Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12 - Hindu Sindhi Bible


سبت جي ڏينهن بابت سوال
( مرقس 2‏:23‏-28 ، لوقا 6‏:1‏-5 )

1 ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ يسوع سبت جي ڏينهن اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو. جيئن تہ هن جي چيلن کي بک لڳي هئي، سو اهي اناج جا سنگ پٽي کائڻ لڳا.

2 تڏهن فريسين اهو ڏسي يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينهن تي ڪرڻ جائز نہ آهي.“

3 تنهن تي يسوع چين تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ اهو ڪين پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تہ دائود ڇا ڪيو هو؟

4 هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين ڀيٽا وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا.

5 ڇا اوهان نيم شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ هيڪل ۾ توڙي جو ڪاهن سبت جي ڏينهن جي پرهيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوهي نہ ٿا ليکجن؟

6 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ آهي جيڪو هيڪل کان بہ وڏو آهي.

7 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي.‘ جيڪڏهن اوهين هن جي صحيح معنيٰ سمجھو ها تہ بي‌ڏوهين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو ها.

8 ياد رکو، منش‌پتر تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“


سڪل هٿ وارو ماڻهو
( مرقس 3‏:1‏-6 ، لوقا 6‏:6‏-11 )

9 تنهن کان پوءِ يسوع اتان روانو ٿي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ هليو ويو.

10 اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ يسوع ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي؟“

11 تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي رڍ سبت جي ڏينهن کڏ ۾ ڪري پوي، تہ ڇا اهو ان کي جھلي ٻاهر نہ ڪڍندو؟

12 جڏهن تہ انسان رڍ کان گھڻو وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري سبت جي ڏينهن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آهي.“

13 پوءِ هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي هٿ جهڙو ٿي پيس.

14 تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن يسوع کي ختم ڪجي.


ايشور جو مخصوص ڪيل داس

15 جڏهن يسوع کي فريسين جي سازشن جي سڌ پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو

16 ۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”مون بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“

17 اهڙيءَ طرح ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿيو تہ

18 ”ڏسو، هي منهنجو داس آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.

19 هي نہ جھيڙو جھڳڙو ڪندو ۽ نہ هل هنگامو، نڪي وري چونڪن ۾ هن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.

20 هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو. ائين ئي هو ثابت قدم رهندو، ايستائين جو انصاف جي سوڀ نہ ڪرائي.

21 هن ۾ ئي سڀني قومن جون اميدون هونديون.“


يسوع مسيح ۽ بعل‌زبول
( مرقس 3‏:20‏-30 ، لوقا 11‏:14‏-23 )

22 پوءِ يسوع وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. يسوع ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.

23 هي ڏسي سڄي خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا هي اهو تہ نہ آهي جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان اچڻ وارو آهي؟“

24 جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“

25 يسوع انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي.

26 سو جيڪڏهن شيطان ئي شيطان کي ڪڍندو تہ ڇا سندس راڄ ۾ ڏڦيڙ نہ پوندو؟ هائو، پوءِ اهو ڪيئن جٽاءُ ڪري سگھندو؟

27 جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا.

28 پر جيڪڏهن آءٌ ايشور جي آتما جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ ايشور جو راڄ اوهان وٽ اچي پهتو آهي.

29 ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻلوان ماڻهوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان ٻلوان ماڻهوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھندو.

30 جيڪو مون سان نہ آهي سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.

31 تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ پاپ يا ايشور جي نندا جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ نندا جي جيڪا پوِتر آتما جي خلاف بڪي وڃي ٿي. اها هرگز نہ بخشي ويندي.

32 جيڪڏهن ڪو منش‌پتر جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پوِتر آتما جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“


جهڙو وڻ تهڙو ميوو
( لوقا 6‏:43‏-45 )

33 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي.

34 سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.

35 هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.

36 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.

37 اوهان جا لفظ ئي اوهان کي ڏوهي يا بي‌ڏوهي قرار ڏياريندا.“


ثابتيءَ لاءِ نشانيءَ جي گھُر
( مرقس 8‏:11‏-12 ، لوقا 11‏:29‏-32 )

38 پوءِ ڪن نيم شاسترين ۽ فريسين هن کي چيو تہ ”اي گرو! اسان کي ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“

39 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ ڀَٽڪيل آهن جو مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.

40 جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن منش‌پتر بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.

41 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يوناہ جي پرچار تي ئي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يوناہ کان بہ مهان آهي.

42 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان راجا سليمان جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ مهان آهي.“


ڀوتن جو موٽڻ
( لوقا 11‏:24‏-26 )

43 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏهن اهو ويران هنڌن ۾ ڪا جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو، جتي هو آرام ڪري سگھي، پر کيس آرام نہ ٿو ملي.

44 پوءِ هو چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ سو جڏهن هو موٽي اچي ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آهي،

45 تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“


يسوع مسيح جي ماتا ۽ ڀائر ڪير؟
( مرقس 3‏:31‏-35 ، لوقا 8‏:19‏-21 )

46 يسوع ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماتا ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون.

47 تنهن تي ماڻهن مان هڪڙي يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اوهان جي ماتا ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ڳالهائڻ ٿا چاهين.“

48 يسوع کيس وراڻيو تہ ”ڪير آهي منهنجي ماتا ۽ ڪير آهن منهنجا ڀائر؟“

49 پوءِ هن پنهنجي چيلن ڏانهن اشارو ڪري چيو تہ ”ڏسو، منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر هي آهن.

50 هائو، جيڪو بہ منهنجي آڪاش واري پتا جي مرضيءَ تي هلي ٿو، سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماتا آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan