Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 28 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح جو وري جيوت ٿي اٿڻ
( مرقس 16‏:1‏-10 ، لوقا 24‏:1‏-12 ، يوحنا 20‏:1‏-10 )

1 سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون.

2 ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ پرميشور جو هڪڙو دوت آڪاش مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو.

3 هن جو روپ کِنوڻ جهڙو تجليدار هو ۽ سندس پوشاڪ اڇي چمڪدار هئي.

4 پهريدار کانئس اهڙا تہ ڊنا جو ڏڪندي ڏڪندي ڌرتيءَ تي ڪري پيا ۽ مُڙدن وانگر پئجي رهيا.

5 انهيءَ دوت نارين کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين يسوع کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو.

6 هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن هن چيو هو تيئن ئي هو جيوت ٿي اٿيو آهي. هيڏانهن اچو ۽ اها جاءِ ڏسو جتي هو پيل هو.

7 پوءِ جلدي وڃي هن جي چيلن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“

8 تڏهن هنن اها جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان قبر کان جلدي روانيون ٿي يسوع جي چيلن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ٿي ويون

9 تہ اوچتو ئي يسوع انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”نمسڪار.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري هن آڏو سيس نوايو.

10 يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي چيلن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“


پهريدارن جو اطلاع ڏيڻ

11 اهي ناريون اڃا رستي ۾ ئي هيون تہ هوڏانهن پهريدار جن قبر تي پهرو پئي ڏنو، تن مان ڪي موٽي شهر ڏانهن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڀ اچي سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون.

12 تڏهن سردار ڪاهنن يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪري سپاهين کي جھجھا پئسا رشوت ڏنا تہ جيئن

13 اهي چون تہ ”جڏهن رات جو اسين سمهيا پيا هئاسين تڏهن يسوع جا چيلا آيا ۽ سندس لاش چورائي کڻي ويا.“

14 هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“

15 تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي.


چيلن کي درشن ڏيڻ
( مرقس 16‏:14‏-18 ، لوقا 24‏:36‏-49 ، يوحنا 20‏:19‏-23 ، سنتن جا ڪم 1‏:6‏-8 )

16 تڏهن يارهن ئي چيلا گليل علائقي ڏانهن ويا ۽ انهيءَ جبل تي گڏ ٿيا جتي يسوع وڃڻ لاءِ چيو هئن.

17 اتي جڏهن انهن يسوع کي ڏٺو تہ هن جي اڳيان سيس نوايائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو.

18 يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.

19 تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پتا، پٽ ۽ پوِتر آتما جي نالي تي بپتسما ڏيو

20 ۽ کين سکيا ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ سنسار جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan