Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 17 - Hindu Sindhi Bible


هم‌وشواسين سان سلوڪ
( متي 18‏:6‏-7 ‏، 21‏-22 ، مرقس 9‏:42 )

1 يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”پاپ ڏانهن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آهن، پر مصيبت آهي انهيءَ لاءِ، جنهن جي هٿان اهڙا سبب پيدا ٿين ٿا.

2 منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو پاپ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.

3 سو خبردار رهو. جيڪڏهن اوهان جي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ مان ڪو اوهان جو ڏوهہ ڪري تہ کيس هدايت ڪريو ۽ جيڪڏهن هو توبهہ ڪري تہ معاف ڪري ڇڏيوس.

4 جيڪڏهن هو ڏينهن ۾ ست دفعا بہ اوهان جو ڏوهہ ڪري ۽ اوهان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’مون کي معاف ڪريو‘ تہ بہ اوهين کيس معاف ڪندا رهو.“


وشواس رکڻ

5 يسوع جي چونڊيل سنتن کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اسان جو وشواس وڌايو.“

6 پرڀوءَ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“


غلام جو فرض

7 ”فرض ڪريو تہ اوهان کي ڪو غلام آهي. هو جڏهن هر ڪاهي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويهي رسوئي کاءُ‘؟

8 بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي رسوئي تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين سيوا ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘

9 ڇا اوهين غلام جو انهيءَ ڪري ٿورو مڃيندا جو هن حڪم موجب ڪم ڪيو؟

10 ساڳيءَ طرح اوهان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آهي، جڏهن اهي پورا ڪريو تڏهن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آهيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض هو، سو ئي اسان ڪيو.‘“


ڏهن ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي چڱو ڀلو ڪرڻ

11 يروشلم ڏانهن ويندي يسوع گليل ۽ سامريہ جي سرحدي علائقن وچان لنگھيو پئي ويو.

12 جڏهن هو هڪڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ تي هو تہ ڏهہ ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا اچي گڏيس. انهن ڪجھہ پرڀرو بيهي

13 وڏي واڪي چيس تہ ”اي يسوع! اي سوامي! اسان تي ديا ڪريو.“

14 هنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاهنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي هو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي ڇٽي پوِتر ٿي پيا.

15 جڏهن انهن مان هڪڙي ڏٺو تہ ”آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آهيان،“ تڏهن وڏي آواز سان ايشور جي مهما ڪندي موٽيو.

16 هو يسوع جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو.

17 تنهن تي يسوع پڇيو تہ ”ڏهہ ئي ڇٽي پوِتر نہ ٿيا آهن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آهن؟

18 ڇا هن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي ايشور جي مهما ڪري؟“

19 پوءِ هن کي چيائين تہ ”اُٿ ۽ هليو وڃ، تنهنجي وشواس تو کي بچايو آهي.“


ايشور جي راڄ جو اچڻ
( متي 24‏:23‏-28 ‏، 37‏-41 )

20 ڪن فريسين يسوع کان پڇيو تہ ”ايشور جو راڄ ڪڏهن ايندو؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”ايشور جي راڄ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي.

21 ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’ڏسو، راڄ هيڏانهن آهي‘ يا وري ’هوڏانهن آهي.‘ حقيقت ۾ ايشور جو راڄ اوهان جي وچ ۾ آهي.“

22 هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جڏهن اوهين منش‌پتر جي موجودگيءَ وارو ڪو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوهين اهڙو ڏينهن نہ ڏسندا.

23 ماڻهو اوهان کي چوندا تہ ’ڏسو، منش‌پتر هيڏانهن آهي. ڏسو، هوڏانهن آهي.‘ پر متان انهن جي ڳالهين تي لڳي اوڏانهن ڊوڙي وڃو.

24 ڏسو، منش‌پتر پنهنجي موٽي اچڻ وقت ائين ظاهر ٿيندو، جيئن کِنوڻ آڪاش ۾ هڪڙي طرف چمڪندي آهي ۽ سندس چمڪاٽ هر طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

25 پر پهريائين منش‌پتر کي ڪيتريون ئي سختيون سهڻيون پونديون ۽ هن زماني جي ماڻهن کان رد ڪيو ويندو.

26 منش‌پتر جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.

27 انهن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا رهيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رهيا. پوءِ اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو ۽ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين.

28 ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو، اهي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رهيا.

29 پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آڪاش مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين.

30 سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنهن وقت منش‌پتر ظاهر ٿيندو.

31 انهيءَ وقت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوٺي تي آهي تہ هن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪو ٻنيءَ ۾ آهي تہ گھر ڏانهن موٽڻ نہ گھرجيس.

32 لوط جي پتنيءَ واري ڳالهہ ياد رکجو.

33 جيڪو بہ پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اها وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اها بچائيندو.

34 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ انهيءَ رات جيڪڏهن ٻہ ماڻهو گڏ هڪ بستري تي ستل هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.

35 جيڪڏهن ٻہ ناريون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون، تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.

36 ٻنيءَ ۾ جيڪڏهن ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.“

37 چيلن پڇيس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪٿي ٿيندو؟“ يسوع وراڻين تہ ”جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan