Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14 - Hindu Sindhi Bible


يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو قتل
( مرقس 6‏:14‏-29 ، لوقا 9‏:7‏-9 )

1 انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جڏهن يسوع جي هاڪ ٻڌي،

2 تڏهن پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ ”هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو ئي آهي. جيئن تہ هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، تنهنڪري هو اهي چمتڪار ٿو ڪري.“

3 ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي پتني هيرودياس جي چوڻ تي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.

4 انهيءَ جو سبب اهو هو جو يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيوت هوندي ئي پنهنجي ڀاڄائي هيرودياس سان شادي ڪريو.“

5 سو هيروديس يوحنا کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ٿي سمجھيو.

6 پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو

7 جو هن قسم کڻي ساڻس وچن ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“

8 تنهن تي انهيءَ ڪنيا پنهنجي ماتا جي چوڻ تي وراڻيس تہ ”مون کي يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ هتي گھرائي ڏيو.“

9 اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي وچن ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڪنيا جي مرضي پوري ٿئي.

10 سو ماڻهو موڪلي جيل ۾ يوحنا جي سسي لهرايائين.

11 سسي ٿالهہ ۾ وجھي آڻي ڪنيا جي اڳيان رکيائون، جنهن اها پنهنجي ماتا کي ڏيئي ڇڏي.

12 ان کان پوءِ يوحنا جي چيلن اچي سندس لاش وٺي ان کي دفن ڪيو هو ۽ يسوع کي اچي ٻڌايو هئائون.


پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
( مرقس 6‏:30‏-44 ، لوقا 9‏:10‏-17 ، يوحنا 6‏:1‏-14 )

13 جڏهن يسوع اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چيلن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا.

14 جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.

15 جڏهن شام ٿي تہ سندس چيلا وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ هتي اسين ويران هنڌ تي آهيون. سو ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ ڀل ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“

16 پر يسوع وراڻين تہ ”انهن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اوهين ئي انهن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

17 تنهن تي انهن چيس تہ ”اسان وٽ پنجن روٽين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“

18 يسوع کين چيو تہ ”اهي مون وٽ کڻي اچو.“

19 هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن روٽيون ڀڃي چيلن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.

20 سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان چيلن ٻارهن کاريون ڀريون.

21 جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد نارين ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج هزار هو.


يسوع مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ
( مرقس 6‏:45‏-52 ، يوحنا 6‏:16‏-21 )

22 تڏهن هڪدم يسوع پنهنجي چيلن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر هلو.“ پوءِ هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي

23 ۽ پاڻ ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ ويو. رات تائين هو اتي اڪيلو ئي رهيو.

24 انهيءَ مهل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي هئي ۽ ڇولين جي ڪري لوڏا کائي رهي هئي، ڇاڪاڻ تہ واءُ ان جي سامهون هو.

25 رات جي پوئين پهر ۾ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انهن وٽ آيو.

26 چيلن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دهلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو جن آهي.“ سو هو ڊپ ۾ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳا.

27 تنهن تي يسوع هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“

28 پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن تون آهين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.“

29 تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو يسوع ڏانهن وڃڻ لڳو.

30 پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي پرڀو! بچاءِ، بچاءِ.“

31 تڏهن يسوع هڪدم هٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنهنجو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.“

32 پوءِ جيئن ئي هو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا تہ واءُ بند ٿي ويو.

33 تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“


گنيسرت علائقي ۾ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( مرقس 6‏:53‏-56 )

34 يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيو.

35 اتان جي ماڻهن هن کي سڃاڻي ورتو. تنهنڪري هنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻهو گھرائي يسوع وٽ آندا.

36 ماڻهن منٿ ڪيس تہ ”اوهين رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ تڏهن جن بہ هٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan