لوقا 23 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح پلاطس جي اڳيان ( متي 27:1-2 ، 11-14 ، مرقس 15:1-5 ، يوحنا 18:28-38 ) 1 تڏهن يهودي پئنچائت وارا سڀيئي اُٿي کڙا ٿيا ۽ يسوع کي يهوديہ صوبي جي رومي گورنر پلاطس وٽ وٺي آيا. 2 اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل راجا آهيان.‘“ 3 تڏهن پلاطس هن کان پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“ 4 تنهن تي پلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن کي چيو تہ ”هي مون کي ڪنهن بہ طرح ڏوهاري ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 5 پر انهن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يهوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي هن جاءِ تائين هي ماڻهن کي باغي ڪندو رهيو آهي.“ 6 جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن پڇيائين تہ ”ڇا هي گليلي آهي؟“ 7 جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي حد جو آهي، تڏهن يسوع کي ان ڏانهن موڪليائين جيڪو پڻ انهن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ هو. يسوع مسيح هيروديس اڳيان 8 هيروديس جڏهن يسوع کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. گھڻي وقت کان هن جي اها تمنا هئي تہ يسوع کي ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو هئائين ۽ چاهي پيو تہ هن کي ڪو چمتڪار ڪندي ڏسي. 9 سو هو کانئس گھڻا ئي سوال پڇندو رهيو، پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. 10 سردار ڪاهنَ ۽ نيم شاستري جيڪي اتي بيٺا هئا، سي يسوع تي سختيءَ سان تهمتون هڻڻ لڳا. 11 تڏهن هيروديس پنهنجي سپاهين سميت يسوع تي ٺٺوليون ڪري سندس اپمان ڪيو. پوءِ هن کي شاندار وڳو پهرائي واپس پلاطس ڏانهن موڪليائون. 12 انهيءَ ئي ڏينهن پلاطس ۽ هيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙهيل هئا. يسوع مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم ( متي 27:15-26 ، مرقس 15:6-15 ، يوحنا 18:39–19:16 ) 13 تڏهن پلاطس سردار ڪاهنن، يهودي پئنچائت جي ٻين اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو. 14 کين چيائين تہ ”اوهين هن شخص تي جيڪا تهمت هڻي هِت مون وٽ وٺي آيا آهيو تہ هو قوم کي برغلائي ٿو، تنهن لاءِ مون اوهان جي اڳيان جاچي ڏٺو آهي تہ هو اهڙي ڪنهن بہ ڏوهہ جو ڏوهاري نہ آهي، جيئن اوهين چئو ٿا. 15 ان کان علاوہ نہ ئي هيروديس کي هن ۾ ڪو ڏوهہ نظر آيو، ڇاڪاڻ تہ هن کيس اسان ڏانهن واپس موڪليو آهي. سو هن اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏني وڃي. 16-17 تنهنڪري آءٌ کيس چهبڪ هڻائي ڇڏي ٿو ڏيانس.“ 18 تنهن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انهيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“ 19 برابا نالي انهيءَ شخص کي يروشلم شهر ۾ ڪنهن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو هئائون. 20 پلاطس جي مرضي هئي تہ يسوع کي ڇڏي ڏجي. سو هن وري بہ هڪ دفعو ميڙ کي چيو. 21 پر هو گوڙ ۽ رڙيون ڪندي چوندا رهيا تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس، سوليءَ تي.“ 22 تڏهن پلاطس ٽيون دفعو چين تہ ”ڇو؟ هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ آءٌ هن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنهنڪري آءٌ کيس چهبڪ هڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“ 23 پر اهي واڪا ڪري زور رکي چوندا رهيا تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ ائين گوڙ ڪري اهي پنهنجي ڳالهہ مڃائي ويا. 24 تنهن تي پلاطس فيصلو ڏنو تہ ”سندن وينتي قبول پوي.“ 25 سو هن سندن مرضيءَ تي انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو، جيڪو فساد ۽ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو هو. پر يسوع کي انهن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيائين. يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهڻ ( متي 27:32-44 ، مرقس 15:21-32 ، يوحنا 19:17-27 ) 26 جيئن سپاهي يسوع کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي سولي کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اها کڻي يسوع جي پٺيان هلي. 27 يسوع جي پٺيان ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ هو. انهن ۾ ڪي ناريون بہ هيون جيڪي هن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون. 28 يسوع ڦري هنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منهنجي لاءِ نہ روئو، بلڪ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻچن لاءِ روئو، 29 ڇاڪاڻ تہ اهي ڏينهن اچن پيا جڏهن ماڻهو چوندا تہ ’سڀاڳيون آهن اهي سنڍ ناريون جن ڪڏهن بہ ٻار نہ ڄڻيا آهن ۽ نہ ڪڏهن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘ 30 انهيءَ وقت ماڻهو پهاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِري پئو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي پوري ڇڏيو،‘ 31 ڇاڪاڻ تہ جيڪي سائي وڻ سان هيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“ 32 ٻيا ٻہ ماڻهو جيڪي ڏوهاري هئا، تن کي بہ اهي يسوع سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا. 33 جڏهن اهي يروشلم کان انهيءَ جاءِ تي پهتا جنهن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏهن انهن سپاهين يسوع ۽ ٻنهي ڏوهارين کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو. 34 يسوع چيو تہ ”اي پتا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا. 35 ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي ايشور جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“ 36 سپاهي بہ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس ويجھو اچي سادي مئي آڇيندي 37 کيس چوڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن تون يهودين جو راجا آهين تہ پاڻ کي بچاءِ.“ 38 هن جي مٿان هڪ تختي بہ لڳائي ويئي، جنهن تي لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“ 39 جيڪي ڏوهاري يسوع سان گڏ سوليءَ تي ٽنگيل هئا، تن مان هڪڙي طعنو هڻندي چيس تہ ”تون مسيح نہ آهين ڇا؟ پوءِ پاڻ کي ۽ اسان کي بچاءِ.“ 40 پر ٻئي انهيءَ کي ڇينڀي چيو تہ ”ڇا تو کي ايشور جو بہ خوف نہ آهي، جيتوڻيڪ تون بہ تہ ساڳي سزا پيو ڀوڳين؟ 41 اسان کي جيڪا سزا ملي آهي سا حقي واجبي آهي، ڇو تہ اسين پنهنجو ڪيتو پيا لوڙيون، پر هن تہ ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“ 42 پوءِ هن يسوع کي چيو تہ ”اي يسوع! جڏهن اوهين راجا ٿي اچو، تڏهن مون کي ياد ڪجو.“ 43 يسوع ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ سُرڳ ۾ هوندين.“ يسوع مسيح جو مِرتيو ( متي 27:45-56 ، مرقس 15:33-41 ، يوحنا 19:28-30 ) 44-45 پوءِ سج ڪاراٽجي ويو ۽ منجھند جي مهل کان وٺي اٽڪل ٽي بجي تائين سڄي ملڪ تي اونداهي ڇانيل رهي. تڏهن هيڪل جو پوِتر ترين جاءِ وارو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو 46 ۽ يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي پتا! آءٌ پنهنجي آتما تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس، ايترو چئي دم ڏنائين. 47 اهو ڏسي فوجي صوبيدار ايشور جي مهما ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”بيشڪ هي هڪ نيڪ ماڻهو هو.“ 48 جيڪي ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا، سي هي ڏسي پنهنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانهن موٽيا. 49 جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل ناريون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ يسوع کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون. يسوع مسيح جو ڪفن دفن ( متي 27:57-61 ، مرقس 15:42-47 ، يوحنا 19:38-42 ) 50-51 اتي يوسف نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو يهوديہ جي شهر ارمٿيا جو رهاڪو هو. هو يهودي پئنچائت جو نيڪ ۽ مانوارو ڪارڪن هو ۽ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو. پئنچائت جي ڪارڪن هوندي بہ هو انهن جي راءِ ۽ عمل ۾ شريڪ نہ ٿيو هو. 52 هو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ وينتي ڪري کانئس يسوع جو لاش گھريائين. 53 پوءِ هن لاش هيٺ لهرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙهي هڪ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل هئي. 54 اهو جمعي جو ڏينهن، يعني يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو هو. 55 جيڪي ناريون گليل کان يسوع سان گڏجي آيون هيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اها قبر ڏٺي ۽ اهو بہ تہ يسوع جو لاش ڪيئن ان ۾ رکيو ويو آهي. 56 پوءِ هو گھر واپس ويون ۽ لاش لاءِ سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون. تڏهن هنن نيم جي حڪم موجب سبت جي ڏينهن آرام ڪيو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society