متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21 - Hindu Sindhi Bibleيروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ ( مرقس 11:1-11 ، لوقا 19:28-40 ، يوحنا 12:12-19 ) 1 يسوع ۽ سندس چيلا جڏهن يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيتفگاہ ڳوٺ جي سامهون اچي پهتا، تڏهن اتان يسوع ٻن چيلن کي اڳتي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو. 2 انهن کي هدايت ڪيائين تہ ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي گھڙندي ئي اوهين ڏسندا تہ هڪڙي گڏهِہ پنهنجي ٻچي سميت ٻڌل هوندي. انهن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاهي اچو. 3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’گروءَ کي انهن جي ضرورت آهي.‘ پوءِ هو هڪدم اوهان کي اهي ڪاهڻ ڏيندو.“ 4 اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ 5 ”صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ ’ڏسو، اوهان جو راجا اوهان وٽ اچي پيو، هو نماڻو آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي، بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“ 6 تڏهن اهي چيلا روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن يسوع کين چيو هو. 7 اُهي گڏهِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاهي آيا، مٿن پنهنجيون چادرون وڌائون ۽ يسوع انهيءَ تي سوار ٿي ويٺو. 8 اتي موجود وڏي ميڙ مان گھڻن پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي پئي وڇايون، جڏهن تہ ٻين وري وڻن جون ٽاميون آڻي رستي تي پئي وڇايون. 9 ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“ 10 جڏهن يسوع يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ ماڻهو پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي؟“ 11 ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو سنديش ڏيندڙ سنت يسوع آهي.“ هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ ( مرقس 11:15-19 ، لوقا 19:45-48 ، يوحنا 2:13-22 ) 12 يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 13 انهن کي چيائين تہ ”ڇا پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو نہ فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“ 14 پوءِ اتي هيڪل ۾ ڪي انڌا ۽ منڊا يسوع وٽ آيا ۽ هن انهن سڀني کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 15 جڏهن سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين يسوع جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا. 16 تنهنڪري انهن يسوع کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي مهما ڪرائي آهي.‘“ 17 پوءِ يسوع انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيتعنياہ ڳوٺ ڏانهن ويو جتي هو رات رهيو. انجير جي وڻ کي سراپ ڏيڻ ( مرقس 11:12-14 ، 20-24 ) 18 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن يسوع يروشلم ڏانهن موٽيو پئي ويو تہ کيس اچي بک لڳي. 19 هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو. 20 چيلا اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“ 21 يسوع کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين وشواس رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 22 پوري وشواس سان اوهين جيڪي بہ پرارٿنا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“ يسوع مسيح جي اختياريءَ بابت سوال ( مرقس 11:27-33 ، لوقا 20:1-8 ) 23 يسوع جڏهن هيڪل ۾ اچي سکيا پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“ 24 يسوع وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ٿو ڪريان. 25 ٻڌايو تہ يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، ايشور جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’ايشور جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘ 26 پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پيا مڃين.“ 27 تنهنڪري انهن يسوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي.“ تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم پيو ڪريان.“ ٻن پٽن جو مثال 28 پوءِ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هن ڳالهہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا. هو پهريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘ 29 پهريائين تہ هن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻيهي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانهن هليو ويو. 30 پوءِ پتا وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. هن جواب ۾ چيو تہ ’هائو پتا!‘ پر هو ويو ڪين. 31 هاڻي اوهين ٻڌايو تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن پنهنجي پتا جي مرضي پوري ڪئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ وئشيائون ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ اوهان کان اڳي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿين ٿا. 32 ان جو سبب هي آهي تہ يوحنا جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ وئشيائون هن تي يقين ڪري انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“ بيايمان باغائين جو مثال ( مرقس 12:1-12 ، لوقا 20:9-19 ) 33 يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 34 جڏهن ميوي لهڻ جو وقت ٿيو تہ هن پنهنجا نوڪر انهن باغائين ڏانهن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن. 35 پر باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ڪن کي مار ڏني، ڪن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن کي وري سنگسار ڪري ڇڏيائون. 36 پوءِ زميندار اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا، جن سان بہ انهن ساڳي ڪار ڪئي. 37 آخر ۾ هن پنهنجو پٽ موڪليو، ڇاڪاڻ تہ هن جو خيال هو تہ هو انهيءَ جو ضرور لحاظ ڪندا. 38 پر باغائين جڏهن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ 39 تڏهن انهن هن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“ 40 پوءِ يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن کان پڇيو تہ ”هاڻي جڏهن باغ جو مالڪ ايندو تڏهن هو انهن باغائين سان ڪهڙو سلوڪ ڪندو؟“ 41 انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“ 42 يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“ 43 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ايشور جو راڄ اوهان تان هٽي ويندو ۽ انهيءَ نئين چونڊيل قوم مٿان اچي ڇانوَ ڪندو جيڪا پاڻ ۾ انهيءَ جو حقيقي ڦل پيدا ڪندي. 44 باقي، جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“ 45 سردار ڪاهنن ۽ فريسين جڏهن يسوع جا مثال ٻڌا تہ سمجھي ورتائون تہ ”هو اسان بابت ٿو ڳالهائي.“ 46 تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پئي مڃيو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society