لوقا 2 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح جو جنم ( متي 1:18-25 ) 1 يوحنا جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪمنامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي حڪومت جي آدمشماري ڪئي وڃي. 2 اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي. 3 تنهنڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ويو. 4 جيئن تہ يوسف راجا دائود جي پيڙهيءَ مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيتلحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو راجا دائود جي جنم جو هنڌ هو، 5 انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي، جيڪا پيٽ سان هئي. 6 جڏهن هو بيتلحم ۾ هئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. 7 هن پنهنجي پهريتي پٽ کي جنم ڏنو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي. ريڍار ۽ دوت 8 انهيءَ ئي علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ رهي پنهنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، 9 تہ ڇا ڏسن تہ پرميشور جو هڪڙو دوت انهن وٽ اچي بيٺو ۽ پرميشور جي جوت سندن چوڌاري چمڪڻ لڳي، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا. 10 تنهن تي دوت چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي. 11 ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ پرڀو آهي. 12 انهيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ هڪ نشاني اٿوَ تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.“ 13 اوچتو ريڍارن کي انهيءَ دوت سان گڏ ٻين دوتن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايشور جي مهما ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ 14 ”آڪاش تي ايشور جي مهما هجي ۽ ڌرتيءَ تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ شانتي، جن کان هو راضي آهي.“ 15 جڏهن دوت انهن وٽان موٽي آڪاش ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيتلحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي پرميشور اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“ 16 تنهنڪري هو تڪڙا تڪڙا شهر ڏانهن ويا ۽ اتي مريم، يوسف ۽ انهيءَ ٻارڙي کي ڏٺائون جيڪو آهر ۾ پيل هو. 17 هي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اهي ڳالهيون ٻڌائڻ لڳا جيڪي دوت کان ٻڌيون هئائون. 18 ريڍارن جون اهي ڳالهيون جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا، 19 جڏهن تہ مريم هي سڀ ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجي دل ۾ انهن تي ويچار ڪرڻ لڳي. 20 پوءِ ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنهن تي ايشور جي مهما ڪندي موٽي ويا، ڇاڪاڻ تہ هنن اهو سڀ ائين ئي ڏٺو هو جيئن دوت کين ٻڌايو هو. يسوع مسيح جو نالو رکجڻ 21 اٺين ڏينهن تي جڏهن ٻار جي ختني جو وقت آيو تہ سندس نالو يسوع رکيائون، جيڪو هن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي دوت رکيو هو. يسوع مسيح کي هيڪل ۾ آڻڻ 22 ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت پرميشور جي ڏنل نيم موجب جڏهن مريم جي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم يسوع کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ پرميشور جي آڏو حاضر ڪيائون، 23 ڇاڪاڻ تہ نيم ۾ لکيل آهي تہ ”هر ڪو پهريتو پٽ پرميشور جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ 24 اهي نيم موجب مريم جي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان بہ کڻي آيا، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“ 25 تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پوِتر آتما سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري. 26 پوِتر آتما کيس آگاهہ ڪيو هو تہ جيستائين هو پرميشور جي وچن ڪيل مسيح کي نہ ڏسندو، تيستائين ڪين مرندو. 27 پوِتر آتما جي هدايت تي شمعون انهيءَ ڏينهن تي هيڪل ۾ آيو. جڏهن ٻارڙي يسوع جا ماتا پتا کيس نيم جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ کڻي آيا، 28 تڏهن شمعون ٻارڙي کي پنهنجي هٿن تي کنيو ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائين تہ 29 ”اي مالڪ! هاڻي تون پنهنجي وچن موجب مون پنهنجي داس کي شانتيءَ سان سنسار مان روانو ڪر، 30 ڇاڪاڻ تہ منهنجي اکين تنهنجي مڪتي ڏسي ورتي آهي، 31 جنهن کي تو سڀني قومن اڳيان پڻ ظاهر ڪيو آهي، 32 يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“ 33 ٻار جا ماتا پتا حيران هئا تہ انهيءَ بابت شمعون ڇا ڇا نہ پئي چيو! 34 پوءِ شمعون انهن لاءِ آسيس گھري ۽ ٻار جي ماتا مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايشور جي طرفان چتاءُ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا، 35 جنهن مان سندن دلين جا خيال ظاهر ٿي پوندا. تڏهن تو کي ايترو تہ ڏک پهچندو، جو اهو تلوار وانگر تنهنجي دل گھائي ڇڏيندو.“ 36-37 آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ هڪ سنتياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي ناري هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال پتيءَ سان گڏ رهي ۽ پوءِ وڌوا ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن وِرت رکڻ ۽ پرارٿنائون ڪرڻ سان ڀڳتي پئي ڪندي هئي. 38 اها ناري بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ ايشور جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ايشور طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا. ناصرت ڏانهن واپسي 39 يسوع جي ماتا پتا جڏهن موسيٰ جي معرفت پرميشور کان مليل نيم جي فرضن جي پالنا ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا. 40 پوءِ اهو ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. هو سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو ۽ مٿس ايشور جي ڪرپا جي نظر هئي. ننڍپڻ ۾ يسوع مسيح جو هيڪل ۾ وڃڻ 41 يسوع جا ماتا پتا هر سال فصح جي تهوار جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا. 42 جڏهن يسوع ٻارهن سالن جو ٿيو تہ اهي دستور موجب فصح جي تهوار تي اوڏانهن ويا ۽ يسوع ساڻن گڏ هو. 43 جڏهن تهوار جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن موٽڻ لڳا. پر ٻار يسوع يروشلم ۾ رهجي وين ۽ سندس ماتا پتا کي اها سڌ ئي نہ پيئي. 44 انهن سمجھيو پئي تہ هو قافلي سان آهي، سو انهن سڄو ڏينهن سفر ڪيو ۽ پوءِ يسوع کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون. 45 جڏهن انهن کيس نہ لڌو تہ هو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا. 46 ٽئين ڏينهن تي هنن يسوع کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي شاسترين سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين. 47 جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا. 48 سندس ماتا پتا کيس اتي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويا. سو سندس ماتا چيس تہ ”پٽ! تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجو پتا ۽ آءٌ تو کي ڳولي لهڻ لاءِ سخت پريشان هئاسين.“ 49 تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي سڌ نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پتا جي گھر ۾ هوندس؟“ 50 پر اهي سندس اها ڳالهہ سمجھي نہ سگھيا. 51 پوءِ يسوع انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماتا هي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون. 52 يسوع شرير توڙي سياڻپ ۾ وڌندو ويو ۽ کيس ايشور ۽ ماڻهن جو راضپو پڻ حاصل ٿيندو ويو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society