Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19 - Hindu Sindhi Bible


طلاق خلاف چتاءُ
( مرقس 10‏:1‏-12 )

1 جڏهن يسوع اهي سمجھاڻيون ڏيئي چڪو تہ هو گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ علائقي جي انهيءَ حصي ۾ آيو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف هو.

2 هن جي پٺيان ماڻهن جا جيڪي وڏا ميڙ پئي آيا تن مان بيمارن کي هن اتي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

3 اتي ڪي فريسي يسوع کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي پتنيءَ کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“

4 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اوهان پوِتر شاستر نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ ايشور انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو

5 ۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.‘

6 هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“

7 تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ نيم ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي پتنيءَ کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“

8 يسوع وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سخت‌دليءَ ڪري اوهان کي آگيا ڏني تہ اوهين پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو.

9 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“

10 تنهن تي سندس چيلن کيس چيو تہ ”جيڪڏهن پتي پتنيءَ جو اهو حال آهي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آهي.“

11 يسوع وراڻيو تہ ”سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري نہ سگھندا. رڳو اهي قبول ڪندا جن کي ايشور کان اهڙي شڪتي مليل هوندي،

12 ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آڪاش جي راڄ جي لاءِ پنهنجي شرير واري خواهش کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“


ننڍڙن ٻارن جي اهميت
( مرقس 10‏:13‏-16 ، لوقا 18‏:15‏-17 )

13 پوءِ ڪي ماڻهو يسوع وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن يسوع پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين آسيس ڪري، پر چيلن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو.

14 يسوع چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.“

15 يسوع انهن تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ پوءِ اتان روانو ٿي ويو.


ايشور جو راڄ ۽ شاهوڪار ماڻهو
( مرقس 10‏:17‏-31 ، لوقا 18‏:18‏-30 )

16 هڪ دفعي هڪ ماڻهو يسوع وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي گرو! آءٌ ڪهڙو چڱو ڪم ڪريان جو امر جيون ملي؟“

17 يسوع وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو ايشور ئي آهي. جيڪڏهن تون امر جيون حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“

18 هن پڇيس تہ ”ڪهڙا حڪم؟“ يسوع وراڻيس تہ ”’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘

19 ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“

20 تنهن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ عمل ڪندو آيو آهيان. باقي ٻيا ڪهڙا ڪم رهيل آهن؟“

21 يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

22 جوان مرد جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ غمگين ٿي پيو ۽ هليو ويو، ڇاڪاڻ تہ هو هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو هو.

23 تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جو آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

24 آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“

25 جڏهن چيلن اهو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“

26 يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“

27 تنهن تي پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون. سو اسان کي ڇا ملندو؟“

28 يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا.

29 جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتا، پتا، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ امر جيون بہ ملندس.

30 پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan