Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 7 - Hindu Sindhi Bible


فوجي صوبيدار جي نوڪر کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( متي 8‏:5‏-13 )

1 جڏهن يسوع ماڻهن کي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم شهر ۾ آيو.

2 اتي رومي فوج جي هڪ صوبيدار جو نوڪر بيمار هو ۽ مرڻ تي هو. اهو نوڪر صوبيدار کي ڏاڍو پيارو هو.

3 هن جڏهن يسوع بابت ٻڌو، تڏهن يهودين جي ڪن چڱن مڙسن کي يسوع ڏانهن موڪلي کيس وينتي ڪيائين تہ هو اچي سندس نوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري.

4 اهي يسوع وٽ آيا ۽ صوبيدار جي مدد لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪندي چيائونس تہ ”اهو ماڻهو انهيءَ لائق آهي جو اوهين مٿس هي احسان ڪريو.

5 هو اسان جي قوم سان گھڻو پيار ڪري ٿو ۽ اسان لاءِ ڀڳتيءَ واري جاءِ بہ هن ئي ٺهرائي آهي.“

6 تڏهن يسوع انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سوامي! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو،

7 نڪي مون پاڻ کي انهيءَ لائق سمجھيو جو اوهان وٽ اچان. پر اوهين اُتان ئي رڳو حڪم ڪندا تہ منهنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو.

8 ڏسو، آءٌ پڻ ٻين جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان بہ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر‘ تہ هو ڪندو.“

9 يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو وشواس بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“

10 جڏهن صوبيدار جا ماڻهو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق هو.


وڌوا ناريءَ جي پٽ کي جيوت ڪرڻ

11 ان کان پوءِ يسوع نائينِ نالي ڳوٺ ڏانهن ويو ۽ هن سان گڏ سندس چيلا ۽ هڪ وڏو ميڙ هو.

12 جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماتا جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا وڌوا هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا.

13 جڏهن پرڀوءَ ان وڌوا کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ديا آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“

14 پوءِ پاڻ ويجھو اچي ارٿيءَ تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“

15 تنهن تي اهو مري ويل اُٿي ويٺو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماتا جي حوالي ڪيائين.

16 انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو ايشور جي مهما ڪري چوڻ لڳا تہ ”ايشور جو هڪڙو وڏو سنت اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. ايشور پنهنجي قوم تي ڪرپا ڪئي آهي.“

17 اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چؤطرف پکڙجي ويئي.


يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا قاصد
( متي 11‏:2‏-19 )

18 اهي سڀ ڳالهيون يوحنا کي سندس چيلن وڃي ٻڌايون. تنهن تي يوحنا پنهنجي چيلن مان ٻن کي

19 پرڀوءَ ڏانهن اهو چوائي موڪليو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“

20 اهي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ چيائون تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ واري اسان کي اوهان ڏانهن اهو پڇڻ لاءِ موڪليو آهي تہ جيڪو اچڻ وارو آهي، اهو اوهين آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“

21 انهيءَ گھڙيءَ يسوع گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.

22 سو يسوع انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

23 سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“

24 جڏهن يوحنا جا قاصد موٽي ويا، تڏهن يسوع ميڙ کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟

25 پر آخر ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڀلا سٺا ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي راجائي محلن ۾ هوندا آهن.

26 پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا سنديش ڏيندڙ هڪ سنت کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنديش ڏيندڙ سنت کان بہ وڏي کي.

27 بلڪ يوحنا ئي اهو آهي جنهن بابت پوِتر شاستر ۾ ايشور هي فرمايو آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘

28 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي بہ ماتا جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يوحنا کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ ايشور جي راڄ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يوحنا کان بہ وڏو آهي.“

29 سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يوحنا کان بپتسما وٺي ايشور کي سچار ڪري مڃيو هو.

30 پر فريسين ۽ نيم شاسترين يوحنا کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان ايشور جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو.

31 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان تہ اهي ڪنهن وانگر آهن؟

32 اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن، جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘

33 ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري وِرت جي ڪري اڪثر نہ روٽي ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘

34 پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو ساٿي آهي.‘

35 پر ياد رکو، سياڻپ سان هلندڙن جي ڪمن مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“


پاپڻ ناريءَ جا پاپ معاف ڪرڻ

36 هڪڙي ڏينهن ڪنهن فريسيءَ يسوع کي وينتي ڪئي تہ ”مون وٽ هلي رسوئي کائو.“ تڏهن هو سندس گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو.

37 انهيءَ شهر ۾ هڪڙي پاپڻ ناري رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ يسوع هڪڙي فريسيءَ جي گھر رسوئي کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.

38 هوءَ يسوع جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان يسوع جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.

39 تنهن تي فريسي، جنهن يسوع جي رسوئي ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ ناري جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ پاپڻ آهي!“

40 تڏهن يسوع کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”گرو! بيشڪ چئو.“

41 تنهن تي يسوع چيو تہ ”هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا. هڪڙي ڏانهن پنج سؤ چانديءَ جا سڪا هئس ۽ ٻئي ڏانهن پنجاهہ.

42 پر انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ هو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنهنڪري ٻنهي کي بخشي ڇڏيائين. هاڻي انهن ٻنهي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“

43 شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنهن کي گھڻو بخش ڪيائين، اهو.“ تڏهن يسوع چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“

44 پوءِ انهيءَ ناريءَ ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”هن ناريءَ کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنهنجي گھر آيس تہ تو مون کي پير ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوتا ۽ پنهنجي وارن سان اُگھيا آهن.

45 تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آهيان تہ هن منهنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آهي.

46 تو منهنجي مٿي کي تيل بہ نہ مکيو، پر هن تہ منهنجي پيرن کي عطر مکيو آهي.

47 انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا پاپ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا پاپ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“

48 پوءِ انهيءَ ناريءَ کي چيائين تہ ”تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“

49 تڏهن جن يسوع سان گڏ کاڌو پئي سي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو پاپ بہ معاف ٿو ڪري؟“

50 يسوع انهيءَ ناريءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تنهنجي وشواس تو کي بچايو آهي. سو هاڻي دلجاءِ سان هلي وڃ.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan