لوقا 5 - Hindu Sindhi Bibleپهريان چيلا بڻائڻ ( متي 4:18-22 ، مرقس 1:16-20 ) 1 هڪڙي دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جون ڳالهيون ٻڌن. 2 ان وقت هن ڍنڍ جي ڪناري تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون، جن مان لهي مهاڻن پنهنجا ڄار پئي ڌوتا. 3 سو يسوع انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي سکيا ڏيڻ لڳو. 4 جڏهن يسوع ڳالهائي بس ڪئي تڏهن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونهي پاڻيءَ ۾ ڪاهي هلو ۽ اتي اوهين شڪار لاءِ پنهنجا ڄار وجھو.“ 5 تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سوامي! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“ 6 انهن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن. 7 تنهن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي هئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. هو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون. 8 جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ يسوع جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاپي آهيان.“ 9-10 شمعون سان گڏوگڏ سندس ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، بلڪ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويا. تنهن تي يسوع شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون مڇين بدران ماڻهن کي هٿ ڪندين.“ 11 پوءِ اهي ٻيڙين کي ڌِڪي ڪناري تي ڪاهي آيا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا. ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي چڱو ڀلو ڪرڻ ( متي 8:1-4 ، مرقس 1:40-45 ) 12 هڪ دفعي يسوع ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“ 13 سو يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو. تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو. 14 پوءِ يسوع کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“ 15 يسوع بابت اهي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سو ماڻهن جا وڏا ميڙ اچي هن وٽ گڏ ٿيندا هئا، تہ جيئن هن جون ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان ڇٽي چڱا ڀلا ٿين. 16 پوءِ بہ هو وقت ڪڍي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ پرڀرو اڪيلائيءَ ۾ هليو ويندو هو. اڌرنگي ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ ( متي 9:1-8 ، مرقس 2:1-12 ) 17 هڪڙي ڏينهن يسوع ڪنهن گھر ۾ سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ نيم شاستري بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ پرميشور جي شڪتي يسوع سان گڏ هوندي هئي، 18 سو ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگي ماڻهوءَ کي کٽولي تي کڻي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ هن کي گھر جي اندر کڻي اچي يسوع جي اڳيان رکن. 19 پر ميڙ جي ڪري انهن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنهنڪري هو ڪوٺي تي چڙهي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس هيٺ ماڻهن جي وچ ۾ يسوع جي اڳيان ڪري لاٿائون. 20 يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي بيمار کي چيو تہ ”ميان! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ 21 تنهن تي نيم شاستري ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري! ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ 22 يسوع انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟ 23 ڇا هي سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ تو کي معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟ 24 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منشپتر کي ڌرتيءَ تي پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ 25 تنهن تي هو هڪدم انهن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنهن کٽولي تي پيل هو سو کنيائين ۽ ايشور جي مهما ڪندي گھر ڏانهن روانو ٿيو. 26 سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“ لاويءَ کي پوئلڳ بڻائڻ ( متي 9:9-13 ، مرقس 2:13-17 ) 27 انهيءَ کان پوءِ يسوع ٻاهر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ لاويءَ نالي هڪڙو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پنهنجي اڏي تي ويٺو آهي. يسوع ان کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ 28 لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي هن جي پٺيان هلڻ لڳو. 29 پوءِ لاويءَ پنهنجي گھر ۾ يسوع جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ وڏو تعداد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو هو ۽ ٻيا بہ ماڻهو انهن سان گڏ ويٺا هئا. 30 تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن نيم شاسترين ڪُرڪندي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“ 31 تنهن تي يسوع کين ورندي ڏني تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. 32 آءٌ نيڪن کي نہ، پر پاپين کي توبهہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“ وِرتن بابت سوال ( متي 9:14-17 ، مرقس 2:18-22 ) 33 ڪن ماڻهن يسوع کي چيو تہ ”يوحنا جا چيلا اڪثر وِرت رکندا آهن ۽ پرارٿنائون ڪندا آهن ۽ فريسين جا چيلا بہ ائين ڪندا آهن. پر تنهنجا چيلا تہ کائيندا پيئندا ٿا رهن.“ 34 يسوع وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان آهي، تيستائين اوهين انهن کي ڪو وِرت رکائي سگھو ٿا ڇا؟ 35 پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، تہ انهن ڏينهن ۾ هو بہ وِرت رکندا.“ 36 يسوع انهن کي هي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻهو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ هو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اهو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو. 37 ڪوبہ ماڻهو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇو تہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. پوءِ تہ مئي بہ هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. 38 تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي. 39 پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آهي.‘“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society