Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 20 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح جي اختياريءَ بابت سوال
( متي 21‏:23‏-27 ، مرقس 11‏:27‏-33 )

1 هڪڙي ڏينهن جڏهن يسوع ماڻهن کي هيڪل ۾ ايشور جي راڄ بابت سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار پئي ڪيائين تہ سردار ڪاهن ۽ نيم شاستري يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان گڏجي وٽس آيا.

2 هنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪرين؟ اهو ڪير آهي جنهن تو کي اها اختياري ڏني آهي؟“

3 يسوع چين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان.

4 مون کي ٻڌايو تہ ڇا يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ايشور جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“

5 تڏهن اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’ايشور جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘

6 پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هو.“

7 تڏهن هنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي تہ اها ڪنهن جي طرفان هئي.“

8 تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ آءٌ بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.“


بي‌ايمان باغائين جو مثال
( متي 21‏:33‏-46 ، مرقس 12‏:1‏-12 )

9 پوءِ يسوع ماڻهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو. اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ گھڻي وقت لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.

10 جڏهن ميوي لهڻ جي مند آئي تہ هڪڙي نوڪر کي انهن باغائين ڏانهن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين هن کي مار ڏيئي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو.

11 تنهن تي هن ٻيو نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي هٿين موڪلي ڇڏيو.

12 تڏهن هن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن زخمي ڪري ڌِڪا ڏيئي ڪڍيو.

13 تنهن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟ پوءِ ڀلا، پنهنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اهي هن جو ڪو لحاظ ڪن.‘

14 پر جڏهن باغائين انهيءَ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. ڇو نہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘

15 پوءِ هن کي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائون. هاڻي باغ جو مالڪ انهن کي ڇا ڪندو؟

16 هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ايشور خير ڪري.“

17 يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘

18 هاڻ جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“


ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال
( متي 22‏:15‏-22 ، مرقس 12‏:13‏-17 )

19 انهيءَ گھڙي ئي نيم شاسترين ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي.

20 پوءِ هو يسوع کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي يسوع کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين.

21 انهن ڇاڙتن يسوع کان پڇيو تہ ”اي گرو! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اوهين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آهي ۽ اوهين ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوهين تہ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو.

22 هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“

23 يسوع انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ

24 ”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انهيءَ تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ هنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“

25 تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“

26 هو ماڻهن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انهيءَ جواب تي هو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.


مرڻ کان پوءِ جيوت ٿيڻ بابت سوال
( متي 22‏:23‏-33 ، مرقس 12‏:18‏-27 )

27 پوءِ صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون تہ

28 ”اي گرو! موسيٰ اسان لاءِ نيم ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بي‌اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي پتني پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘

29 هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويو

30 تہ ٻئي سندس پتنيءَ سان شادي ڪئي، اهو بہ مري ويو.

31 ٽئين بہ انهيءَ ناريءَ سان شادي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي بي‌اولاد مري ويا.

32 سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اها ناري بہ مري ويئي.

33 هاڻي جيئن تہ ست ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيوت ٿي اٿندا تڏهن اها ناري انهن ستن مان ڪنهن جي پتني ٿيندي؟“

34 تنهن تي يسوع چين تہ ”هن انتم زماني جا ماڻهو پرڻبا ۽ پرڻايا ويندا آهن.

35 پر جن کي ايشور ايندڙ نئين زماني ۾ رهڻ ۽ مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ جي لائق سمجھي ٿو، سي ان وقت نہ پرڻبا، نڪي پرڻايا ويندا.

36 اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي دوتن جهڙا هوندا. هائو، اهي ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيوت ڪيل هوندا.

37 مئلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي. تنهنڪري ئي هو پرميشور کي ’ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور‘ ڪري سڏي ٿو.

38 سو هاڻي پرميشور مئلن جو نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جي آڏو سڀيئي جيوت آهن.“

39 تڏهن ڪن نيم شاسترين کيس چيو تہ ”اي گرو! اوهان صحيح ڳالهہ ڪئي آهي.“

40 انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو کانئس ڪو وڌيڪ سوال پڇي.


مسيح بابت سوال
( متي 22‏:41‏-46 ، مرقس 12‏:35‏-37 )

41 پوءِ يسوع نيم شاسترين کي چيو تہ ”اهو ڪيئن ٿو چيو وڃي تہ ’مسيح راجا دائود جو اولاد آهي‘؟

42 ڇاڪاڻ تہ دائود خود زبور ۾ چيو آهي تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،

43 جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘

44 سو جڏهن دائود هن کي ’پرڀو‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“


نيم شاسترين خلاف چتاءُ
( متي 23‏:1‏-36 ، مرقس 12‏:38‏-40 )

45 سڀني ماڻهن جي روبرو يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ

46 ”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.

47 اهي وڌوائن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون پرارٿنائون ڪن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ پاپي قرار ڏنو ويندو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan