Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16 - Hindu Sindhi Bible


آڪاشي نشانيءَ جي گھُر
( مرقس 8‏:11‏-13 ، لوقا 12‏:54‏-56 )

1 يسوع وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“

2 پر يسوع انهن کي ورندي ڏني تہ ”جڏهن سج لهڻ مهل آڪاش ڳاڙهو ٿو ٿئي تہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘

3 ۽ جڏهن صبح جو آڪاش ڳاڙهو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينهن پوندو.‘ اوهان کي آڪاش جي نشانين جي تہ سڌ پوي ٿي پر هلندڙ وقت جي نشانين جي سڌ نہ ٿي پئيوَ.

4 هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ ڀَٽڪيل آهن جو مون کان ايشور طرفان نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.


فريسين ۽ صدوقين جو خمير
( مرقس 8‏:14‏-21 )

5 گليل ڍنڍ جي هُن ڀر وڃڻ وقت يسوع جي چيلن کان روٽي کڻڻ وسري ويئي هئي.

6 هاڻي جڏهن يسوع کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“

7 تڏهن هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسين روٽي ڪونہ کڻي آيا آهيون.“

8 يسوع سندن ڳالهہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ ’اسان وٽ روٽي ڪونهي‘؟

9 اڃا تائين اوهين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوهان کي ياد نہ آهي تہ اوهان پنج روٽيون پنج هزار ماڻهن ۾ ورهايون هيون؟ ان وقت اوهان بچيل ڳڀن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟

10 يا وري ست روٽيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائڻ ياد نہ اٿوَ؟ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟

11 اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ مون اوهان کي روٽيءَ بابت نہ چيو آهي؟ بلڪ ائين چيو اٿم تہ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ڪجو.“

12 تڏهن چيلن سمجھيو تہ هو روٽيءَ ۾ ڪم ايندڙ خمير کان هوشيار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي سکيا کان هوشيار رهڻ لاءِ پيو چوي.


پطرس جو يسوع مسيح بابت اظهار
( مرقس 8‏:27‏-30 ، لوقا 9‏:18‏-21 )

13 جڏهن يسوع قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي چيلن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منش‌پتر بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“

14 انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ يا ٻين سنتن مان ڪوبہ هڪ آهيو.“

15 يسوع پڇين تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“

16 تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“

17 يسوع چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي.

18 آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي منڊلي اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي حاوي ٿيندي.

19 آءٌ آڪاش جي راڄ جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪندس. سو جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي منع ڪندين، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندين، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي.“

20 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آهيان.“


يسوع مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
( مرقس 8‏:31‏–9‏:1 ، لوقا 9‏:22‏-27 )

21 انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“

22 پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي پرڀو! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“

23 يسوع ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“

24 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي.

25 ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي جان بچايان،‘ سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندو تنهن کي اها ملندي.

26 ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.

27 ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.

28 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو منش‌پتر کي راجا جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan