Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 11 - Hindu Sindhi Bible


يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
( متي 21‏:1‏-11 ، لوقا 19‏:28‏-40 ، يوحنا 12‏:12‏-19 )

1 جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سميت يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن وٽ پهتو، تڏهن هن پنهنجي ٻن چيلن کي چيو تہ

2 ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ڳوٺ ۾ پهچندا تہ اُتي هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪنهن بہ سواري نہ ڪئي آهي. اوهين انهيءَ کي ڇوڙي هيڏانهن ڪاهي اچو.

3 جيڪڏهن ڪوبہ اوهان کان پڇي تہ ’اهو ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تڏهن کيس چئجو تہ ’گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي ۽ جلد ئي هو واپس ڏياري موڪليندو.‘“

4 سو هو روانا ٿي ويا ۽ هڪڙي گھٽيءَ ۾ دروازي جي ٻاهران کودڙو ٻڌل ڏٺائون. جيئن ئي ان کي ڇوڙيائون پئي

5 تہ اُتي بيٺل ماڻهن مان ڪن انهن کي چيو تہ ”هي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“

6 تنهن تي انهن کين اهو ئي جواب ڏنو جيڪو يسوع چيو هئن. تڏهن انهن اهو ڪاهي وڃڻ ڏنن.

7 چيلن اهو کودڙو ڪاهي يسوع وٽ آندو ۽ انهيءَ تي پنهنجيون چادرون وڌائون، پوءِ يسوع ان تي چڙهي ويٺو.

8 ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون چادرون يسوع جي اڳيان رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا ۽ ڪن وري ٻنين مان گاهہ ۽ وڻن جون ٽاميون پٽي آڻي پئي وڇايون.

9 جيڪي ماڻهو يسوع جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي!

10 سڀاڳو آهي اسان جي پتا دائود جي گھراڻي جو ايندڙ راڄ! آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“

11 يسوع يروشلم ۾ داخل ٿي هيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي وهي واپري پيو تنهن کي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينهن ڪافي لڙي چڪو هو، تنهنڪري هو پنهنجي ٻارهن چيلن سان گڏ بيت‌عنياہ ڏانهن هليو ويو.


انجير جي وڻ کي سراپ ڏيڻ
( متي 21‏:18‏-19 )

12 ٻئي ڏينهن تي جڏهن هو بيت‌عنياہ کان موٽي رهيا هئا تہ رستي تي يسوع کي بک لڳي.

13 هن پري کان هڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سرسبز هو. انهيءَ ڪري هو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر هو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آهن، ڇاڪاڻ تہ انجيرن جي مند نہ هئي.

14 تنهن تي يسوع انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ڪو تو مان انجير نہ لهندو.“ سندس چيلن اهو ٻڌو.


واپارين کي هيڪل مان تڙي ڪڍڻ
( متي 21‏:12‏-17 ، لوقا 19‏:45‏-48 ، يوحنا 2‏:13‏-22 )

15 جڏهن اهي يروشلم ۾ پهتا تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.

16 هن ڪنهن کي بہ سامان کڻي هيڪل جي اڱڻ مان اچڻ وڃڻ نہ ڏنو.

17 پوءِ يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“

18 سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان يسوع کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو يسوع کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي سکيا تي حيران هئي.

19 جڏهن شام ٿي تہ يسوع ۽ سندس چيلا شهر مان نڪري هليا ويا.


سراپ ڏنل انجير جي وڻ مان سبق
( متي 21‏:20‏-22 )

20 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جيئن ئي هو يروشلم ڏانهن پئي آيا تہ رستي تي انهن انجير جو اُهو وڻ ڏٺو، جيڪو هاڻي چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو هو.

21 تنهن تي پطرس کي سراپ واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن يسوع کي چيائين تہ ”اي گرو! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان سراپ ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“

22 يسوع انهن کي چيو تہ ”ايشور تي پورو وشواس رکو.

23 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

24 تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين پرارٿنا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي.

25-26 جڏهن بہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پتا جيڪو آڪاش تي آهي سو بہ اوهان جا پاپ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“


يسوع مسيح جي اختياريءَ بابت سوال
( متي 21‏:23‏-27 ، لوقا 20‏:1‏-8 )

27 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ يروشلم ۾ پهتو. جڏهن هو هيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاهن، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا.

28 انهن پڇيس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي انهن ڪمن جي اختياري ڪنهن ڏني آهي؟“

29 تنهن تي يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو.

30 مون کي ٻڌايو تہ يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، ايشور جي طرفان يا انسان جي طرفان؟“

31 تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟ جيڪڏهن جواب ۾ چئون ٿا تہ ’ايشور جي طرفان،‘ تہ هو چوندو تہ ’پوءِ اوهان يوحنا جي ڳالهين تي ڇو يقين نہ ڪيو؟‘

32 جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سچو سنت ڪري مڃين پيا.

33 تنهنڪري انهن يسوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan