Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8 - Hindu Sindhi Bible


ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( مرقس 1‏:40‏-45 ، لوقا 5‏:12‏-16 )

1 جڏهن يسوع ٽڪر تان هيٺ لٿو تہ وڏو ميڙ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.

2 ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو يسوع وٽ آيو، جنهن سندس اڳيان سيس نوائي چيس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“

3 تنهن تي يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.

4 پوءِ يسوع هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“


فوجي صوبيدار جي نوڪر کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( لوقا 7‏:1‏-10 )

5 جڏهن يسوع ڪفرناحوم شهر ۾ داخل ٿيو تہ رومي فوج جو هڪ صوبيدار وٽس آيو ۽ منٿ ڪندي چيائينس تہ

6 ”سوامي! منهنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آهي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سهي.“

7 تنهن تي يسوع چيس تہ ”آءٌ تنهنجي گھر هلي هن کي چڱو ڀلو ڪندس.“

8 پر فوجي صوبيدار وينتي ڪيس تہ ”اي سوامي! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.

9 ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“

10 يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو وشواس مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.

11 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب سان گڏ آڪاش جي راڄ ۾ رسوئي کائڻ ويهندا.

12 پر جيڪي انهيءَ راڄ جا وارث آهن تن کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“

13 پوءِ يسوع فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون وشواس ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.


گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ
( مرقس 1‏:29‏-34 ، لوقا 4‏:38‏-41 )

14 يسوع جڏهن پطرس جي گھر آيو تہ اتي ڏٺائين تہ پطرس جي سس بخار سبب بستري تي پيئي آهي.

15 يسوع سندس هٿ کي پڪڙيو تہ سندس بخار لهي ويو. تڏهن هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ سندس سيوا ڪرڻ لڳي.

16 جڏهن سانجھي ٿي تہ ماڻهو يسوع وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. هن هڪڙي حڪم سان ئي انهن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي پڻ چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

17 هن اهي ڪم ڪري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي چيل وچن کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“


يسوع مسيح جو پوئلڳ ٿيڻ لاءِ شرط
( لوقا 9‏:57‏-62 )

18 يسوع جڏهن ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ کيس ويڙهي ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي هن ڀر هلون.“

19 ان وقت هڪ نيم شاستريءَ يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“

20 يسوع کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منش‌پتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“

21 هڪڙو ٻيو ماڻهو، جيڪو سندس چيلو هو، تنهن چيس تہ ”اي گرو! مون کي تيستائين آگيا ڏيو، جيستائين آءٌ پنهنجي پتا کي دفنائي اچان.“

22 تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“


طوفان کي بند ڪرڻ
( مرقس 4‏:35‏-41 ، لوقا 8‏:22‏-25 )

23 جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو تہ سندس چيلا بہ ساڻس گڏ هليا.

24 اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اهڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي. ان وقت يسوع گَهري ننڊ ۾ هو.

25 تڏهن چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! جلدي ڪر بچاءِ! اسين ٻڏڻ تي آهيون.“

26 تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو وشواس ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

27 اهي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ سندس حڪم مڃين ٿا.“


ڀوتن ورتل ٻن ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( مرقس 5‏:1‏-20 ، لوقا 8‏:26‏-39 )

28 پوءِ يسوع گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اهي ٻئي اهڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل هئا جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو هو.

29 يسوع کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ايشور جا پٽ! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“

30 ويجھو ئي سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو،

31 سو ڀوتن يسوع کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏهن اوهين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي آگيا ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“

32 تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏهن اهي انهن مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ ڏسندي ڏسندي سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ لاهيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

33 ڌڻ چارڻ وارا اهو ڏسي شهر ڏانهن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون.

34 تنهن تي سڄو شهر يسوع سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. جڏهن هن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪندي چوڻ لڳس تہ ”سوامي! مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan