Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 4 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح جي آزمائش
( متي 4‏:1‏-11 ، مرقس 1‏:12‏-13 )

1-2 يسوع اردن درياءَ کان پوِتر آتما سان ڀريل موٽيو ۽ پوِتر آتما جي رهنمائيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن بيابان ۾ گھمندو رهيو، جتي شيطان هن کي آزمايو. انهن ڏينهن ۾ هن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏهن اهي ڏينهن گذري ويا تہ پوءِ هن کي بک لڳي.

3 تڏهن شيطان چيس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هن پٿر کي حڪم ڪر تہ روٽي ٿي پوي.“

4 پر يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي ئي جيوت نہ ٿو رهي.‘“

5 پوءِ شيطان کيس هڪ مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ هڪ پل ۾ سنسار جا سڀيئي راڄ ڏيکاريائينس.

6 شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انهن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس، ڇو تہ اهو مون تي ڇڏيل آهي تہ آءٌ جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيان.

7 سو جيڪڏهن تون مون اڳيان سيس نوائيندين تہ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ٿيندو.“

8 تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“

9 تنهن کان پوءِ شيطان کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ،

10 ڇاڪاڻ تہ اهو بہ لکيل آهي تہ ’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنهنجي سنڀال ڪندا.

11 اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“

12 پر يسوع کيس وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون پرميشور پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“

13 پوءِ جڏهن شيطان يسوع کي هر طرح سان آزمائي چڪو، تڏهن ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس هليو ويو.


يسوع مسيح جو سيوا وارو ڪم شروع ڪرڻ
( متي 4‏:12‏-17 ، مرقس 1‏:14‏-15 )

14 پوءِ يسوع جيڪو پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي.

15 هن ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏني ۽ سڀني سندس ساراهہ ڪئي.


ناصرت ۾ يسوع مسيح جي مخالفت
( متي 13‏:53‏-58 ، مرقس 6‏:1‏-6 )

16 پوءِ هو پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي هئي. سبت جي ڏينهن تي پنهنجي دستور موجب هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو ۽ پوِتر شاستر پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو.

17 کيس سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جو شاستر ڏنو ويو ۽ هن اهو هنڌ کوليو جتي لکيل هو تہ

18 ”پرميشور مون کي پنهنجي آتما سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،

19 ۽ اهو بہ اعلان ڪريان تہ پرميشور جي ڪرپائن جو سال آيو آهي.“

20 پوءِ يسوع شاستر بند ڪري موٽائي سيواداريءَ کي ڏنو ۽ پاڻ ويهي رهيو. ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ موجود سڀني جون نظرون هن تي کتل هيون.

21 تڏهن هو کين چوڻ لڳو تہ ”اڄ اوهان جي ٻڌندي ئي هيءَ لکت پوري ٿي آهي.“

22 سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا ڪرپا ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“

23 تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘

24 سچ پڇو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪنهن بہ سنت جو پنهنجي ديس ۾ قدر نہ ٿو ٿئي.

25 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آڪاش مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي وڌوائون هيون،

26 تنهن هوندي بہ ايلياہ کي پنهنجي ڀوڄن لاءِ انهن مان ڪنهن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارپت شهر ۾ رهندڙ هڪ وڌوا وٽ ئي موڪليو ويو.

27 ساڳيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت اليشع جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ ڇٽائي چڱو ڀلو نہ ڪيو ويو، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ويو.“

28 تڏهن جيڪي بہ ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ موجود هئا، سي سڀ اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي ڏاڍا ڪاوڙيا.

29 هو هڪدم اُٿي کڙا ٿيا ۽ يسوع کي گهلي شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. پوءِ جنهن ٽڪريءَ تي سندن شهر اڏيل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ جيئن اتان هيٺ اڇلائينس.

30 پر هو انهن جي وچ مان لنگھي هليو ويو.


ڀوت ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( مرقس 1‏:21‏-28 )

31 ان کان پوءِ يسوع گليل جي شهر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينهن تي ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.

32 سڀيئي ماڻهو هن جي سکيا تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن اختيار سان پئي ڳالهايو.

33 ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ هڪ اهڙو ماڻهو بہ هو جنهن تي ڪنهن ڀوت جو پاڇو هو، تنهن وڏي رڙ ڪري چيو تہ

34 ”اي يسوع ناصري! اسان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“

35 تنهن تي يسوع کيس دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي سڀني اڳيان هيٺ ڪيرايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ منجھانئس نڪري ويو.

36 اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ شڪتيءَ سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“

37 تڏهن آس‌پاس واري علائقي ۾ جتي ڪٿي يسوع جي هاڪ پئجي ويئي.


گھڻن ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( متي 8‏:14‏-17 ، مرقس 1‏:29‏-34 )

38 يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار هو، سو اُنهيءَ لاءِ کيس وينتي ڪئي ويئي.

39 تڏهن يسوع وٽس وڃي بيٺو ۽ بخار کي حڪم ڪيائين تہ اهو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هوءَ هڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ هنن جي سيوا ڪرڻ لڳي.

40 سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي يسوع وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. يسوع انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.

41 ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پرچار ڪرڻ
( مرقس 1‏:35‏-39 )

42 جڏهن ڏينهن ٿيو تہ يسوع نڪري هڪڙي ويران هنڌ ڏانهن هليو ويو. پر ماڻهن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ روڪيندي چوڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“

43 پر هن انهن کي چيو تہ ”مون کي ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٻين شهرن ۾ بہ ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آهيان.“

44 سو هو سڄي ملڪ جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پرچار ڪندو رهيو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan