Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15 - Hindu Sindhi Bible


وڏن جون ريتون رسمون
( مرقس 7‏:1‏-13 )

1 تنهن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ نيم شاستري يسوع وٽ آيا ۽ چيائونس تہ

2 ”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ رسوئي کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“

3 پر يسوع کين وراڻي ڏيندي چيو تہ ”ڀلا اوهين ڇو پنهنجي انهن ريتن رسمن جي ڪري ايشور جو حڪم ڀڃو ٿا؟

4 جيئن تہ ايشور فرمايو آهي تہ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪريو‘ ۽ ’جيڪو بہ پنهنجي پتا يا ماتا جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي،‘

5 پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماتا يا پتا جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هو چوي ٿو تہ ”اها ايشور جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي،“

6 تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پتا جو مان نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري ايشور جي وچن کي رد ڪريو ٿا.

7 اي پاکنڊيؤ! بيشڪ ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح فرمايو آهي تہ

8 ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.

9 هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“


انسان کي اپوِتر ڪرڻ واريون شيون
( مرقس 7‏:14‏-23 )

10 پوءِ يسوع سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو

11 تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي اپوِتر نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي اپوِتر ڪري ٿي.“

12 تڏهن چيلن اچي چيس تہ ”گرو! ڇا اوهان کي سڌ آهي تہ اوهان جي هيءَ ڳالهہ فريسين کي ڏاڍي بري لڳي آهي؟“

13 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آڪاش واري پتا نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو.

14 سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“

15 تنهن تي پطرس کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اپوِتر ڪرڻ واري مثال جي معنيٰ ڇا آهي.“

16 يسوع چيو تہ ”اوهين بہ اڃا تائين بي‌سمجھہ آهيو ڇا؟

17 ايتري بہ سڌ نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي پوي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاهر نڪري وڃي ٿو.

18 پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي اپوِتر ڪن ٿيون.

19 هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.

20 اهي ئي تہ ڳالهيون آهن جيڪي انسان کي اپوِتر ڪن ٿيون. پر اڻ‌ڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهوءَ کي اپوِتر نہ ٿو ڪري.“


هڪ غير يهودي ناريءَ جو وشواس
( مرقس 7‏:24‏-30 )

21 پوءِ يسوع اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شهرن جي علائقي ڏانهن ويو.

22 اتان جي هڪ ڪنعاني ناري يسوع جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سوامي! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“

23 پر يسوع ان ناريءَ کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس چيلن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”گرو! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“

24 تنهن تي يسوع چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي ڀَٽڪيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“

25 تنهن هوندي بہ هوءَ اچي پهتي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري کيس چيائين تہ ”اي سوامي! منهنجي مدد ڪريو.“

26 يسوع چيس تہ ”اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي روٽي کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“

27 پر ناريءَ وراڻيس تہ ”سوامي! اهو تہ برابر آهي، پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي رسوئيءَ جا ڪريل ٽڪر کائيندا آهن.“

28 تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو وشواس رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


گھڻن ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ

29 يسوع اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ويجھو پهتو ۽ ان جي ڪناري سان هلڻ لڳو. پوءِ هو هڪڙي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ اتي ويهي رهيو.

30 ماڻهن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترائي بيمار آندا. انهن کي يسوع جي پيرن وٽ ويهاريائون ۽ هن کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.

31 ماڻهن جڏهن ڏٺو تہ گونگا ڳالهائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آهن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا، تڏهن هو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا.


چار هزار کان مٿي ماڻهن کي کارائڻ
( مرقس 8‏:1‏-10 )

32 يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

33 تنهن تي چيلن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري روٽي اسين ڪٿان آڻينداسين؟“

34 يسوع پڇين تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست روٽيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون آهن.“

35 تنهن تي يسوع ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“

36 پوءِ هن ست ئي روٽيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو ۽ چيلا خلق کي ڏيندا ويا.

37 انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو چيلن ست کاريون ڀريون.

38 جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد نارين ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل چار هزار هو.

39 پوءِ يسوع ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مگدن جي علائقي ڏانهن هليو ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan