Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22 - Hindu Sindhi Bible


شاديءَ جي دعوت جو مثال
( لوقا 14‏:15‏-24 )

1 يسوع وري ماڻهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو.

2 هن چيو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي راجا پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي.

3 هن دعوتين ڏانهن پنهنجا نوڪر موڪليا تہ هو رسوئي کائڻ اچن، پر اهي اچڻ نہ پيا گھرن.

4 تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلهو متارو مال ڪهايو آهي ۽ رسوئي تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو رسوئي کائڻ لاءِ هليا اچو.‘

5 پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو.

6 جڏهن تہ ڪن دعوتين سندس نوڪرن کي پڪڙي مار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو.

7 تنهن تي راجا اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.

8 پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي رسوئي تيار آهي، پر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي سي ان جي لائق نہ هئا.

9 تنهنڪري هاڻي اوهين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻهو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي اچو.‘

10 تنهن تي اهي نوڪر ٻاهر نڪري ويا ۽ رستن تي جيڪي بہ چڱا مَٺا ماڻهو منهن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. ايتري قدر جو شاديءَ جي دعوت واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي.

11 جڏهن راجا شاديءَ جي مهمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اتي هن هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏٺو جنهن کي شاديءَ وارا ڪپڙا پاتل ڪين هئا.

12 تنهن تي انهيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان! تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟‘ پر هن ڪڇيو ئي ڪين.

13 تڏهن راجا نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“

14 آخر ۾ يسوع چيو تہ ”بيشڪ دعوتي تہ گھڻا هوندا آهن، پر انهن ۾ چونڊيل ٿورا هوندا آهن.“


ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال
( مرقس 12‏:13‏-17 ، لوقا 20‏:20‏-26 )

15 تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح يسوع کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي.

16 پوءِ فريسين پنهنجن چيلن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي يسوع ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.

17 پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“

18 يسوع انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي پاکنڊيؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟

19 ڀلا مون کي هڪڙو سڪو ڏيکاريو جنهن سان ٽيڪس ڏيندا آهيو.“ تڏهن اهي وٽس هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا.

20 تنهن تي يسوع پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“

21 انهن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تڏهن يسوع کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“

22 اهو ٻڌي هو عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.


مرڻ کان پوءِ جيوت ٿيڻ بابت سوال
( مرقس 12‏:18‏-27 ، لوقا 20‏:27‏-40 )

23 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا

24 ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! موسيٰ نيم ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي وڌوا پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘

25 اسان ۾ هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين ڀاءُ شادي ڪئي پر بي‌اولاد مري ويو، تنهنڪري هن جي پتني ٻيو ڀاءُ پرڻيو.

26 اهڙيءَ طرح اها ناري ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي.

27 انهن سڀني کان پوءِ اها ناري بہ مري ويئي.

28 هاڻي جيئن تہ سڀ ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيوت ٿي اٿندا تڏهن اها ناري انهن ستن مان ڪنهن جي پتني ٿيندي؟“

29 يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پوِتر شاستر ٿا ڄاڻو، نڪي ايشور جي شڪتي.

30 ڏسو، جڏهن مري ويل جيوت ٿيندا تہ نہ اهي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن ايشور جي شرڻ ۾ رهندڙ دوت آهن تيئن اهي هوندا.

31 مري ويلن جي جيوت ٿيڻ بابت جيڪي ايشور اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟

32 هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو ايشور نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي.“

33 جڏهن ماڻهن هي ٻڌو تہ اهي يسوع جي سکيا تي عجب ۾ پئجي ويا.


سڀ کان وڏو حڪم
( مرقس 12‏:28‏-34 ، لوقا 10‏:25‏-28 )

34 جڏهن فريسين هي ٻڌو تہ يسوع صدوقين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، تڏهن اهي يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا.

35 انهن مان هڪڙي نيم شاستريءَ يسوع کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي کانئس پڇيو تہ

36 ”اي گرو! موسيٰ جي نيم ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“

37 تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”’تون پرميشور پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘

38 سڀ کان وڏو ۽ پهريون حڪم اهو ئي آهي.

39 ٻيو حڪم بہ انهيءَ جهڙو آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘

40 سڄو نيم شاستر توڙي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن جون سڀ پوِتر لکتون انهن ئي ٻنهي حڪمن تي مدار رکن ٿيون.“


مسيح بابت سوال
( مرقس 12‏:35‏-37 ، لوقا 20‏:41‏-44 )

41 جيڪي فريسي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کان يسوع پڇيو تہ

42 ”اوهين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ هو ڪنهن جي اولاد مان هوندو؟“ انهن وراڻيو تہ ”هو راجا دائود جي اولاد مان هوندو.“

43 تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پوِتر آتما جي هدايت تي هن کي ’پرڀو‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ تہ دائود پاڻ چيو آهي تہ

44 ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘

45 سو جيڪڏهن دائود مسيح کي ’پرڀو‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اهو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“

46 هن جي جواب ۾ ڪو ئي هڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڪنهن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan