مرقس 10 - Hindu Sindhi Bibleطلاق خلاف چتاءُ ( متي 19:1-12 ، لوقا 16:18 ) 1 پوءِ يسوع گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي سکيا ڏيڻ لڳو. 2 تڏهن ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ 3 يسوع جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ نيم ۾ اوهان کي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي؟“ 4 انهن چيس تہ ”موسيٰ آگيا ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڏيئي کيس ڪڍي سگھجي ٿو.“ 5 يسوع چين تہ ”موسيٰ اوهان کي هي حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي سختدليءَ جي سڌ هئي. 6 پر سنسار جي رچنا کان وٺي ايشور هنن کي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو آهي. 7 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’تنهنڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو 8 ۽ ٻہ شرير گڏجي هڪ ٿي ويندا.‘ هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. 9 سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“ 10 پوءِ جڏهن هو گھر موٽي آيا تہ چيلن يسوع کان ان بابت پڇيو. 11 يسوع کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ٻي پتني پرڻجي ٿو، سو زنا ٿو ڪري 12 ۽ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا پتني پنهنجي پتيءَ کان طلاق وٺي ڪنهن ٻئي سان پرڻجي ٿي، سا بہ زنا ٿي ڪرائي.“ ننڍڙن ٻارن جي اهميت ( متي 19:13-15 ، لوقا 18:15-17 ) 13 ڪن ماڻهن ننڍڙا ٻار يسوع وٽ آندا تہ هو انهن تي هٿ رکي، پر چيلن انهن کي ڇينڀيو. 14 جڏهن يسوع اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي چيلن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي. 15 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ايشور جي راڄ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ 16 پوءِ هن ٻارن کي هنج ۾ کڻي انهن تي هٿ رکيو ۽ کين آسيس ڪيائين. ايشور جو راڄ ۽ شاهوڪار ماڻهو ( متي 19:16-30 ، لوقا 18:18-30 ) 17 يسوع جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪريان؟“ 18 يسوع چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. 19 باقي تو کي حڪمن جي تہ سڌ آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر.‘“ 20 تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنس تہ ”گرو! انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي هوندي کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ 21 تڏهن يسوع هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ پريم پيدا ٿيو. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر. تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 22 جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو. 23 تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ 24 هنن لفظن تي چيلا حيران ٿي ويا. سو يسوع هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 25 ياد رکو، اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 26 تنهن تي چيلا وڌيڪ حيران ٿي ويا ۽ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27 يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور هر شيءِ تي شڪتيوان آهي.“ 28 تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون.“ 29 تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، پر آءٌ اوهان کي هيءَ ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منهنجي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنهنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتا، پتا، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو، 30 تہ ان کي هن ئي انتم زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتائون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس امر جيون بہ ملندو. 31 پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“ ٽيون دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ ( متي 20:17-19 ، لوقا 18:31-34 ) 32 يسوع ۽ سندس چيلا يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو چيلن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس چيلا ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري يسوع پنهنجي ٻارهن ئي سنتن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو. 33 يسوع چين تہ ”ڏسو، هاڻي اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي منشپتر سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جي حوالي ڪيو ويندو. اهي سندس موت جي سزا جو فيصلو ڏيندا ۽ کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا. 34 اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ يعقوب ۽ يوحنا جي وينتي ( متي 20:20-28 ) 35 تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسين چاهيون ٿا تہ اوهين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“ 36 يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“ 37 انهن چيس تہ ”اسين چاهيون ٿا تہ جڏهن اوهين وڏي شان وَ شوڪت سان پنهنجي راجائي تخت تي ويهو تڏهن اسان کي آگيا ڏجو تہ هڪڙو اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو اوهان جي کاٻي پاسي ويهي.“ 38 يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“ 39 انهن چيس تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين بہ اهو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي ۽ اوهين بہ اها بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي. 40 پر منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، بلڪ انهن جڳهن تي انهن کي ئي ويهاريو ويندو جن جي لاءِ اهي تيار ڪيون ويون آهن.“ 41 جڏهن ٻين ڏهن چيلن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا. 42 يسوع انهن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ ”اوهان کي سڌ آهي تہ قومن جا سردار ۽ امير جيڪي ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين سي مٿن پورو اختيار رکن ٿا. 43 پر اوهان ۾ ائين نہ آهي. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو سيوڪ ٿئي. 44 هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو سڀني جو داس ٿئي. 45 ڏسو، منشپتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“ انڌي بارتمائيءَ کي سڄو ڪرڻ ( متي 20:29-34 ، لوقا 18:35-43 ) 46 پوءِ اهي يريحو شهر ۾ آيا. يسوع جڏهن پنهنجي چيلن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ اتي رستي جي پاسي تي هڪ انڌو فقير ويٺو هو، جنهن جو نالو بارتمائي هو، يعني تمائيءَ جو پٽ. 47 جڏهن هن ٻڌو تہ يسوع ناصري لنگھي رهيو آهي، تڏهن هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ 48 ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“ 49 تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ چيائين تہ ”هن کي سڏ ڪريو.“ سو انهن انڌي ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”دلجاءِ ڪر، هو تو کي سڏي رهيو آهي. اُٿي هل.“ 50 تڏهن هو پنهنجي چادر اتي ئي ڦٽي ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ يسوع وٽ آيو. 51 يسوع پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ انڌي وراڻيس تہ ”اي گرو! آءٌ چاهيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“ 52 يسوع چيس تہ ”وڃ، تنهنجي وشواس تو کي سڄو ڪيو آهي.“ تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ يسوع جي پٺيان رستو وٺي هليو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society