Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 22 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح خلاف سازش سِٽڻ
( متي 26‏:1‏-5 ، مرقس 14‏:1‏-2 ، يوحنا 11‏:45‏-53 )

1 هاڻي بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار، جنهن کي فصح جو تهوار بہ چيو ويندو آهي سو ويجھو آيو.

2 جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ يسوع کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي.

3 تڏهن ٻارهن چيلن مان يهوداہ نالي هڪڙي چيلي، جنهن کي اسڪريوتي بہ چوندا هئا، تنهن جي دل ۾ اچي شيطان سمايو.

4 سو هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪهڙيءَ ريت هو يسوع کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري.

5 تنهن تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن جي آڇ ڪيائون.

6 هن اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جڏهن ميڙ نہ هجي تہ هو يسوع کي پڪڙائي.


فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري
( متي 26‏:17‏-25 ، مرقس 14‏:12‏-21 ، يوحنا 13‏:21‏-30 )

7 بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جو پهريون ڏينهن آيو جنهن تي فصح جي تهوار جو ٻليدان ڏيڻ ضروري هو.

8 تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي يروشلم شهر اندر موڪليو تہ ”وڃو ۽ اتي اسان لاءِ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪريو تہ اسين اچي کائون.“

9 هنن کانئس پڇيو تہ ”اوهين ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“

10 تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”ٻڌو، شهر ۾ گھڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو ملندو جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو، تنهن جي پٺيان وڃجو. جنهن گھر ۾ اهو وڃي تہ اوهين بہ پٺيان وڃجوس.

11 اوهين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اوطاق ڪٿي آهي جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏ فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘

12 هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين تياري ڪجو.“

13 پوءِ هو روانا ٿي ويا ۽ جيئن يسوع چيو هئن ائين ئي هر شيءِ ڏٺائون ۽ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪيائون.


آخري دفعو چيلن سان گڏ کائڻ
( متي 26‏:26‏-30 ، مرقس 14‏:22‏-26 ، 1.ڪرنٿين 11‏:23‏-25 )

14 جڏهن اها گھڙي اچي پهتي تہ يسوع چونڊيل سنتن سان گڏجي رسوئي کائڻ لاءِ ويٺو.

15 انهن کي چيائين تہ ”منهنجي دل ڏاڍو ٿي چاهيو تہ آءٌ تڪليفن سهڻ کان اڳ ۾ هن فصح جي تهوار واري رسوئي اوهان سان گڏجي کاوان.

16 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اها نہ کائيندس جيستائين ايشور جي راڄ ۾ انهيءَ جو مطلب پورو نہ ٿئي.“

17 پوءِ يسوع مئي جو پيالو کڻي ايشور جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، هي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورهايو.

18 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين ايشور جو راڄ نہ ايندو.“

19 پوءِ روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ هنن کي ڏيندي چيائين تہ ”هيءُ منهنجو شرير آهي، جيڪو اوهان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوهين بہ منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“

20 ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو ايشور جو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.

21 پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو آهي.

22 منش‌پتر لاءِ جيئن پوِتر شاستر ۾ آهي تيئن ئي هو هن سنسار مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“

23 تنهن تي چيلا هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اهو ڪير آهي جيڪو اهڙو ڪم ڪندو؟“


وڏائپ تي بحث

24 چيلن ۾ اهو بہ بحث پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“

25 تنهن تي يسوع چين تہ ”قومن جا راجا مٿن حڪم ٿا هلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آهي، سي ماڻهن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا.

26 پر اوهان ۾ ائين نہ هئڻ گھرجي. اوهان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي غلام وانگر ٿيڻ کپي.

27 ڀلا، وڏو ڪير آهي؟ ڇا اهو جيڪو کائڻ ٿو ويهي يا اهو جيڪو سندس سيوا ٿو ڪري؟ ڇا اهو نہ آهي جيڪو کائڻ ٿو ويهي؟ پر آءٌ اوهان منجھہ ائين آهيان جيئن ڪو سيواداري.

28 اوهين اهي آهيو جيڪي منهنجي سڀني تڪليفن ۾ مون سان گڏ رهيا آهيو

29 ۽ جيئن منهنجي پتا مون لاءِ راڄ مقرر ڪيو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان لاءِ راڄ مقرر ٿو ڪريان.

30 اوهين منهنجي راڄ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“


پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
( متي 26‏:31‏-35 ، مرقس 14‏:27‏-31 ، يوحنا 13‏:36‏-38 )

31 ”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي آگيا ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري.

32 پر مون تو لاءِ پرارٿنا ڪئي آهي تہ شل تنهنجي وشواس ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“

33 پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“

34 تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ رات ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“


ڳوٿري، ٿيلهو ۽ تلوار

35 يسوع هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“

36 تڏهن يسوع چين تہ ”هاڻي جنهن کي بہ ڳوٿري هجي تہ اها کڻي، جنهن کي بہ ٿيلهو هجي تہ اهو کڻي ۽ جنهن کي بہ تلوار نہ هجي تہ اهو پنهنجو ڪوٽ وڪڻي بہ اها خريد ڪري.

37 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پوِتر شاستر ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“

38 تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي پرڀو! ڏسو، هي ٻہ تلوارون آهن.“ هن چين تہ ”بس، بس.“


زيتون جي ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ
( متي 26‏:36‏-46 ، مرقس 14‏:32‏-42 )

39 پوءِ هو يروشلم کان ٻاهر نڪري پنهنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانو ٿيو ۽ چيلا بہ ساڻس گڏ هليا.

40 جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي پهتو تہ انهن کي چيائين تہ ”پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهين آزمائش ۾ نہ پئو.“

41 پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ

42 ”اي پتا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“

43 ايتري ۾ آڪاش مان هڪڙو دوت پرگھٽ ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني.

44 جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان پرارٿنا ڪرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.

45 جڏهن هو پرارٿنا ڪري اٿيو ۽ چيلن ڏانهن موٽي آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آهن.

46 هن انهن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ستا پيا آهيو؟ اُٿو ۽ پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو.“


يسوع مسيح جي گرفتاري
( متي 26‏:47‏-56 ، مرقس 14‏:43‏-50 ، يوحنا 18‏:3‏-11 )

47 يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ ماڻهن جو هڪڙو ٽولو اچي پهتو، جنهن جي اڳيان سندس ٻارهن چيلن مان اهو هو جنهن کي يهوداہ ڪري سڏيندا هئا. هن ويجھو اچي يسوع کي چمي ڏني.

48 پر يسوع چيس تہ ”اي يهوداہ! تون چمي ڏيئي منش‌پتر کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“

49 يسوع سان گڏ جيڪي چيلا هئا تن جڏهن هي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي پرڀو! اسين تلوار هلايون ڇا؟“

50 انهن مان هڪڙي تہ ڌڪ هڻي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو.

51 تنهن تي يسوع چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ هن انهيءَ جي ڪن کي هٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.

52 هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.

53 آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“


پطرس جو يسوع مسيح بابت انڪار ڪرڻ
( متي 26‏:57‏-58 ‏، 69‏-75 ، مرقس 14‏:53‏-54 ‏، 66‏-72 ، يوحنا 18‏:12‏-18 ‏، 25‏-27 )

54 انهن يسوع کي پڪڙي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو.

55 جڏهن تہ ڪي ماڻهو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا هئا، سو پطرس بہ اچي انهن سان گڏجي ويٺو.

56 ايتري ۾ هڪڙي نوڪرياڻيءَ هن کي باهہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ يسوع سان گڏ هو.“

57 پر پطرس ڦري ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“

58 گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انهن مان آهين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اهو آءٌ نہ آهيان.“

59 ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”بيشڪ هي ماڻهو بہ تہ يسوع سان هو، ڇو تہ هي بہ گليلي آهي.“

60 پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوهين ڇا ٿا چئو.“ هو اڃا ڳالهائي ئي پيو تہ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

61 تڏهن پرڀوءَ ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي پرڀوءَ جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“

62 تڏهن پطرس ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي زاروزار روئڻ لڳو.


يسوع مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ مار ڏيڻ
( متي 26‏:67‏-68 ، مرقس 14‏:65 )

63 جن ماڻهن يسوع تي پهرو پئي ڏنو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي هنيائونس.

64 سندس اکيون ٻڌي منهن تي چماٽون هڻي پڇنس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“

65 انهن ٻيون بہ ڪيتريون ئي گاريون ڏيئي کيس گھٽ وڌ پئي ڳالهايو.


يسوع مسيح يهودي پئنچائت اڳيان
( متي 26‏:59‏-66 ، مرقس 14‏:55‏-64 ، يوحنا 18‏:19‏-24 )

66 جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي انهن جي پئنچائت اڳيان پيش ڪيو ويو.

67 انهن کانئس پڇيو تہ ”ٻڌاءِ، ڇا تون مسيح آهين؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”جيڪڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ اوهين اعتبار ئي نہ ڪندا

68 ۽ جيڪڏهن آءٌ اوهان کان سوال پڇان تہ اوهين جواب ئي نہ ڏيندا.

69 پر هن کان پوءِ منش‌پتر سروِشڪتيوان ايشور جي ساڄي پاسي ويهندو.“

70 انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون ايشور جو پٽ آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“

71 تنهن تي انهن چيو تہ ”هاڻي اسان کي وڌيڪ ڪنهن بہ شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻڌو آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan