي، تہ هڪڙي ناري سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر يسوع جي مٿي تي هاريائين.

4 تڏهن اتي ويٺلن مان ڪي پنهنجي دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”هي عطر ڇو زيان ڪيو ويو؟

5 اهو عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ سو اُهي انهيءَ ناري کي سختيءَ سان نندڻ لڳا.

6 تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”هن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي.

7 غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس.

8 هن ناريءَ کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي شرير تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي.

9 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اُتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“


يسوع مسيح خلاف يهوداہ اسڪريوتيءَ جو سازش سِٽڻ
( متي 26‏:14‏-16 ، لوقا 22‏:3‏-6 )

10 پوءِ يسوع جي ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتي سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو يسوع کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري.

11 يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو وچن ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح يسوع کي پڪڙائي.


فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ
( متي 26‏:17‏-25 ، لوقا 22‏:7‏-14 ، 22‏:21‏-23 ، يوحنا 13‏:21‏-30 )

12 بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن فصح جي تهوار جي ٻليدان لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“

13 تنهن تي يسوع پنهنجي ٻن چيلن کي اهو چئي موڪليو تہ ”شهر ۾ وڃو. اتي اوهين هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏسندا، جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو. اوهين انهيءَ جي پٺيان وڃجو.

14 پوءِ جنهن گھر ۾ اهو ماڻهو گھڙي وڃي تنهن جي مالڪ کي چئجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اهو مهمان‌خانو ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏجي فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘

15 تڏهن هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين اسان لاءِ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪجو.“

16 چيلا جڏهن يروشلم شهر ۾ پهتا تہ اتي هر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن يسوع کين ٻڌايو هو. سو هنن اتي فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جي تياري ڪئي.

17 جڏهن شام ٿي تہ يسوع ٻارهن ئي سنتن سان گڏ اتي آيو.

18 پوءِ جڏهن اهي گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا تہ يسوع چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“

19 تنهن تي چيلا غمگين ٿيا ۽ هڪٻئي پٺيان يسوع کان پڇڻ لڳا تہ ”اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“

20 يسوع وراڻيو تہ ”اُهو اوهان ٻارهن مان ئي آهي، جيڪو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندو آهي.

21 منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


يسوع مسيح جي يادگيريءَ لاءِ روٽي
( متي 26‏:26‏-30 ، لوقا 22‏:14‏-20 ، 1.ڪرنٿين 11‏:23‏-25 )

22 جڏهن اهي کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“

23 پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو.

24 تڏهن يسوع چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.

25 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن کان پوءِ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ ايشور جي راڄ ۾ نئين مئي ئي پيئندس.“

26 پوءِ انهن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليا ويا.


پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
( متي 26‏:31‏-35 ، لوقا 22‏:31‏-34 ، يوحنا 13‏:36‏-38 )

27 رستي تي يسوع پنهنجي ٻارهن سنتن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘

28 تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيوت ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ۾ وڃي پهچندس.“

29 تنهن تي پطرس چيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“

30 يسوع پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“

31 تڏهن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيس تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو.


گتسمني باغ ۾ پرارٿنا ڪرڻ
( متي 26‏:36‏-46 ، لوقا 22‏:39‏-46 )

32 جڏهن اهي گتسمني نالي هڪ باغ ۾ آيا، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ پرارٿنا ڪري اچان.“

33 پوءِ هن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. ان وقت کيس سخت پريشاني ۽ بي‌چيني وٺي ويئي.

34 سو هن کين ٻڌايو تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ جاڳندا رهو.“

35 پوءِ يسوع ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ کي زمين تي ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هيءَ ڏک جي گھڙي مون تان ٽاري وڃي.“

36 هن وڌيڪ چيو تہ ”اي پتا! اي منهنجا پتا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“

37 پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ٽيئي چيلا سمهيا پيا آهن. تڏهن هن پطرس کي سڏي چيو تہ ”اي شمعون! تو کي بہ ننڊ وٺي ويئي ڇا؟ ڇا تون هڪڙي گھڙي بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“

38 پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“

39 هو وري پرڀرو ويو ۽ ائين ئي پرارٿنا ڪيائين جيئن اڳ ۾ ڪئي هئائين.

40 پوءِ هن ٻيهر موٽي اچي ڏٺو تہ چيلا وري بہ ستا پيا آهن. کين ايتري تہ ننڊ ٿي آئي جو اکيون بہ پٽي نہ پئي سگھيا، سو سڌ ئي نہ ٿي پين تہ کيس ڇا چون.

41 پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، منش‌پتر پاپين جي حوالي ڪيو پيو وڃي.

42 اُٿو، هلي ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رهيو آهي سو ويجھو اچي پهتو آهي.“


يسوع مسيح جي گرفتاري
( متي 26‏:47‏-56 ، لوقا 22‏:47‏-53 ، يوحنا 18‏:3‏-12 )

43 يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو ماڻهن جي هڪڙي وڏي ٽولي سان گڏ آيو، جن کي هٿن ۾ تلوارون ۽ لٺيون هيون. انهن کي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو.

44 هن دغاباز انهن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چميان سو ئي يسوع هوندو. انهيءَ کي پڪڙجو ۽ پهري هيٺ وٺي وڃجوس.“

45 هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ کيس ”گرو!“ سڏي چمي ڏنائين.

46 پوءِ تہ هنن يسوع کي جھلي قابو ڪيو.

47 تنهن تي يسوع جي ڀرسان بيٺلن مان هڪڙي شخص پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين.

48 پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟

49 آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پوِتر شاستر جي ڳالهہ پوري ٿئي.“

50 تڏهن سڀيئي چيلا يسوع کي ڇڏي ڀڄي ويا.

51 يسوع سان گڏ آيلن مان هڪڙو نوجوان جنهن کي شرير تي رڳو چادر ويڙهيل هئي، تنهن کي انهن چادر کان پڪڙي ورتو.

52 پر هو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي نڪتو.


يسوع مسيح يهودي پئنچائت جي اڳيان
( متي 26‏:57‏-68 ، لوقا 22‏:54‏-55 ‏، 63‏-71 ، يوحنا 18‏:13‏-14 ‏، 19‏-24 )

53 پوءِ اهي يسوع کي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا سڀيئي چڱا مڙس گڏ ٿيندا ٿي ويا.

54 پطرس بہ يسوع جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو.

55 ان وقت سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا شاهدي هٿ ڪري کيس موت جي سزا ڏيارين. پر انهن کي اهڙي ڪابہ شاهدي ملي نہ سگھي،

56 ڇاڪاڻ تہ ڪيترن ئي ماڻهن يسوع جي خلاف ڪوڙيون شاهديون تہ ڏنيون، پر انهن شاهدين پاڻ ۾ ميل نہ ٿي کاڌو.

57 پوءِ ڪي ماڻهو اُٿي بيٺا ۽ يسوع تي هيءَ تهمت هنيائون تہ

58 ”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“

59 پر انهن جي هن شاهديءَ بہ ميل نہ ٿي کاڌو.

60 تڏهن وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو يسوع کان پڇڻ لڳو تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا تو کي هنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو نہ آهي؟“

61 پر يسوع ماٺ ئي رهيو ۽ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاهن کانئس ٻيهر پڇيو تہ ”ڇا تون ئي مسيح آهين، مهما واري ايشور جو پٽ؟“

62 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“

63 تنهن تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”بس! اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن.

64 هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ اوهان پاڻ ٻڌا آهن. سو هاڻي اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ تنهن تي انهن سڀني فيصلو ڏيندي چيو تہ ”هي موت جي سزا جي لائق آهي.“

65 پوءِ انهن مان ڪي يسوع کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.


پطرس جو يسوع مسيح بابت انڪار ڪرڻ
( متي 26‏:69‏-75 ، لوقا 22‏:56‏-62 ، يوحنا 18‏:15‏-18 ‏، 25‏-27 )

66 هوڏانهن پطرس اڃا اڱڻ ۾ ئي ويٺو هو تہ وڏي سردار ڪاهن جي هڪ نوڪرياڻي اتي آئي.

67 هن جڏهن پطرس کي باهہ تي پاڻ سيڪيندي ڏٺو تہ ڏانهس چتائي نهاريندي چيائينس تہ ”تون بہ تہ يسوع ناصريءَ سان گڏ هئين.“

68 پر هن انڪار ڪندي چيس تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان، نڪي سمجھان ٿو تہ تون ڇا چئي رهي آهين.“ هو اهو جواب ڏيئي ٻاهر ڏيڍيءَ ۾ هليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

69 انهيءَ نوڪرياڻيءَ جڏهن پطرس کي وري ڏٺو تڏهن اُتي بيٺل ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ ”هي انهن مان هڪڙو آهي.“

70 پر هن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ اُتي بيٺلن بہ پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون انهن مان ئي آهين، ڇو تہ تون بہ گليلي پيو لڳين.“

71 تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي ايشور جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو، جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو.“

72 انهيءَ دم ڪڪڙ ٻيو دفعو ٻانگ ڏني. تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ اهو خيال ايندي ئي هو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan