مرقس 1 - Hindu Sindhi Bibleيوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو پرچار ڪرڻ ( متي 3:1-12 ، لوقا 3:1-18 ، يوحنا 1:19-28 ) 1 ايشور جي پٽ يسوع مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي. 2 سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور چيو تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘ 3 هاڻي رڻپٽ ۾ انهيءَ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو، هن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“ 4 تنهنڪري ئي تہ يوحنا رڻپٽ ۾ ظاهر ٿيو هو. هو ماڻهن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ پرچار ڪري پيو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ ايشور اوهان جا پاپ معاف ڪري ڇڏي.“ 5 تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يوحنا وٽ آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني. 6 يوحنا کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هئس. هو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو هو. 7 يوحنا ماڻهن ۾ پرچار ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان. 8 آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.“ يسوع مسيح جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش ( متي 3:13–4:11 ، لوقا 3:21-22 ، 4:1-13 ) 9 انهن ڏينهن ۾ يسوع گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يوحنا وٽ آيو ۽ يوحنا کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني. 10 جيئن ئي يسوع پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتو تہ کيس آڪاش کُليل نظر آيو ۽ پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺائين. 11 تڏهن آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“ 12 پوءِ جلد ئي پوِتر آتما يسوع کي رڻپٽ ڏانهن ڇڪي ويو، 13 جتي يسوع کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ دوتن سندس سيوا پئي ڪئي. چئن مهاڻن کي پوئلڳ بڻائڻ ( متي 4:12-22 ، لوقا 4:14-15 ، 5:1-11 ) 14 يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ 15 ”وقت اچي ڀريو آهي ۽ ايشور جو راڄ ويجھو آيو آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي وشواس آڻيو.“ 16 جيئن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رهيو هو تہ کيس ٻہ مهاڻا شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا، جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا. 17 يسوع انهن کي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ 18 سو هو هڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا. 19 ٿورو اڳڀرو هليو تہ هن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو. 20 هنن کي ڏسندي ئي يسوع کين سڏ ڪيو تہ انهن پنهنجي پتا کي ٻيڙيءَ ۾ مزدورن سان ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا. ڀوت ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ ( لوقا 4:31-37 ) 21 پوءِ يسوع پنهنجي انهن چيلن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. 22 ماڻهو هن جي سکيا تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن انهن کي نيم شاسترين وانگر نہ، بلڪ ائين پئي سکيا ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي. 23 ايتري ۾ ڀوت ورتل هڪڙو ماڻهو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ 24 ”اي يسوع ناصري! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“ 25 پر يسوع هن کي دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ 26 تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ زور سان رڙ ڪندي هن مان نڪري ويو. 27 تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين سکيا آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“ 28 جلد ئي هن جي هاڪ گليل جي سڄي علائقي ۾ جتي ڪٿي پکڙجي ويئي. گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ( متي 8:14-17 ، لوقا 4:38-41 ) 29 ان کان پوءِ يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس سان گڏ سندن گھر آيو. 30 ان وقت شمعون جي سس بخار سبب بستري تي پيئي هئي. سو جيئن ئي يسوع اتي پهتو تہ کيس هن جي بيماريءَ بابت ٻڌايائون. 31 يسوع هن وٽ ويو ۽ کيس هٿ کان وٺي اٿاري ويهاريائين تہ انهيءَ دم سندس بخار لهي ويو ۽ هوءَ سندن سيوا ڪرڻ لڳي. 32 جڏهن سانجھي ٿي ۽ سج لهي ويو تہ ماڻهن ڪيترائي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهو يسوع وٽ آندا. 33 سڄو شهر دروازي تي اچي مڙيو. 34 يسوع ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي آگيا ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي يسوع کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي. يسوع مسيح جو گليل ۾ پرچار ڪرڻ ( لوقا 4:42-44 ) 35 صبح جو سوير بلڪل اوندهہ ۾ ئي يسوع اُٿي ٻاهر نڪري ويو ۽ هڪڙي نويڪلي جاءِ تي وڃي پرارٿنا ڪيائين. 36 شمعون ۽ هن جا ساٿي يسوع کي ڳولڻ نڪتا 37 ۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو تہ چيائونس تہ ”هر ڪو اوهان کي ڳولي رهيو آهي.“ 38 پر يسوع کين چيو تہ ”هلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شهرن ۾ هلون، تہ جيئن اتي بہ آءٌ پرچار ڪريان، ڇو تہ انهيءَ لاءِ ئي آءٌ آيو آهيان.“ 39 پوءِ هو گليل جي پوري علائقي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پرچار ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو. ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي چڱو ڀلو ڪرڻ ( متي 8:1-4 ، لوقا 5:12-16 ) 40 ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو هڪڙو ماڻهو يسوع وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويهي کيس منٿ ڪندي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“ 41 يسوع کي هن تي ديا آئي، سو پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي چيائينس تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ 42 تڏهن هڪدم هن کان ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو ۽ هو ڇٽي پوِتر ٿي پيو. 43 تڏهن يسوع هڪدم کيس روانو ڪندي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ 44 ”متان ڪنهن کي ڪجھہ ٻڌايو اٿيئي، بلڪ سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ پوءِ موسيٰ جي نيم موجب ٻليدان ڪج، تہ جيئن اها شاهدي ٿئي تہ تون ڇٽي پوِتر ٿي پيو آهين.“ 45 پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society