Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23 - Hindu Sindhi Bible


پاڻ کي وڏو سڏائڻ خلاف چتاءُ
( مرقس 12‏:38‏-39 ، لوقا 11‏:43 ‏، 46 ، 20‏:45‏-46 )

1 پوءِ يسوع ميڙ ۽ پنهنجي چيلن سان ڳالهائيندي چيو تہ

2 ”نيم شاسترين ۽ فريسين کي موسيٰ جي نيم جو اختيار مليل آهي.

3 تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.

4 هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.

5 هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.

6 هو دعوتن توڙي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.

7 هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن ۽ کين ’سوامي، سوامي‘ ڪري پڪارين.

8 پر اوهين ’سوامي‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سوامي آهي.

9 ساڳيءَ طرح اوهين هن سنسار ۾ ڪنهن کي بہ پتا نہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي پتا آهي جيڪو آڪاش تي آهي.

10 نہ وري اوهين گرو سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي گرو آهي يعني مسيح.

11 اوهان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آهي سو اوهان جو سيوڪ ٿئي.

12 جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


يسوع مسيح جو پاکنڊين کي نندڻ
( مرقس 12‏:40 ، لوقا 11‏:39‏-42 ‏، 44 ‏، 52 ، 20‏:47 )

13-14 ”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين آڪاش جي راڄ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.

15 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرم تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو ڌرم ۾ اچي اوهان جو چيلو ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو نرڳ واسي ٿا بڻايو.

16 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘

17 اي انڌؤ! اي مورکؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پوِتر ڪيو؟

18 اوهين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻليدان واري جاءِ جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو ٻليدان واري جاءِ تي ڏنل ڀيٽا جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘

19 اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، ڀيٽا يا ٻليدان واري جاءِ، جيڪا ڀيٽا کي پوِتر ٿي ڪري؟

20 تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻليدان واري جاءِ جو قسم کڻي ٿو تہ اهو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انهن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي ان تي رکيل آهن.

21 جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو نہ رڳو ان جو پر ايشور جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو ان ۾ رهي ٿو.

22 جيڪڏهن ڪو آڪاش جو قسم ٿو کڻي تہ هو ايشور جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو بلڪ انهيءَ جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪو ان تي ويٺل آهي.

23 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ايشور جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي نيم جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، ديا ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.

24 اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڏسي ڪڍو ٿا پر اُٺ کي نظرانداز ڪري ڳڙڪائي ٿا وڃو.

25 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن.

26 اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.

27 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين اڇين قبرن وانگر آهيو جيڪي ٻاهران تہ سهڻيون نظر ٿيون اچن، پر انهن جو اندر مُڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آهي.

28 ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر پاکنڊپائيءَ ۽ ايشور جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“


پاکنڊپائيءَ جي سزا
( لوقا 11‏:47‏-51 )

29 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جا قبا ٿا ٺاهيو ۽ نيڪن جون قبرون ٿا سينگاريو

30 ۽ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر سنديش ڏيندڙ سنتن کي قتل ڪرڻ ۾ انهن سان شريڪ نہ ٿيون ها.‘

31 حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ اهو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين سنديش ڏيندڙ سنتن جي قاتلن جو اولاد آهيون.‘

32 تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو هو تنهن کي ڀلي وڃي پورو ڪريو.

33 اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين نرڳ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟

34 ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن سنديش ڏيندڙ سنت، سياڻا ماڻهو ۽ شاستري موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي سوليءَ تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.

35 انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.

36 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن سڀني جو خون هن پيڙهيءَ جي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“


يسوع مسيح جو يروشلم لاءِ افسوس ڪرڻ
( لوقا 13‏:34‏-35 )

37 ”يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.

38 هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي.

39 آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي.‘“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan