لوقا 21 - Hindu Sindhi Bibleوڌوا جو دان ڏيڻ ( مرقس 12:41-44 ) 1 يسوع جڏهن نهاريو، تڏهن ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي دان واري پيتيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا دان وجھي رهيا آهن. 2 هن هڪ غريب وڌوا کي بہ ان پيتيءَ ۾ ٻہ ننڍڙا سڪا وجھندي ڏٺو. 3 تنهن تي هن چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن غريب وڌوا سڀني کان وڌيڪ دان ڏنو آهي. 4 جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“ هيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي ( متي 24:1-2 ، مرقس 13:1-2 ) 5 ڪي چيلا هيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”هي ڪيڏن نہ سهڻن پٿرن ۽ دان وارين سوکڙين سان سينگاريل آهي.“ تنهن تي يسوع چيو تہ 6 ”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“ تڪليفون ۽ تباهيون ( متي 24:3-14 ، مرقس 13:3-13 ) 7 پوءِ انهن پڇيس تہ ”اي گرو! اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ اها ڪهڙي نشاني هوندي جنهن مان سڌ پوي تہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي پهتو آهي؟“ 8 يسوع چين تہ ”هوشيار رهو، متان ڀَٽڪي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ. 9 بلڪ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏهن گھٻرائجو نہ، ڇو تہ اهي ڳالهيون پهريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.“ 10 يسوع انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙهندي، راڄ، راڄ تي چڙهائي ڪندو، 11 وڏا وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي هنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. ان کان علاوہ آڪاش ۾ هيبتناڪ ڳالهيون ۽ وڏيون نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون. 12 پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ راجائن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو. 13 انهيءَ مان اوهان کي ايشور جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويندو. 14 تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ پڪو ارادو ڪريو تہ اوهين پنهنجي بچاءَ ۾ جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا، 15 ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو. 16 اوهان جا ماتا پتا، ڀائر ڀينر، مٽ مائٽ ۽ سنگتي ساٿي بہ اوهان کي پڪڙائيندا ۽ اوهان مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو. 17 هائو، منهنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا. 18 پر اوهين بلڪل محفوظ آهيو. 19 سو انهن ڳالهين تي ثابت قدم رهي پنهنجي جان بچايو.“ يروشلم جي تباهيءَ بابت ٻڌائڻ ( متي 24:15-21 ، مرقس 13:14-19 ) 20 ”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. 21 پوءِ جيڪي هن شهر ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گھڙن، بلڪ يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. 22 اهي ايشور جي ڏمر جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيئن پوِتر شاستر جون سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿين. 23 افسوس آهي انهن نارين تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي ڏمر پرگھٽ ٿيندو. 24 انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“ منشپتر جو موٽي اچڻ ( متي 24:29-31 ، مرقس 13:24-27 ) 25 ”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو. 26 جيئن تہ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي پرگھٽ ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون. 27 تڏهن هو منشپتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان هڪڙي ڪڪر تي ايندي ڏسندا. 28 جڏهن اهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن تہ اٿي کڙا ٿجو ۽ مٿي نهارجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو ڇڏائجڻ اوهان جي ويجھو هوندو.“ وقت کي سڃاڻڻ ( متي 24:32-35 ، مرقس 13:28-31 ) 29 يسوع چيلن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ بلڪ سڀني وڻن تي غور ڪريو. 30 جيئن ئي انهن ۾ پن اچن ٿا تہ اوهين پاڻ ئي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونهارو آيو ڪي آيو. 31 ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھي وٺجو تہ ايشور جو راڄ اچڻ وارو آهي. 32 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. 33 ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“ پاڻ کي سنڀاليو 34 ”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منشپتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي. 35 هائو، اهو ڦندي وانگر سڄي ڌرتيءَ جي رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو. 36 انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منشپتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“ 37 يسوع ڏينهن جو روزانو هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هو ۽ رات جو شهر کان ٻاهر وڃي زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو هو. 38 صبح جو سوير هر ڪو ماڻهو سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ وٽس هيڪل ۾ ايندو هو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society