متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح جو جوتي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ ( مرقس 9:2-13 ، لوقا 9:28-36 ) 1 ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو. 2 اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي ويو. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي. 3 تڏهن ڇا ڏسن تہ يسوع سان موسيٰ ۽ ايلياہ سنت ڳالهيون ڪري رهيا آهن. 4 تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“ 5 اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 6 اهو آواز ٻڌي چيلا ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون. 7 تڏهن يسوع وٽن اچي کين هٿ لائي چيو تہ ”اُٿو، ڊڄو نہ.“ 8 جڏهن هنن اکيون کڻي نهاريو تہ يسوع کان سواءِ اتي ٻيو ڪنهن کي بہ نہ ڏٺائون. 9 پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ يسوع کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين منشپتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“ 10 تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”نيم شاستري ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟“ 11 هن وراڻيو تہ ”برابر، ايلياہ پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. 12 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح منشپتر بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“ 13 تڏهن ئي چيلن سمجھيو تہ هو ساڻن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالهائي رهيو هو. مرگھيءَ واري ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ ( مرقس 9:14-29 ، لوقا 9:37-43 ) 14 جڏهن يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ ٻين چيلن ۽ خلق ڏانهن موٽيو تہ هڪڙو ماڻهو وٽس اچي گوڏا کوڙي 15 چوڻ لڳس تہ ”سوامي! منهنجي پٽ تي ديا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هن کي مرگھيءَ جو اهڙو ڏکوئيندڙ مرض آهي جو اڪثر ڪري باهہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري. 16 آءٌ کيس اوهان جي چيلن وٽ وٺي آيو هئس، پر اُهي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“ 17 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اي بيوشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“ 18 پوءِ يسوع ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو. 19 پوءِ نويڪلائيءَ ۾ چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ 20-21 يسوع وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو وشواس ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻٿيڻي نہ آهي.“ يسوع مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻيو دفعو ٻڌائڻ ( مرقس 9:30-32 ، لوقا 9:43-45 ) 22 پوءِ جڏهن سڀيئي چيلا گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ يسوع انهن کي ٻڌايو تہ ”منشپتر جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو. 23 اهي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ تنهن تي چيلا ڏاڍا غمگين ٿي پيا. هيڪل جي ٽيڪس جي ادائگي 24 جڏهن يسوع ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم ۾ اچي پهتا تہ هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنهنجو گرو هيڪل جو ٽيڪس نہ ڏيندو آهي؟“ 25 تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي يسوع پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا راجا ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“ 26 تنهن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌارين کان.“ يسوع چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رهاڪو ٽيڪس ڏيڻ کان آجا آهن. 27 پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society