Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح پلاطس جي اڳيان
( مرقس 15‏:1 ، لوقا 23‏:1‏-2 ، يوحنا 18‏:28‏-32 )

1 صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.

2 پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.


يهوداہ اسڪريوتيءَ جو موت
( سنتن جا ڪم 1‏:18‏-19 )

3 دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ يسوع کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو.

4 هن کين چيو تہ ”هڪ بي‌قصور منهنجي پڪڙائڻ سبب ماريو ٿو وڃي. اهو مون وڏو پاپ ڪيو آهي.“ پر انهن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪهڙو واسطو؟ اهو تہ تنهنجو ئي ڪم آهي، سو تون ئي ڄاڻ.“

5 تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.

6 سردار ڪاهنن اهي سڪا کڻي چيو تہ ”هي خون جا پئسا آهن، تنهنڪري انهن پئسن کي هيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آهي.“

7 سو هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انهن پئسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاهين.

8 اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين اها زمين ”خون جو ميدان“ سڏبي آهي.

9 اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿيو تہ ”انهن اهي ٽيهہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل وارن سندس مُلهہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا هئا.

10 پوءِ انهن اهي پئسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن پرميشور مون کي حڪم ڏنو هو.“


پلاطس جي يسوع مسيح کان پڇا ڳاڇا
( مرقس 15‏:2‏-5 ، لوقا 23‏:3‏-5 ، يوحنا 18‏:33‏-38 )

11 يسوع کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“

12 جڏهن سردار ڪاهنَ ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس مٿس تهمتون هڻڻ لڳا تہ انهن جي جواب ۾ يسوع ڪجھہ بہ نہ چيو.

13 تنهنڪري پلاطس هن کي چيو تہ ”ڇا تون هي سڀ ڳالهيون نہ ٿو ٻڌين جيڪي هي تو تي مڙهين ٿا؟“

14 پر يسوع جواب ۾ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنهن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.


يسوع مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم
( مرقس 15‏:6‏-15 ، لوقا 23‏:13‏-25 ، يوحنا 18‏:39‏–19‏:16 )

15 گورنر جو اهو دستور هوندو هو تہ فصح جي تهوار جي موقعي تي هو هڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعايا چوندي هئس.

16 انهن ڏينهن ۾ هڪ مشهور ڏوهاري قيد ٿيل هو، جنهن جو نالو برابا هو.

17 پوءِ جڏهن ماڻهو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوهان جي خاطر آءٌ ڪنهن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا يسوع کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“

18 اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو ساڙ کان يسوع کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“

19 اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس پتنيءَ چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“

20 انهيءَ دوران سردار ڪاهنن ۽ پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن خلق کي سمجھايو تہ هو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ يسوع کي موت جي سزا ڏئي.

21 گورنر انهن کان ٻيهر پڇيو تہ ”هنن ٻنهي مان اوهان جي خاطر ڪنهن کي آزاد ڪريان؟“ انهن وراڻيو تہ ”برابا کي!“

22 تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”پوءِ يسوع کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انهن سڀني واڪا ڪري چيو تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“

23 تنهن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“

24 تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“

25 سڀني ماڻهن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ هن جي خون جي ذميواري اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي هجي.“

26 پوءِ پلاطس برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ يسوع کي ڪوڙا هڻي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


سپاهين جو يسوع مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ
( مرقس 15‏:16‏-20 ، يوحنا 19‏:2‏-3 )

27 پوءِ اهي سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.

28 انهن يسوع جا ڪپڙا لهرايا ۽ هڪڙو لال ڳاڙهو جبو ڍڪايائونس.

29 تنهن کان پوءِ انهن هڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاهي هن جي مٿي تي رکيو ۽ هڪ ڪانو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي هن جي اڳيان گوڏا کوڙي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. اهي چون پيا تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“

30 پوءِ انهن هن کي ٿڪون هنيون ۽ اهو ئي ڪانو کڻي سندس مٿي تي هڻڻ لڳا.

31 جڏهن اهي ٺٺوليون ڪري چڪا تہ اهو لال ڳاڙهو جبو لهرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پهرايائون. پوءِ هو کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهڻ
( مرقس 15‏:21‏-32 ، لوقا 23‏:26‏-43 ، يوحنا 19‏:17‏-27 )

32 جڏهن هو يروشلم کان نڪتا پئي ويا تہ انهن کي ڪريني شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو جنهن جو نالو شمعون هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس يسوع جي سولي کڻائي هليا.

33 پوءِ هو گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي پهتا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“

34 اتي سپاهين يسوع کي ڪؤڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏهن هن اها چکي تڏهن پيئڻ کان انڪار ڪيائين.

35 پوءِ هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا. ان کان پوءِ هنن پُکا وجھي سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا

36 ۽ اتي ويهي مٿس پهرو ڏيندا رهيا.

37 انهن سوليءَ تي هن جي مٿان هڪڙي تختي پڻ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيائون تہ ”هي يسوع آهي، يهودين جو راجا.“

38 هنن يسوع سان گڏ انهن ٻن ڌاڙيلن کي بہ سوليءَ تي چاڙهيو، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.

39 جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي يسوع کي ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ

40 ”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ سوليءَ تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“

41 ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس بہ هن تي ٺٺوليون ڪندي چوڻ لڳا تہ

42 ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو راجا؟ هاڻي سوليءَ تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي وشواس آڻيون.

43 هو ايشور تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ ايشور هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان.‘“

44 جيڪي ڌاڙيل هن سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيا ويا هئا، سي بہ ساڳيءَ طرح کيس گھٽ وڌ ڳالهائين پيا.


يسوع مسيح جو مِرتيو
( مرقس 15‏:33‏-41 ، لوقا 23‏:44‏-49 ، يوحنا 19‏:28‏-30 )

45 منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي.

46 ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“

47 جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”هي سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ کي سڏي رهيو آهي.“

48 انهن مان هڪڙو ماڻهو جلدي ڀڳو ۽ فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي يسوع کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.

49 پر ٻين کيس چيو تہ ”ترس، ڏسون تہ ايلياہ هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“

50 تڏهن يسوع وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.

51 انهيءَ دم هيڪل جو پوِتر ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي، ڏونگر ڏري پيا

52 ۽ قبرون ڦاٽي پيون. پوءِ ڪيترائي ايشور ڀڳت ماڻهو جيڪي مري ويا هئا، سي جيوت ٿي

53 قبرن مان ٻاهر نڪري يسوع جي ٻيهر جيوت ٿيڻ کان پوءِ پوِتر شهر يروشلم ۾ اچي داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کين ڏٺو.

54 فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ يسوع تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“

55 اتي ڪيتريون ئي ناريون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان يسوع جي سيوا ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون.

56 انهن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماتا مريم ۽ زبديءَ جي پتني جيڪا يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا هئي سي پڻ شامل هيون.


يسوع مسيح جو ڪفن دفن
( مرقس 15‏:42‏-47 ، لوقا 23‏:50‏-56 ، يوحنا 19‏:38‏-42 )

57 جڏهن شام ٿي تہ يوسف نالي يسوع جو هڪ چيلو اچي پهتو، جيڪو ارمٿيا جو رهاڪو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو.

58 هن گورنر پلاطس جي درٻار ۾ وڃي کانئس يسوع جو لاش گھريو. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”يسوع جو لاش کيس ڏنو وڃي.“

59 پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انهيءَ کي هڪڙي اُچي صاف سٿري ڪفن ۾ ويڙهي

60 کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو.

61 مريم مگدليني ۽ اها ٻي مريم اچي قبر جي سامهون ويهي رهيون.


قبر تي پهرو

62 تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا

63 ۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيوت هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيوت ٿي اٿندس.‘

64 تنهنڪري اوهين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينهن تائين قبر تي پهرو ڏنو وڃي، متان هن جا چيلا سندس لاش چورائي وڃن ۽ پوءِ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو آهي. سو متان هيءَ پوئين ٺڳي پهرينءَ کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“

65 تنهن تي پلاطس انهن کي چيو تہ ”پوءِ پهريدار وٺي وڃو ۽ ايتري سخت چوڪسي ڪريو جيتري ڪري سگھو.“

66 پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan