Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6 - Hindu Sindhi Bible


پاکنڊپائيءَ خلاف ڇينڀڻ 6‏:1‏-18

1 ”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اوهان کي پنهنجي آڪاش واري پتا وٽان ڪوبہ لاڀ نہ ملندو.


(دان ۾)

2 تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي دان ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن پاکنڊي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.

3 جڏهن اوهين دان ڏيو تہ اوهان جي کاٻي هٿ کي اها سڌ نہ پوي تہ ساڄو هٿ ڇا ٿو ڪري،

4 تہ جيئن اوهان جو دان ڏيڻ ڳجھو رهي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.“


(پرارٿنا ۾)
( لوقا 11‏:2‏-4 )

5 ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تڏهن پاکنڊين وانگر نہ ٿيو. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي پرارٿنا ڪندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو.

6 پر جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پتا آڏو پرارٿنا ڪريو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.

7 اوهين پنهنجي پرارٿنا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير وشواسي ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون پرارٿنائون ڪرڻ ڪري ايشور سندن ٻڌندو.

8 سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پتا اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي.

9 تہ پوءِ هن ريت پرارٿنا ڪريو تہ ’اي اسان جا پتا! تون جيڪو آڪاش تي آهين، شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي،

10 ۽ تنهنجو راڄ اچي. تنهنجي مرضي جيئن آڪاش تي پوري ٿئي ٿي، تيئن ڌرتيءَ تي بہ ٿئي.

11 اسان جي روزانو واري روٽي اڄ اسان کي ڏي.

12 اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.

13 اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘

14 سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو.

15 پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.“


(وِرت ۾)

16 ”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.

17 پر جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،

18 تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پتا جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي وِرت سان سمجھي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي لاڀ ڏيندو.“


ايشور جي ئي ڳولا ۾ رهو 6‏:19‏-34 (ايشور وٽ خزانو گڏ ڪرڻ)
( لوقا 12‏:33‏-34 )

19 ”اوهين هن سنسار ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا.

20 بلڪ پنهنجو خزانو ايشور وٽ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ ان کي تباهہ ڪري سگھن ٿا ۽ نہ وري چور کاٽ هڻي چورائي سگھن ٿا،

21 ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ اوهان جي دل بہ اتي ئي هوندي.“


(ايشور ڏانهن نظر رکڻ)
( لوقا 11‏:34‏-36 )

22 ”اکيون شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن. سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر روشني هوندي.

23 پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“


(ايشور ۽ دولت جي هڪ ئي وقت غلامي ٿي نہ ٿي سگھي)
( لوقا 16‏:13 ، 12‏:22‏-31 )

24 ”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.

25 تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟

26 پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آڪاش وارو پتا انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟

27 ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي جيون جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟

28 اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن.

29 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو.

30 ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي!

31 سو اوهين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پهرينداسين؟‘

32 غير وشواسي انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن.

33 پر اوهين پهريائين هن جي راڄ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.

34 سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan