متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح خلاف سازش سِٽڻ ( مرقس 14:1-2 ، لوقا 22:1-2 ، يوحنا 11:45-53 ) 1 جڏهن يسوع هي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو تہ هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ 2 ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ فصح جو تهوار ايندو. ڏسو، تڏهن منشپتر کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“ 3 هوڏانهن سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا. 4 هنن يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي، 5 پر چيائون تہ ”تهوار جي ڏينهن ائين نہ ڪريون متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“ يسوع مسيح تي عطر هارڻ ( مرقس 14:3-9 ، يوحنا 12:1-8 ) 6 يسوع بيتعنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ موجود هو. 7 اتي جڏهن هو رسوئي کائي رهيو هو تہ هڪ ناري وٽس آئي جنهن کي سنگمرمر جي هڪ عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر هو. هن اهو يسوع جي مٿي تي هاريو. 8 چيلا هي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي زيان ڇو ڪيو ويو؟ 9 هي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ 10 يسوع سندن اها ڳالهہ ٻڌي چيو تہ ”اوهين هن ناريءَ کي ڇو ٿا ستايو؟ هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي، 11 ڇاڪاڻ تہ غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس. 12 سو جڏهن هن منهنجي شرير تي عطر هاريو، ڄڻ تہ هن مون کي دفنائڻ لاءِ تيار ڪيو. 13 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ آڪاش جي راڄ واري خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“ يسوع مسيح خلاف يهوداہ اسڪريوتيءَ جو سازش سِٽڻ ( مرقس 14:10-11 ، لوقا 22:3-6 ) 14 پوءِ يسوع جي ٻارهن چيلن مان هڪڙو جنهن کي يهوداہ اسڪريوتي چوندا هئا سو سردار ڪاهنن وٽ ويو 15 ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن آءٌ يسوع کي پڪڙائڻ ۾ اوهان جي مدد ڪريان تہ پوءِ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنهن تي انهن کيس چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڳڻي ڏنا. 16 ان کان پوءِ يهوداہ اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جيئن يسوع کي پڪڙائي. چيلن سان گڏ فصح جي رسوئي کائڻ ( مرقس 14:12-21 ، لوقا 22:7-13 ، يوحنا 13:21-30 ) 17 بيخميري روٽيءَ جي تهوار جي پهرئين ڏينهن تي چيلن اچي يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ 18 يسوع هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’گرو چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي چيلن سميت فصح جو تهوار اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“ 19 چيلن ائين ئي ڪيو جيئن يسوع کين چيو هو ۽ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪيائون. 20 جڏهن شام ٿي تہ يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن سميت رسوئي کائڻ لاءِ اچي ويٺو. 21 رسوئي کائيندي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22 چيلا ڏاڍا غمگين ٿي ويا ۽ هڪٻئي پٺيان يسوع کان پڇڻ لڳا تہ ”اي پرڀو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ 23 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندڙ ئي مون کي پڪڙائيندو. 24 منشپتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو منشپتر کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“ 25 دغاباز يهوداہ ڳالهايو ۽ پڇيائين تہ ”اي گرو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ يسوع وراڻيو تہ ”اهو تہ تون پاڻ ئي ٿو ڄاڻين.“ يسوع مسيح جي يادگيريءَ لاءِ روٽي ( مرقس 14:22-26 ، لوقا 22:14-20 ، 1.ڪرنٿين 11:23-25 ) 26 جڏهن هو کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“ 27 پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري انهن کي ڏيندي چيو تہ ”اوهين سڀيئي هن مان پيئو. 28 هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي پاپن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. 29 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ پنهنجي پتا جي راڄ ۾ اوهان سان گڏ نئين مئي ئي پيئندس.“ 30 پوءِ هنن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانا ٿي ويا. پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي ( مرقس 14:27-31 ، لوقا 22:31-34 ، يوحنا 13:36-38 ) 31 پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اڄ رات اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ 32 تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيوت ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن ويندس.“ 33 تنهن تي پطرس ڳالهايو ۽ يسوع کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“ 34 يسوع هن کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ 35 پر پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني چيلن بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو. گتسمني باغ ۾ پرارٿنا ڪرڻ ( مرقس 14:32-42 ، لوقا 22:39-46 ) 36 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گتسمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پهچي هن کين چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ هُتي وڃي پرارٿنا ڪريان.“ 37 هو پطرس سان گڏ زبديءَ جي ٻن پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان وٺي ويو. اتي هو ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو. 38 سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“ 39 يسوع ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ 40 پوءِ هو ٽنهي چيلن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟ 41 جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“ 42 يسوع ٻيهر پري ويو ۽ پرارٿنا ڪيائين تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن هي پيالو منهنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43 پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ هو وري ستا پيا آهن، ڇو تہ اهي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن. 44 وري بہ يسوع انهن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ پرارٿنا ڪري اهي ساڳيا لفظ چيائين. 45 پوءِ هو چيلن وٽ موٽي آيو ۽ کين چيائين تہ ”اوهين اڃا تائين سمهي آرام پيا ڪريو! ڏسو، اها گھڙي اچي پهتي آهي جو منشپتر پاپين جي حوالي ڪيو وڃي. 46 اُٿو، هلي ڏسو، مون کي پڪڙائڻ وارو ويجھو اچي پهتو آهي.“ يسوع مسيح جي گرفتاري ( مرقس 14:43-50 ، لوقا 22:47-53 ، يوحنا 18:3-12 ) 47 يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو آيو ۽ هن سان گڏ ماڻهن جو هڪڙو وڏو ٽولو تلوارن ۽ لٺين سان هو، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو. 48 انهيءَ دغاباز هنن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چمي ڏيان سو ئي يسوع هوندو ۽ اوهين کيس پڪڙجو.“ 49 سو هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي گرو! نمسڪار.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين. 50 تنهن تي يسوع چيس تہ ”ميان! جنهن ڪم لاءِ آيو آهين، سو جلدي ڪري وٺ.“ تڏهن انهن ماڻهن اڳتي وڌي يسوع کي پڪڙي قابو ڪيو. 51 تنهن تي يسوع جي ساٿين مان هڪڙي سٽ ڏيئي پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 52 تڏهن يسوع انهيءَ کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بہ تلوار ٿا هلائين سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا. 53 تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پتا کي وينتي ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي دوت موڪلي ڏئي؟ 54 پر انهيءَ صورت ۾ پوِتر شاستر جي لکت ڪيئن پوري ٿيندي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ هيئن ضرور ٿيندو؟“ 55 پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو. 56 پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي چيلا يسوع کي ڇڏي ڀڄي ويا. يسوع مسيح يهودي پئنچائت جي اڳيان ( مرقس 14:53-65 ، لوقا 22:54-55 ، 63-71 ، يوحنا 18:13-14 ، 19-24 ) 57 جن يسوع کي پڪڙيو هو سي کيس يروشلم ۾ ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا هئا. 58 پطرس جيڪو انهن جي پٺيان پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ گھڙي پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو. 59 سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄيءَ پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا ڪوڙي شاهدي هٿ ڪن، تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. 60 جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪوڙا شاهد اچي گڏ ٿيا، تڏهن بہ انهن کي ڪا شاهدي ملي نہ سگھي. آخرڪار هڪڙا ٻہ شخص آيا 61 ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان هن ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ايشور جي هيڪل ڊاهي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينهن اندر ان کي وري ٺاهي بہ سگھان ٿو.‘“ 62 تنهن تي وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ يسوع کي چيائين تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا هنن جي الزامن جي جواب ۾ تو کي ڪجھہ بہ چوڻو نہ آهي؟“ 63 پر يسوع ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي جيوت ايشور جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، ايشور جو پٽ؟“ 64 تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين منشپتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“ 65 انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ايشور جي نندا ڪئي آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ ٻڌا آهن. 66 هاڻ اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”هي ڏوهي آهي، کيس مارڻ کپي.“ 67 پوءِ هنن سندس منهن تي ٿڪون هنيون ۽ کيس ٺونشا هنيائون. ڪن وري کيس چماٽون هڻندي 68 هيئن چيو تہ ”اي مسيح! اسان کي پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پطرس جو يسوع مسيح بابت انڪار ڪرڻ ( مرقس 14:66-72 ، لوقا 22:56-62 ، يوحنا 18:15-18 ، 25-27 ) 69 هوڏانهن پطرس جيڪو ٻاهر اڱڻ ۾ ويٺو هو تنهن کي هڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيو تہ ”تون بہ تہ يسوع گليليءَ سان گڏ هئين.“ 70 پر هن انهن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“ 71 پوءِ هو اُٿي ٻاهر ڏيڍيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تہ ٻي نوڪرياڻيءَ هن کي ڏٺو ۽ اتي بيٺل ماڻهن کي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ يسوع ناصريءَ سان گڏ هو.“ 72 پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻهوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ 73 ٿوري دير کان پوءِ اتي بيٺلن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون يسوع جي ساٿين مان هڪڙو آهين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي ڳالهائڻ مان ئي لڳي ٿو تہ تون بہ گليلي آهين.“ 74 تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي ايشور جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو.“ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 75 تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ تہ پطرس ٻاهر وڃي زاروزار روئڻ لڳو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society