Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 24 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح جو وري جيوت ٿي اٿڻ
( متي 28‏:1‏-10 ، مرقس 16‏:1‏-8 ، يوحنا 20‏:1‏-10 )

1 اهي ناريون آچر جي ڏينهن پرهہ ڦُٽيءَ جو سوير پنهنجيون تيار ڪيل اهي سرهاڻيون پاڻ سان کڻي قبر تي آيون.

2 اتي پهچي ڏٺائون تہ پٿر جيڪو قبر جي منهن تي ڏنل هو، سو پاسي تي رڙهيو پيو آهي.

3 وري جڏهن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ پرڀو يسوع جو لاش تہ آهي ئي ڪونہ.

4 اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن.

5 تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيوت آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟

6 هو هتي ڪونهي پر جيوت ٿي اٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن هو گليل ۾ هو تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين تہ

7 ’اهو ضروري آهي تہ منش‌پتر کي پاپين جي حوالي ڪيو وڃي ۽ سوليءَ تي چاڙهيو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اُٿي.‘“

8 تڏهن نارين کي هن جا اهي لفظ ياد آيا.

9 پوءِ هنن قبر کان موٽي اچي يارهن چيلن ۽ ٻين سڀني پوئلڳن کي اهي ڳالهيون ٻڌايون.

10 جن نارين انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماتا مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون.

11 پر سنتن انهن نارين جي ڳالهين کي اڻ‌ٿيڻيون سمجھي انهن تي يقين نہ ڪيو.

12 تنهن هوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانهن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. تڏهن جيڪو وهيو واپريو هو تنهن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.


اِمائوس وٽ درشن ڏيڻ
( مرقس 16‏:12‏-13 )

13 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي پوئلڳن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارهن ڪلوميٽر پري هو.

14 اهي پاڻ ۾ گذريل واقعن بابت ڳالهيون ڪندا پئي ويا.

15 هنن جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيا تہ يسوع پاڻ ويجھو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو.

16 پر انهن جي اکين مان يسوع کي سڃاڻڻ جي سگھہ کسي ويئي هئي.

17 يسوع انهن کان پڇيو تہ ”اوهين پاڻ ۾ ڪهڙين ڳالهين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا.

18 انهن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اهڙو ماڻهو نہ آهين جنهن کي خبر ئي نہ آهي تہ اڄڪلهہ هِت يروشلم ۾ ڇا وهيو واپريو آهي؟“

19 تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي يسوع ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو ايشور توڙي سڄي خلق اڳيان چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ شڪتيءَ وارو سنت هو.

20 انهيءَ کي اسان جي سردار ڪاهنن ۽ ٻين يهودي اڳواڻن پڪڙايو تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. ائين هنن کيس سوليءَ تي چاڙهائي ڇڏيو.

21 اسان کي تہ اها اميد هئي تہ هن جي ئي هٿان بني اسرائيل کي آزادي ملندي. پر هاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي.

22 اڄ تہ اسان جي ڪن نارين اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. جڏهن اهي صبح جو سوير قبر تي ويون

23 تہ قبر ۾ لاش نہ ڏٺائون. پوءِ اهي موٽي آيون ۽ اسان کي ٻڌايائون تہ انهن درشن ۾ دوتن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ يسوع جيوت آهي.

24 تڏهن اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن نارين چيو هو، پر يسوع هنن کي نظر نہ آيو.“

25 تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اي مُورکؤ! اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو.

26 ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“

27 پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.

28 جنهن ڳوٺ ڏانهن هو ويا پئي، تنهن کي جڏهن ويجھا ٿيا تہ يسوع ائين هليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آهي.

29 پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو.

30 پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين.

31 اهو ڏسي سندن اکيون کُليون ۽ هنن يسوع کي سڃاڻي ورتو، پر هو انهن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو.

32 اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پوِتر شاستر سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“

33 پوءِ تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هو اُٿي يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن يارهن چيلن کي ٻين پوئلڳن سان گڏ ڏٺو.

34 اهي پاڻ ۾ چون پيا تہ ”پرڀو سچ پچ جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ هن شمعون کي درشن ڏنو آهي!“

35 تنهن تي هنن ٻنهي کين اهي سموريون ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون جيڪي رستي تي ٿي گذريون هيون ۽ اهو بہ تہ ڪيئن هنن پرڀوءَ کي روٽي ڀڃڻ مهل سڃاتو هو.


چيلن کي درشن ڏيڻ
( متي 28‏:16‏-20 ، مرقس 16‏:14‏-18 ، يوحنا 20‏:19‏-23 ، سنتن جا ڪم 1‏:6‏-8 )

36 هنن اڃا اهي ڳالهيون ئي پئي ڪيون تہ يسوع خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“

37 تڏهن هو خوف ۽ هراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪا آتما ٿا ڏسون.

38 پر هن چين تہ ”ڇو پريشان ٿي ويا آهيو ۽ اوهان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟

39 منهنجي هٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اهو ساڳيو ئي آهيان. مون کي هٿ لائي جاچيو، ڇاڪاڻ تہ جهڙا هڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا آتما ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.“

40 ائين چئي هن کين پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريا.

41 جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري يسوع چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“

42 تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس،

43 جيڪو هن انهن جي سامهون ويهي کاڌو.

44 پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“

45 پوءِ پوِتر شاستر کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي

46 کين چيائين تہ ”پوِتر شاستر ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيوت ٿي اٿندو.

47 پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.

48 اوهين پاڻ انهن ڳالهين جا شاهد آهيو.

49 ڏسو، آءٌ اوهان تي پوِتر آتما پرگھٽ ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پتا وچن ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آڪاش مان انهيءَ جي شڪتي نہ ملي تيستائين شهر ۾ رهجو.“


يسوع مسيح جو آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ
( مرقس 16‏:19‏-20 ، سنتن جا ڪم 1‏:9‏-11 )

50 پوءِ يسوع انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ آسيس گھريائين.

51 جيئن ئي هو انهن لاءِ آسيس گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آڪاش ڏانهن کڄي ويو.

52 تڏهن هنن سندس اڳيان سيس نوايو ۽ خوشيءَ وچان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانهن موٽي ويا.

53 اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهيا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan