Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 9 - Hindu Sindhi Bible


ٻارهن سنتن کي موڪلڻ
( متي 10‏:5‏-15 ، مرقس 6‏:7‏-13 )

1 يسوع پنهنجي مقرر ڪيل ٻارهن سنتن کي سڏي کين هيءَ شڪتي ۽ اختياري ڏني تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍن ۽ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن.

2 پوءِ انهن کي موڪليائين تہ ”وڃي ايشور جي راڄ جو پرچار ڪريو ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو.“

3 هن کين اهو تاڪيد بہ ڪيو تہ ”رستي لاءِ ڪجھہ بہ نہ کڻجو، نہ لٺ، نہ ٿيلهو، نہ روٽي، نہ پئسا ۽ نہ وري ڪو وڌيڪ وڳو.

4 جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهجو جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو.

5 جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“

6 تڏهن اهي چيلا روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ايشور جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۽ هر هنڌ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳا.


هيروديس جو مونجھڪاري ۾ پوڻ
( متي 14‏:1‏-12 ، مرقس 6‏:14‏-29 )

7 جڏهن يسوع بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يوحنا مئلن مان جيوت ٿيو آهي،“

8 ڪن پئي چيو تہ ”ايلياہ ظاهر ٿيو آهي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو وري جيوت ٿيو آهي.“

9 تنهن تي هيروديس چيو تہ ”يوحنا جي تہ مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هيءُ ڪير آهي جنهن بابت هن طرح جون ڳالهيون ٿا ٻڌون؟“ تڏهن هو يسوع سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.


پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
( متي 14‏:13‏-21 ، مرقس 6‏:30‏-44 ، يوحنا 6‏:1‏-14 )

10 اهي ٻارهن سنت جڏهن موٽي آيا، تڏهن يسوع کي اهو سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي هنن ڪيو هو. پوءِ يسوع انهن کي پاڻ سان گڏ نويڪلو وٺي بيت‌صيدا نالي شهر ڏانهن روانو ٿيو.

11 پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ يسوع جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين ايشور جي راڄ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي.

12 جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن چيلن اچي يسوع کي چيو تہ ”ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ اوسي‌پاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“

13 پر يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهين ئي کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنهن تي چيلن وراڻيس تہ ”اسان وٽ تہ پنجن روٽين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهين چئو تہ اسين هيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“

14 هنن اهو انهيءَ ڪري چيو تہ ميڙ ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. تڏهن يسوع چيلن کي چيو تہ ”هنن کي پنجاهہ پنجاهہ جي ٽولين ۾ ڪري ويهاريو.“

15 پوءِ چيلن يسوع جي چوڻ موجب سڀني کي ويهاري ڇڏيو.

16 تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آڪاش ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو چيلن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن.

17 پوءِ تہ سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون چيلن ٻارهن کاريون ڀريون.


پطرس جو يسوع مسيح بابت اظهار
( متي 16‏:13‏-19 ، مرقس 8‏:27‏-29 )

18 هڪ دفعي جڏهن يسوع اڪيلو پرارٿنا ڪري رهيو هو ۽ سندس چيلا ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“

19 چيلن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين ايلياہ آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو جيوت ٿي اٿيا آهيو.“

20 هن چيلن کان پڇيو تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”تون ايشور جو مسيح آهين.“

21 تڏهن کين تاڪيد ڪندي حڪم ڏنائين تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“


يسوع مسيح جو پنهنجي تڪليفن ۽ موت بابت ٻڌائڻ
( متي 16‏:21‏-28 ، مرقس 8‏:31‏–9‏:1 )

22 يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي ايشور کيس وري جيوت ڪري اٿاري.“

23 پوءِ چيلن سميت سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري سو پنهنجي آپي کي ماري ۽ هر روز پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي.

24 ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ چاهيندو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو، سو انهيءَ کي بچائيندو.

25 جيڪڏهن ماڻهو کڻي سڄو سنسار هٿ ڪري، پر پنهنجي جان وڃائي يا انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏي تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟

26 ڏسو، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو، تنهن کان منش‌پتر بہ شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي، پنهنجي ۽ پوِتر دوتن جي جوت ۾ ايندو.

27 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ايشور جي راڄ کي نہ ڏسندا.“


يسوع مسيح جو جوتي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ
( متي 17‏:1‏-8 ، مرقس 9‏:2‏-8 )

28 انهن ڳالهين جي اٽڪل اٺن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي هڪڙي جبل تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ ويو.

29 جيئن ئي هو پرارٿنا ڪري رهيو هو تہ سندس روپ بدلجي پيو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.

30 اتي جو اتي ٻہ شخص يسوع سان ڳالهيون ڪندي نظر آيا. اهي سنديش ڏيندڙ سنت موسيٰ ۽ ايلياہ هئا،

31 جيڪي جوتي روپ ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. هنن يسوع جي موت بابت پئي ڳالهايو جيڪو يروشلم ۾ ٿيڻو هو.

32 ان وقت پطرس ۽ سندس ساٿي گَهري ننڊ ۾ هئا ۽ جڏهن جاڳيا، تڏهن يسوع جي جوت ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون.

33 جڏهن موسيٰ ۽ ايلياہ يسوع وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.“ پر کيس سڌ ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي.

34 اڃا هن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ جڏهن اهي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ چيلا ڊڄي ويا.

35 انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پٽ ۽ منهنجو مخصوص ڪيل آهي، سو اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“

36 جڏهن اهو آواز آيو تڏهن يسوع اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ چيلن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون اتي ٿيندي ڏٺيون هئائون تن مان ڪابہ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان بہ نہ ڪيائون.


ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ
( متي 17‏:14‏-18 ، مرقس 9‏:14‏-27 )

37 ٻئي ڏينهن تي يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ جبل تان لٿو تہ هڪ وڏو ميڙ اچي ساڻس مليو.

38-39 تڏهن انهيءَ ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو تہ ”اي گرو! آءٌ اوهان کي وينتي ٿو ڪريان تہ منهنجو پٽ جنهن ۾ ڀوت آهي تنهن کي هلي ڏسو، ڇو تہ اهو منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي. جڏهن اهو ڀوت اچي ٿو وٺيس، تہ هو اوچتو وٺيو رڙيون ٿو ڪري ۽ ڀوت اهڙو ٿو گھُٽيس جو گِگَ پئي وهيس ۽ ڏاڍا ايذاءَ ڏيندي مس مس ٿو منجھانئس نڪري.

40 مون اوهان جي چيلن کي بہ وينتي ڪندي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو،‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“

41 تنهن تي يسوع چيو تہ ”اي بي‌وشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پتا کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“

42 جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر يسوع ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پتا جي حوالي ڪيائين.

43 سڀيئي ايشور جي ايڏي شڪتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو يسوع جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني چيلن کي چيو تہ


ٻيو دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
( متي 17‏:22‏-23 ، مرقس 9‏:30‏-32 )

44 ”هيءَ ڳالهہ پنهنجي هينئين سان هنڊايو تہ منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.“

45 پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجھي. اها ڳالهہ کانئن ڳجھي رکي ويئي هئي تہ جيئن اهي سمجھي نہ سگھن. هو انهيءَ بابت يسوع کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


وڏو ڪير؟
( متي 18‏:1‏-5 ، مرقس 9‏:33‏-37 )

46 هڪ دفعي چيلا پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آهي؟“

47 يسوع سندن دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو هڪڙو ننڍو ٻار کڻي پنهنجي ڀرسان بيهاريائين.

48 پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن ايشور کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“


مخالف ۽ طرفدار ڪير؟
( مرقس 9‏:38‏-40 )

49 پوءِ يوحنا يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇو تہ هو اسان سان گڏ اوهان جي پيروي نہ ٿو ڪري.“

50 پر يسوع چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي خلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.“


سامرين جو يسوع مسيح کي ڳوٺ ۾ اچڻ کان روڪڻ

51 جڏهن يسوع جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

52 هن پاڻ کان اڳ ۾ ڪن قاصدن کي روانو ڪيو. اهي وڃي سامرين جي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا تہ جيئن اتي يسوع لاءِ رات گذارڻ جو انتظام ڪرائين.

53 پر اتان جي ماڻهن يسوع جو ڳوٺ ۾ اچڻ قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندس رخ يروشلم ڏانهن هو.

54 تڏهن سندس چيلن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آڪاش مان باهہ اچي هنن کي ناس ڪري ڇڏي.“

55 پر يسوع ڦري هنن کي ڇينڀيو

56 ۽ پوءِ هو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا.


يسوع مسيح جا پوئلڳ ڪير؟
( متي 8‏:19‏-22 )

57 جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويا تہ هڪڙي ماڻهوءَ يسوع کي چيو تہ ”جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“

58 يسوع هن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منش‌پتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“

59 يسوع ٻئي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ پر هن جواب ڏنس تہ ”اي سوامي! مون کي تيستائين آگيا ڏيو، جيستائين آءٌ پنهنجي پتا کي دفنائي اچان.“

60 تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻهن ۾ ايشور جي راڄ جو پرچار ڪر.“

61 هڪڙي ٻئي بہ يسوع کي چيو تہ ”اي سوامي! آءٌ اوهان جي پٺيان هلندس، پر پهريائين آگيا ڏيو تہ گھر جي ماڻهن کان موڪلائي اچان.“

62 تنهن تي يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪو پنهنجو هٿ هر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نهاري، سو ايشور جي راڄ جي لائق نہ آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan