متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18 - Hindu Sindhi Bibleوڏو ڪير؟ ( مرقس 9:33-37 ، لوقا 9:46-48 ) 1 انهيءَ مهل چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”آڪاش جي راڄ ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ 2 تنهن تي يسوع هڪ ٻار کي سڏي انهن جي سامهون بيهاري 3 چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آڪاش جي راڄ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا. 4 ڏسو، آڪاش جي راڄ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري 5 ۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“ ڀَٽڪائڻ واري لاءِ سزا ( مرقس 9:42-48 ، لوقا 17:1-2 ) 6 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي وشواس آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائيندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي. 7 حيف آهي هن سنسار تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿيون. ماڻهو ڀَٽڪي تہ ضرور ويندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو ڀَٽڪي وڃي ٿو. 8 جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا پير تو کي ڀَٽڪائي تہ اهو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي هٿن يا پيرن سان ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو ٿي امر جيون ۾ داخل ٿئين. 9 جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي امر جيون ۾ داخل ٿئين.“ وڃايل رڍ جو مثال ( لوقا 15:3-7 ) 10-11 ”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا. 12 ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪ وڃائجي وڃيس تہ ان جي لاءِ هو ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن هڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟ 13 پوءِ جڏهن هو اها رڍ لهي ٿو تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اُهي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن تن کان وڌيڪ هو انهيءَ هڪ لاءِ خوشي ڪندو. 14 ساڳيءَ طرح اوهان جو آڪاش وارو پتا نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ ڀَٽڪي وڃي.“ ڏوهہ ڪندڙ وشواسي ڀاءُ ڀيڻ بابت هدايت 15 ”جيڪڏهن اوهان جو ڪو وشواسي ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ وشواسيءَ کي موٽائي آندو. 16 پر جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ نہ مڃي تہ پوءِ جيئن موسيٰ جي نيم ۾ لکيل آهي تہ ’هڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي سامهون مٿس ثابت ٿئي.‘ 17 جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ منڊليءَ کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن منڊليءَ کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير وشواسين ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“ يسوع مسيح جو چيلن کي اختياري ڏيڻ 18 ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي منع ڪندا، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندا، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي. 19 سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ پرارٿنا ڪندا تہ منهنجو آڪاش وارو پتا اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو، 20 ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“ بڇڙي نوڪر جو مثال 21 تڏهن پطرس يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن منهنجو ڪو هموشواسي منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“ 22 يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ بخشي ڇڏڻ لاءِ رڳو ست دفعا نہ ٿو چوان، بلڪ ستر دفعا ست ست. 23 ڏسو، آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي راجا پنهنجي نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 24 جڏهن هو حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس هڪ اهڙو نوڪر آندو ويو جنهن ڏانهن هن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض هئا. 25 پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس پتنيءَ ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘ 26 تنهن تي نوڪر پنهنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ’مون کي مهلت ڏيو. آءٌ اوهان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘ 27 هن جي مالڪ کي مٿس ديا اچي ويئي سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين. 28 پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘ 29 هن جو ساٿي پيرن تي ڪري کيس ليلائي چوڻ لڳو تہ ’مون کي مهلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘ 30 پر هن سندس هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين هو قرض ادا نہ ڪري. 31 جڏهن انهيءَ جي ساٿي نوڪرن هي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سمورو احوال پنهنجي مالڪ کي ٻڌايائون. 32 تنهن تي مالڪ انهيءَ نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنهنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي منٿون ڪيون هيون. 33 ڇا تو کي بہ اهڙيءَ طرح پنهنجي ساٿي نوڪر تي ديا ڪرڻ نہ کپندي هئي جيئن مون تو تي ڪئي؟‘ 34 سو مالڪ مٿس ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين هو سمورو قرض واپس نہ ڪري.“ 35 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آڪاش وارو پتا بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society