متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح جي آزمائش ( مرقس 1:12-13 ، لوقا 4:1-13 ) 1 پوءِ پوِتر آتما يسوع کي رڻپٽ ۾ وٺي ويئي تہ جيئن شيطان کيس آزمائي. 2 جيئن تہ يسوع چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون وِرت ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي. 3 سو شيطان هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ روٽيون ٿي پون.“ 4 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي جيوت نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا ايشور چوي ٿو.‘“ 5 پوءِ شيطان يسوع کي پوِتر شهر يروشلم ۾ وٺي ويو. هن کي هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري 6 چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ 7 تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون پرميشور پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“ 8 شيطان يسوع کي وري هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ سنسار جا سڀيئي راڄ شان وَ شوڪت سميت ڏيکاريائينس 9 ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون اڳيان سيس نوائيندين.“ 10 تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“ 11 پوءِ شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم دوت اچي پهتا ۽ يسوع جي سيوا ڪرڻ لڳا. يسوع مسيح جو گليل ۾ سيوا وارو ڪم شروع ڪرڻ ( مرقس 1:14-15 ، لوقا 4:14-15 ) 12 جڏهن يسوع ٻڌو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کي جيل ۾ وڌو ويو آهي تڏهن هو گليل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو. 13 هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي. 14 اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ 15 ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو جن وٽان وڏو رستو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو ۽ جيڪو اردن جي اوڀر پاسي تائين غير قومن وارو گليل آهي، 16 اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“ 17 سو انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“ چئن مهاڻن کي پوئلڳ بڻائڻ ( مرقس 1:16-20 ، لوقا 5:1-11 ) 18 جيئن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون. 19 يسوع انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ 20 هو هڪدم پنهنجا ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا. 21 هو اتان اڳڀرو ٿيو تہ هن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ هئا. اهي پنهنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رهيا هئا. يسوع انهن کي سڏيو، 22 تہ اهي بہ هڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پتا کي ڇڏي يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا. عوام جي سيوا ڪرڻ ( لوقا 6:17-19 ) 23 يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو. 24 انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. 25 سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي هليا، جيڪي گليل ۽ دڪاپلس جي علائقن، يروشلم بلڪ سڄي يهوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر واري علائقي کان آيل هئا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society